Ahsan Jakhro Feature Sindhi revised published

ڪوٽ ڏجي جو قلعو
سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي سنڌ جي شانوشوڪت ۽ عظيم ثقافت جون نشانيون آهن، ڪوٽ ڏجي جو قلعو به انهن نشانين مان هڪ عظيم نشاني آهي.
جڏهن مان ان قلعي تي پهتس ته ڏسي حيران ٿي ويس ته ايڏو وڏو۽ آليشان قلعو جيڪو تمام ٿلهن ۽ مضبوط ديوارن سان ٺهيل آهي ۽ ان ۾هڪ وڏو ۽ مضبوط در لڳل آهي جنهن ۾ نوڪدار سوئا لڳل ڏٺم ته ذهن به سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته هي سوئا آخر ڪار ڇو لڳايا ويا؟  ۽ جيئن ئي اڳتي وڌيم ۽ قلعي جي پهرين حصي ۾ داخل ٿيم ته اتي صرف عام سپاهن يعني تلوار بازن جي رهڻ ۽ پهريدارن جي لاءِ مورچا ئي ڏسڻ ۾ آيا. ۽ ان کان علاوه هيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته قلعي جي پهرين حصي کان ٻئي مٿين حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪو در لڳل آهي جيڪو وري پهرين در جي سامهون کليل ميدان تي نه پر ٿوري اوچائي تي قلعي جي هڪ ڪنڊ واري حصي کان وڪڙ ۾ لڳل آهي، هالان ڪي سامهون در هئڻ سان ماڻهون با آثاني سان قلعي جي ٻئي مٿين حصي ۾ داخل ٿي سگھي ٿو، اتان جي هڪ ماهر رهاڪو کان پڇڻ تي جواب مليو ته هي جيڪي سوئا در ۾ لڳل آهن اهي جنگ جي وقت لاءِ لڳايا ويا هئا ته جيئن حملي جي وقت دشمن در کي هاٿيءَ جي مدد سان ٽوڙي نه سگھن ۽ وري هي در ايترو ته مضبوط آهي جو هن کي هٿ يا ڪنهن ڪاٺي جي وڏي ٽڪڙي جي مدد سان ٽروڙڻ لڳڀڳ ناممڪن آهي. ۽ ٻيو در جيڪو قلعي جي مٿين ۽ ڪنڍ واري حصي ۾ ٺهيل آهي ان جي باري ۾ ٻڌايو ته هي ان ڪري اهڙي طريڪي سان ٺاهيو ويو هو ته جيئن اگر دشمن قلعي جي اندر پهرين حصي ۾ داخل ٿي ٿا وڃن ته ٻيو در ڀڃي نه سگھن، ڇو جو ته ان ايتري ننڍي ۽ اوچائي واري جاءِ ۾ گھڻن ماڻهن جو زوز لڳي ڪون سگھندو. ۽ وري قلعي جي مٿين ٻئي حصي ۾ به سپاهن جي رهڻ، توبون رکڻ ۽ تير اندازن جي لاءِ مورچا پڻ ٺهيل آهن. ۽ وري قلعي جو ٽيون حصو جيڪو تمام آليشان ۽ خوبصورت ٽهيل آهي جتي صرف ميرن حڪمرانن جي رهڻ جي جاءِ ٺهيل آهي ۽ قلعي جي مٿين حصي ۾ هڪ درٻار پڻ ٺهيل آهي جتي فيصلا ڪيا ويندا هئا.
۽ وڌيڪ هن قلعي جي تاريخ ٻڌائيندي چيائين ته ڪوٽ ڏجي جو قلعو به سنڌ جي ٻين قلعن مثال طور رني ڪوٽ جو قلعو ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي وانگر هڪ عظيم تاريخ رکي ٿو. ڪوٽ ڏجي جو قلعو به حيدرآباد جي پڪي قلعي وانگر جبل جي ٽڪري تي تعمير ٿيل آهي، هي قلعو ٽالپر حڪمران مير سهراب خان ٽالپر 1830ع ۾ اڏايو ۽ هن قلعي جي ڊيگھ 600 فوٽ، ويڪر 400 فوٽ، اوچائي 70 فوٽ ۽ زمين کان 40 فوٽ بلندي تي آهي.
ايڏو وڏو ۽ آليشان قلعو تعمير ڪرڻ ڪو آثان ڪم ڪون آهي، هن قلعي جي اڏاوت 1803ع کان شروع ٿي ۽ 1830ع ۾ مڪمل ٿي يعني هي قلعو اٽڪل ستاويهه سالن ۾ جڙي راس ٿيو. جيڪو خيرپور ميرس جي شهر کان ڏکڻ طرف 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ هن قلعي جي اڏاوت لاءِ مير سهراب خان ٽالپر ٿر جي علائقي مان مزدور گھرايا جنهن کي هر روز جوئر جي ان جي هڪ ٻاٽي معاوضي طور ڏني ويندي هئي. هن کي پهريان قلعو احمدآباد جو نالو ڏنو ويو ۽ هي قلعو ايترو ته وڏو آهي جو هن قلعي تي هڪ وقت اٽڪل هڪ سئو توبون رکي سگھجن ٿيون.
1955ع کان 1956ع ۾ جڏهن هن قلعي تي تحقيق ڪئي وئي ته قلعي جي ڀرسان پنج هزار سال پراڻا آثار کوٽي لڌا ويا ۽ اهي آثار ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، هڪ حصي ۾ قلعي جي بلند ديوار ۽ ٻي حصي ۾ شهر.
هن قلعي اندر مير حڪمران ۽ لشڪر کان سواءِ ٻيا اهي ماڻهون هوندا هئا جنهن سزا ڏئي ڪوٽ جي مٿان چاڙهيو ويندو هو. هن قلعي جو هڪڙو مهاورو تمام گھڻو مشهور هوندو هو ته (اڙي چاڙهيوس ڪوٽ تي!)  جيڪو خيرپور ميرس جي ٽالپور حڪمرانن طرفان ڪنهن ڏوهي کي سزا ڏيڻ لاءِ چيو ويندو هو. ۽ ڏسجي ته هي قلعو اڄ به اوڏي ئي مضبوطي سان بيٺل آهي  ۽ هتي نه رڳو ڏهاڙن تي رش ٿيندي آهي پر هر عام ڏينهن تي نه سياحن جي اچ وڃ لڳي رهندي آهي.
قلعي ۾ ڪجھ نيون شيون پڻ ڏسڻ ۾ آيون جيئن پهرين حصي کان ٻئي حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڙيون نئي دور جي حصاب واريون ٺاهيون ويون آهن ته جيئن سياح آثاني سان قلعي تي چڙهي سگھن. ۽ هن قلعي ۾ هينئر آثاري قديمه جي منسٽر سيد سردار شاهه جي طرفان قلعي جي ڪنهن به شيءِ جي مرمت ناهي ڪرائي وئي حالاڪي قلعي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ۽ ڪيترائي اهڙا حصا آهن جنهن کي مرمت جي صخت ضرورت آهي.
جي اگر اسين ايئين اي لاپرواهي ڏيکاري ۽ پنهنجن تاريخي ماڳن جي حفاظت نه ڪئي ته اهي ڪجھ وقت ۾ ڍرهي ناس ٿي ويندا ۽ انهن جي ڍرهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کان انهن جي پراڻي ۽ شاندار تاريخ پڻ وسرڻ لڳندي ۽ سياڻا چئي ويا آهن ته جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهندي آهي ته پوءِ اها قوم تباهي جي طرف وڌڻ شروع ڪندي آهي.
نالو؛ احسن ياسين جکرو
رول نمبر؛9

.File anme is wrong, u are editor, u should know what is a feature and what is article
Not reporting based

نالو؛ احسن ياسين جکرو

ڪوٽ ڏجي جو قلعو
سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي سنڌ جي شانوشوڪت ۽ عظيم ثقافت جون نشانيون آهن، ڪوٽ ڏجي جو قلعو به انهن نشانين مان هڪ عظيم نشاني آهي.
ڪوٽ ڏجي جو قلعو به سنڌ جي ٻين قلعن مثال طور رني ڪوٽ جو قلعو ۽ حيدرآباد جي پڪي قلعي وانگر هڪ عظيم تاريخ رکي ٿو. ڪوٽ ڏجي جو قلعو به حيدرآباد جي پڪي قلعي وانگر جبل جي ٽڪري تي تعمير ٿيل آهي، هي قلعو ٽالپر حڪمران مير سهراب خان ٽالپر 1830ع ۾ اڏايو ۽ هن قلعي جي ڊيگھ 600 فوٽ، ويڪر 400 فوٽ، اوچائي 70 فوٽ ۽ زمين کان 40 فوٽ بلندي تي آهي.
ايڏو وڏو ۽ آليشان قلعو تعمير ڪرڻ ڪو آثان ڪم ڪون آهي، هن قلعي جي اڏاوت 1803ع کان شروع ٿي ۽ 1830ع ۾ مڪمل ٿي يعني هي قلعو اٽڪل ستاويهه سالن ۾ جڙي راس ٿيو. جيڪو خيرپور ميرس جي شهر کان ڏکڻ طرف 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ هن قلعي جي اڏاوت لاءِ مير سهراب خان ٽالپر ٿر جي علائقي مان مزدور گھرايا جنهن کي هر روز جوئر جي ان جي هڪ ٻاٽي معاوضي طور ڏني ويندي هئي. هن کي پهريان قلعو احمدآباد جو نالو ڏنو ويو ۽ هي قلعو ايترو ته وڏو آهي جو جو هن قلعي تي هڪ وقت اٽڪل هڪ سئو توبون رکي سگھجن ٿيون ۽ قلعي ۾ ٽي وڏا ۽ مضبوط در لڳل آهن جنهن ۾ لوهه جا وڏا ۽ نوڪدار سوئا پڻ لڳل آهن.
1955ع کان 1956ع ۾ جڏهن هن قلعي تي تحقيق ڪئي وئي ته قلعي جي ڀرسان پنج هزار سال پراڻا آثار کوٽي لڌا ويا ۽ اهي آثار ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، هڪ حصي ۾ قلعي جي بلند ديوار ۽ ٻي حصي ۾ شهر.
هن قلعي اندر مير حڪمران ۽ لشڪر کان سواءِ ٻيا اهي ماڻهون هوندا هئا جنهن سزا ڏئي ڪوٽ جي مٿان چاڙهيو ويندو هو. هن قلعي جو هڪڙو مهاورو تمام گھڻو مشهور هوندو هو ته (اڙي چاڙهيوس ڪوٽ تي!)  جيڪو خيرپور ميرس جي ٽالپور حڪمرانن طرفان ڪنهن ڏوهي کي سزا ڏيڻ لاءِ چيو ويندو هو. ۽ ڏسجي ته هي قلعو اڄ به اوڏي ئي مضبوطي سان بيٺل آهي  ۽ هتي نه رڳو ڏهاڙن تي رش ٿيندي آهي پر هر عام ڏينهن تي نه سياحن جي اچ وڃ لڳي رهندي آهي.
جڏهن مان ان قلعي تي پهتس ته ڏسي حيران ٿي ويس ته ايڏو وڏو در ۽ ان ۾ نوڪدار سوئا ته ذهن به سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ته هي سوئا آخر ڪار ڇو لڳايا ويا؟  ۽ جيئين اي اڳتي وڌيم ۽ قلعي جي پهرين حصي ۾ داخل ٿيم ته اتي صرف عام سپاهن يعني تلوار بازن جي رهڻ ۽ پهريدارن جي لاءِ مورچا اي ڏسڻ آيا. ۽ ان کان علاوه هيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته قلعي جي پهرين حصي کان ٻئي مٿين حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪو در لڳل آهي جيڪو وري پهرين در جي سامهون کليل ميدان تي نه پر ٿوري اوچائي تي قلعي جي هڪ ڪنڊ واري حصي کان وڪڙ ۾ لڳل آهي، هالان ڪي سامهون در هئڻ سان ماڻهون با آثاني سان قلعي جي ٻئي مٿين حصي ۾ داخل ٿي سگھي ٿو، اتان جي هڪ ماهر رهاڪو کان پڇڻ تي جواب مليو ته هي جيڪي سوئا در ۾ لڳل آهن اهي جنگ جي وقت لاءِ لڳايا ويا هئا ته جينئن حملي جي وقت دشمن در کي هاٿيءَ جي مدد سان ٽروڙي نه سگھي ۽ وري هي در ايترو ته مضبوط آهي جو هن کي هٿ يا ڪنهن ڪاٺي جي وڏي ٽڪڙي جي مدد سان ٽروڙڻ لڳڀڳ ناممڪن آهي. ۽ ٻيو در جيڪو در جيڪو قلعي جي مٿين ۽ ڪنڍ واري حصي ۾ ٺهيل آهي ان جي باري ۾ ٻڌايو ته هي ان ڪري اهڙي طريڪي سان ٺاهيو ويو هو ته جيئن اگر دشمن قلعي جي اندر پهرين حصي ۾ داخل ٿي ٿو وڃي ته ٻيو در ڀڃي نه سگھن، ڇو جو ته ان ايتري ننڍي جاءِ ۾ گھڻن ماڻهن جو زوز لڳي ڪون سگھندو. ۽ وري قلعي جي مٿين ٻئي حصي ۾ به سپاهن جي رهڻ، توبون رکڻ ۽ تير اندازن جي لاءِ مورچا پڻ ٺهيل آهن. ۽ وري قلعي جو ٽيون حصو جيڪو تمام آليشان ۽ خوبصورت ٽهيل آهي جتي صرف ميرن حڪمرانن جي رهڻ جي جاءِ ٺهيل آهي ۽ قلعي جي مٿين حصي ۾ هڪ درٻار پڻ ٺهيل آهي جتي فيصلا ڪيا ويندا هئا.
قلعي ۾ ڪجھ نيون شيون پڻ ڏسڻ ۾ آيون جيئن پهرين حصي کان ٻئي حصي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڙيون نئي دور جي حصاب واريون ٺاهيون ويون آهن ته جيئن سياح آثاني سان قلعي تي چڙهي سگھن. ۽ هن قلعي ۾ هينئر آثاري قديمه جي منسٽر سيد سردار شاهه جي طرفان قلعي جي ڪنهن به شيءِ جي مرمت ناهي ڪرائي وئي حالاڪي قلعي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ۽ ڪيترائي اهڙا حصا آهن جنهن کي مرمت جي صخت ضرورت آهي.
جي اگر اسين ايئين اي لاپرواهي ڏيکاري ۽ پنهنجن تاريخي ماڳن جي حفاظت نه ڪئي ته اهي ڪجھ وقت ۾ ڍرهي ناس ٿي ويندا ۽ انهن جي ڍرهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کان انهن جي پراڻي ۽ شاندار تاريخ پڻ وسرڻ لڳندي ۽ سياڻا چئي ويا آهن ته جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهندي آهي ته پوءِ اها قوم تباهي جي طرف وڌڻ شروع ڪندي آهي.
نالو؛ احسن ياسين جکرو
رول نمبر؛ 2k17/MC/9

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article