Shoaib Mangrio Feature Sindhi Revised

Revised 
photo on email
چوٽياري ڊيم جو دلڪش منظر
شعيب احمد مڱريو
چوٽياري ڊيم جيڪو پنهنجي دلڪش منظر سان سياحن جي دل ۾ گهر ڪري ڇڏي ٿو. ان نظاري کي هڪ دفعو ڏسڻ سان ٻيهر ڏسڻ جو دل ڪري ٿو. هن جي منظر ۾ ڪيترين ئي قسمن جي پکين جو سريلو آواز سياحن جي روح ۾ هميشه لاءِ سمائجي وڃي ٿو. اهڙو ماحولياتي منظر جيڪو هوا جي آلودگي کان پاڪ ۽ جاندارن سان ڀريل آهي. جيئن آسمان کي تارا پنهنجي روشني سان  هڪ دل فريب منظر ڏين ٿا. ائين ئي هن ڊيم ڏانهن هجرت ڪري ايل پکي پنهنجي آواز سان مهڪيو ڇڏين ٿا. جيئن آسمان ۾ چنڊ آهي، تيئن ئي چوٽياري  ڊيم ۾ اچڙي ٿر جو ريگستان آهي.
هن ڊيم کي اڇڙي ٿر جو  دروازو به چيو ويندو آهي. چوٽياري ڊيم سانگهڙ کان 35 ڪلوميٽر مفاصلي تي واقع آهي. چوٽياري ڊيم 1994ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو پر هن جي منصوبا بندي ڪافي وقت کان هلندڙ هئي. ڊيم جو ڪم 1998ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر ٿيو 2001ع ۾، هن تي لاڳت 2 کان 2.5 ارب روپين جي آئي. هي ڊيم 7 ديهن تي پکڙيل آهي ان ۾ بقار، مکي، کڏواري، هرڻ ٿري، مٺڙائو، اڪن واري ۽ ڌُٻي 2 جو ڪجھ حصو شامل آهي. جيئن ته هن علائقي ۾ اڳ ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڍنڍون موجود هيون جن ۾ پاڻي  جي سطح وڌائي انهن کي ڊيم جي شڪل ڏني وئي آهي. اهڙين ننڍين وڏين ڍنڍن جو تعداد 120 کن هو، جنهن ۾ مشهور ڍنڍ بقار به شامل آهي. هن ڊيم جي ٺهڻ سان ان علائقي ۾ 215 هاري خاندانن، 250 کان 300 مهاڻا، 150 کان 200 مالوند تڏا ٺاهيندڙ مهاڻا توڙي ٻيا ڪل 554 خاندانن کي معاوضو مليو، ته ڪي وري اڄ ڏينهن تائين گهٽ معاوضي جي ڪري داهيندا آهن. هن ڊيم جو پاڻي عمر ڪوٽ ۽ ڇوڙ تائين وڃي ٿو، ان ڊيم جي ٺهڻ وقت چيو ويو ته هن جي ٺهڻ سان ۽ ان ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي سان پوڻا ٻه لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ٿيندي ۽ اهڙي طرح زرعي معيشت ۾ به اضافو ٿيندو ۽ مڇي جي پيداوار به وڌي ويندي پر ٿيو به ان جي ابتڙ مهاڻا بي يارو مددگار ٿي ويا، زمينون سم جي ور چڙهي ويون ۽ ڀاڳيا چوپايو مال وڪڻي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا اهڙي طرح هتي جي جنهگلي جيوت کي به تمام گهڻو نقصان پهتو ته وري ڪيترائي ماحولياتي ۽ آبهوائي مسئلا به پيدا ٿيا.
چوٽياري ڊيم جي اندر ڪيتريون ئي ڀٽون آهن. جنهن تي سياح رات گذاريندا آهن انهيءَ منظر کي اگر ڏسجي ته لڳندو ته پوري ڪائنات ۾ صرف آئون ۽ منهنجي مٿان ڪارو آسمان ۽ ان ۾ ٻرندڙ جڪ مڪ تارا آهن رات جي بيباق خاموشي ۾ پاڻي جو سريلو آواز ڪنهن محبوبا جي مسڪراهٽ کان گهٽ سڪون نه ڏيندو، ان سان گڏوگڏ اڇڙي ٿر جو الڳ لطف ڏيندو اهڙو دلڪش منظر شايد ئي ڪٿي هجي.
جڏهن آئون چوٽياري ڊيم گهمڻ ويس ۽ ڊيم جي ڪپر تي بيهي نظاري جو لطف پي ورتو ته محسوس ٿيو ته الله انسان کي زندگي جي عظيم نعمت سان نوازيو آهي جيئن پاڻي، مڇي، حلال پکي جيڪي هن ڊيم ۾ موجود آهن. هڪ دوست ٻڌايو ته چوٽياري ڊيم جي پاڻي ۾ ماڻهون رهن ٿا، آئون ٻڌي حيران ٿي ويس جڏهن پاڻ اکين سان ڏسڻ ويس ته ڏٺم ته ماڻهون پاڻي جي وچ ۾ مٽي جي ڀٽن تي گهر ٺاهيون ڪيترين ئي سالن کان رهندا پيا اچن هيٺ پاڻي آهي ۽ مٽي جي ڀٽن تي گهر ٺهيل آهن. دنيا جي تاريخ آهي ته جڏهن به انسان پاڻي جي آس پاس رهيا آهن انهن ڪڏهن به بک ۾ زندگي نه گذاري آهي ڇاڪاڻ جو پاڻي  ۾ الله تمام گهڻيون نعمتون خلقيون آهن ۽ چوٽياري ڊيم ۾ مختلف مڇيون جا قسم ۽ حلال پکي آهن اتان جي ماڻهن لاءِ زمين کي زرخيز ڪرڻ لاءِ پاڻي به موجود آهي، مطلب ته اتان جا ماڻهون مختلف قسمن جي نعمتن سان نوازيل آهن.
اتان جي مهاڻي الله ورائي مالح جو چوڻ هو ته چوٽياري ڊيم سياحن لاءِ هڪ دلڪش منظر جي اڪاسي ڪري ٿو پر اسان مهاڻن لاءِ پيٽ گذر آهي اسين چوٽياري ڊيم مان مڇي ماري پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندا آهيون. وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته حڪومت جي طرفان ڊيم ۾ کاري پاڻي جي ڇڏڻ جي ڪري ڪجھ مڇين جا قسم ختم ٿي رهيا آهن.

.هي ڊيم تمام وڏو آهي جنهن جو اندازو توهان کي هن مان ٿي سگهي ٿو جيئن ته چوٽياري ڊيم 750000 ايڪڙ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو ۽ هي آليشان ڊيم 24300 ايڪڙن جي ايراضيءِ ۾ پکڙيل آهي. ڊبليو ڊبليو ايف جي رپورٽ 2008ع  موجب سنڌ جي ڪينجھر، ڪيٽي بندر، ڪيٽي شاه ۽ پئي فاريسٽ  کان وڌيڪ  چوٽياري ڊيم ۾ پکين جا  113 قسم مليا هئا.  توهان پنهنجي زندگي ۾ سانگهڙ جي مڇي جو ذڪر ته ٻڌو هوندو جيڪا چوٽياري ڊيم جي ڪري مشهور آهي. چوٽياري ڊيم ۾ 53 قسمن جون مختلف مڇيون ملن ٿيون. ڊبليو ڊبليو ايف رپورٽ موجب  هجرت ڪندڙ پکين جو تعداد 6000 کان به وڌيڪ آهي، مقامي ملاحن جي چوڻ موجب روس ۾ ڍنڍن ۾ برف ڄمڻ سان ڪيترا ئي پکي هتي هجرت ڪري ايندا آهن هتي پنهنجا آنا نه ڏيندا آهن ڪجھ ٽائيم گذاري وري واپس هليا ويندا آهن. پر بدقسمتي سان انهن مان ڪيترائي شڪار ٿيو وڃن. جن ۾ وڏي تعداد ۾ آڙي جو شڪار ٿيندو آهي ۽ ٻيو کبٽو شڪارين جو پسنديدا شڪار جيڪو هڪ خوبصورت رتينو  پکي به آهي، جيڪو شڪارين موجب تمام مشڪلاتن سان شڪار ٿيندو آهي ۽ 10 آڙين کان هڪ رتينو وڌيڪ سمجھيو ويندو آهي. پکين جو هجرت ڪري اچڻ جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته هتي مٺي ۽ کاري پاڻي جو موجودگي جنهن جي ڪري هتي پکي هجرت ڪري اچن ٿا. ڊيم اندر رات جو سور ۽ گدڙ جو آواز سياحن جي دل ۾ دهشت ۽ خوف تاري ڪرو ڇڏي ٿو. ان کان علاوه هتي واڳون به هوندا آهن. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ايميزون وانگر هتي توهان کي جنگل، ٻيلو نظر ايندو جيڪو مکي ٻيلي جي نالي سان مشهور آهي. ڊيم تي سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ڊبليو ايف جا ريسٽ هائوس به موجود آهن ۽ سياحن ٽوئر گائيڊ لاءِ مقامي ملاح  به موجود آهن. جيڪي ڊيم جي بابت سٺي ڄاڻ رکن ٿا ۽ توهان جو ٽوئر يادگار ٿي ويندو. 

Feature should be reporting based, personal observations, interesting comments by related people,
basic purpose of feature is to entertain, though it provides information. Put some story, or some thing interested
Its format is of article not of feature.
Pls refer notes on feature.
Referred back, send it again till August 16 

Put this as quote from Nawaz Kumbhar: 

جيئن ته ھن علائقي ۾ اڳ ۾ ئي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڍنڍون موجود ھيون، جن ۾ پاڻي جي سطح وڌائي، انھن کي ڊيم جي شڪل ڏني وئي. اھڙين ننڍين وڏين ڍنڍن جو تعداد 120 کن ھو، جنھن ۾ مشھور ڍنڍ بقار به شامل ھئي. ھن ڊيم جي ٺھڻ سان ان علائقي ۾ آباد 215 ھاري خاندان، فشرمين 250 کان 300، مالوند 150/200، تڏا ٺاھيندڙ مھاڻا توڙي ٻيا ڪُل 554 خاندان متاثر ٿيا. جن مان ڪن کي گھٽ يا وڌ معاوضو مليو، ته ڪي وري اڄ ڏينھن تائين ان لاءِ داھيندا وتن. ھي ڊيم جنھن جو پاڻي عمرڪوٽ ۽ ڇور تائين وڃي ٿو، ان جي ٺھڻ وقت چيو ويو ته ھن جي ٺھڻ سان ۽ ان ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻي سان پوڻا ٻه لک ايڪڙ وڌيڪ زمين آباد ٿيندي ۽ اھڙي طرح زرعي معيشت ۾ به اضافو ٿيندو ته مڇي جي پيداوار به تمام گھڻي وڌي ويندي. پر ٿيو بلڪل ان جي اُبتڙ. مھاڻا بي يارو مددگار ٿي ويا. زمينون سم جي ور چڙھي ويون ۽ ڀاڳيا چوپايو مال وڪڻي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا. اھڙي طرح ھتي جي جھنگلي جيوت کي به تمام گھڻو نقصان پھتو ته وري ڪيترائي ماحولياتي ۽ آبھوائي مسئلا به پيدا ٿيا.
...........................................................................

Also add 
چوٽياري ڊيم  1994ع  ۾ ٺھڻ شروع ٿيو، پر ھن جي منصوبابندي ڪافي وقت کان ھلندڙ ھئي.  ڊيم جو ڪم 1998 ۾ مڪمل ٿيڻو ھو، پر ٿيو 2001 ۾. ھن تي لاڳت 2 کان 2.5 ارب روپين جي آئي. ھي ڊيم 7 ديھن تي پکڙيل آھي. جنھن ۾ بقار، مکي، کڏواري، ھرڻ ٿري، مٺڙائو،  
اڪن واري ۽ ڌُٻي 2 جو ڪجھه حصو شامل آھي.
............................................
                           چوٽياري ڊيم جو دلڪش منظر 
شعيب احمد مڱريو
چوٽياري ڊيم جيڪو پنهنجي دلڪش منظر سان سياحن جي دل ۾ گهر ڪري وٺي جيڪو به اچي ته ٻيهر اچڻ چاهي هن جي منظر ۾ ڪيترائي قسمن جا پکي جن جي آواز سياحن لاءِ هميشه لاءِ ڪنن ۾ سمائجي وڃي اهڙو ماحولياتي منظر جيڪو هوا جي آلودگي سان پاڪ ۽ جيوتن سان ٿريل آهي. جيئن آسمان کي تارا پنهنجي روشني سان  هڪ دل فريب منظر ڏين ٿا ان واڳر ئي هن ڊيم کي هجرت ڪري ايل پکي آواز سان مهڪيو ڇڏين ٿا. آسمان ۾ جيئن چنڊ آهي ته ان واڳر  هن ڊيم ۾ واري اچڙي ٿر جو ريگستان آهي. ڊيم جي اندر ڪيترن ئي ننڍن ننڍن زخيرن جي توهان رات گذاريندا ته ئي محسوس ٿيندو ته تارا ۽ ٻيو صرف توهان ئي موجود آهيو ۽ رات جي بيباق خاموشي ۾ پاڻي جو آواز۽ اڇڙي ٿر جي الـڳ لطف ڏيندي جيڪو چوٽياري ڊيم کانسوءِ شايد ٻيو ڪٿي هجي. جيڪي ملي ڪري هن ڊيم مالامال ٿا ڪري ڇڏين.
چوٽياري ڊيم سانگهڙ کان 35 ڪلوميٽر مفاصلي تي واقع آهي  هن کي اڇڙي ٿر جو  دروازو به چيو ويندو آهي هن ڊيم کي 2002ع ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ ٺهرايو ويو هو ان کان اڳ هتي ننڍن ننڍن ڍنڍون موجود هيون ۽ مکي ٻيلو هو. هي ڊيم ڪيترو اعلي شان آهي ان جو ڳالهه جواندازو هن مان توهان کي ٿي ويندو ته 750000 ايڪڙ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش رکي ٿو ۽ هي اعلي شان ڊيم 24300 ايڪڙن جي ايراضيءِ ۾ پکڙيل آهي ڊبليو ڊبليو ايف جي رپورٽ 2008ع  موجب سنڌ جي ڪينجھر، ڪيٽي بندر، ڪيٽي شاه ۽ پئي فاريسٽ  کان وڌيڪ  چوٽياري ڊيم ۾ پکين جا  113  مليا هئا.  توهان پنهنجي زندگي ۾ سانگهڙ جي مڇي جو زڪر ته ٻڌو هوندو جيڪا پڻ چوٽياري ڊيم جي ڪري مشهور آهي هن ڊيم 53 قسمن جو مختلف مڇيون ملن ٿيون. ڊبليو ڊبليو ايف رپورٽ موجب  هجرت ڪندڙ پکين جو تعداد 6000 کان به وڌيڪ آهي مقامي ملاحن موجب روس ۾ ڍنڍن ۾ برف ڃمڻ سان هتي هجرت ڪري ايندا آهن ۽ هتي پنهنجا انا نه ڏيندا آهن ۽ واري واپس هليا ويندا آهن . پر بدقسمتي سان انهن مان ڪيترائي شڪار ٿيو وڃين. جن ۾ وڏي تعداد ۾ آڙي جو شڪار ٿيندو آهي ۽ ٻيو کبٽو ۽ شڪارين جو پسنديدا شڪار جيڪو هڪ خوبصورت رتينو  پکي به آهي جيڪو شڪارين موجب تمام مشڪلاتن سان شڪار ٿيندو آهي ۽ 10 آڙين کان هڪ رتينو وڌيڪ سمجھيو ويندو آهي. پکين جو هجرت ڪري اچڻ جو وڏو ڪرڻ اهو به آهي جو هتي مٺي ۽ خاري پاڻي جو موجود هجڻ آهي جنهن جي ڪري هتي پکي هجرت ڪري اچن ٿا. ڊيم اندر رات جو سور ۽ گدڙ جو آواز سياحن جي دل ۾ خوف رکيو ڇڏين ان کان علاوه هتي وڳون به هوندا آهن. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ عيمازون واڳر هتي توهان کي جنگ نظر ايندو جيڪو مکي ٻيلو نالي سان مشهور آهي. ڊيم تي سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ڊبليو ايف جا ريسٽ هائوس به موجود آهن ۽ سياحن ٽوئر گائيڊ لاءِ مقامي ملاح موجود آهن.  جيڪي ڊيم جي بابت سٺي ڄاڻ رکن ٿا ۽ توهان جي ٽوئر کي  هي منظر يادگار ڪري ڇڏيندا.


شعيب احمد مڱريو
بي ايس پارٽ III
2K17/MC/92 رول نمبر

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article