Article Abdul Hafeez Bhutto - Magazine
Revised
Selected for Magazine
Ur this piece is taken for magazine, here 1000 words are required.
Did he carry instructions? High court and supreme court has also taken up case of forest, Go thru those news and updated figures from newspaper
Selected for Magazine
Extended روائيزڊ آرٽيڪل
عبدالحفيظ ڀٽو
(بي_ايس_پارٽ
ٿري سيمسٽر ٻيو رول نمبر (2k17_mc_2)
سنڌ ۾ وڻن ۽ ٻيلن جو تيزيءَ سان خاتمو
ٻيلا وڻ ۽ جهنگلات قدرت جي طرف کان مليل اهڙا
فطري حسين نظارا آهن، جن جو انساني معاشري ۽ عالمي معيشت سان تمام گهرو تعلق آهي، جيڪي ڪنهن به ملڪ لاءِ ان جي ريڙهه
واري هڏي جي حيثيت رکن ٿا. ٻيلا ماحولياتي نظام ۽ آبهوا کي مستحڪم رکڻ ۽ ان کان علاوه
جانورن ۽ ٻين جاندارن جي حفاظت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن ڪري اسان جو فرض آهي ته اسين هن انمول موجوده وسائل جو
صحيح استعمال ڪري اچڻ وارن نسلن
جي لاءِ ٻيلن ۽ وڻن جي حفاظت
ڪريون. اها ڳالهه واضع آهي ته پاڪستان جو ٻيو وڏي آبادئ وارو صوبو سنڌ آهي، جيڪو ٻيلن
۽ وڻن جي ڪٽائي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. بدقسمتي سان سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ ٻيلن جي ڪٽائي وارو عمل هڪ وائرس جيان پکڙجي ويو آهي، جيڪو سنڌ صوبي جي خوبصورتي ۽ ان
سان گڏوگڏ ماحول کي وڏي پيماني تي نقصان پهچائي رهيو آهي. سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ وڏي
پيماني تي وڻن جي ڪٽائي وارو هي عمل اچڻ وارين نسلن جي لاءِ پڻ هڪ مستقبل جي تاريخ
جوڙي رهيو آهي. سنڌ اندر ٻيلي کاتي ۾ تباهيءَ جو ڪارڻ ڪجهه با اثر شخصيتون ۽ سياسي
مداخلتون آهن، جيڪي پنهنجي زور ۽ ڏاڍ سان انهن ٻيلن وارين زمينن تي قبضا ڪري
پنهنجي مرضي مطابق گهر ۽ پنهنجي ذاتي ڪمن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
اهڙي طرح سال (2018) جي ڊان اخبار ۾آيل هڪ
رپورٽ مطابق موهن جو دڙو ايئرپورٽ ويجهو گاجي ٻيلو جيڪو هڪ سرسبز ۽ شاداب سوين
ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هڪ جهنگل آهي، جنهن جو وڏو حصو غيرقانوني طور زميندارن جي قبضي هيٺ آهي، جتي انهن
پنهنجا آستانا اڏيا آهن ۽ ٻيلي جي زمينن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه رستن سان ڳنڍيل ڪجهه حصن کي
ڳري قيمتن تي فروخت ڪري رهيا آهن. جڏهن اتان جي رهواسين ٻيلي کاتي واري زمينن تي
غيرقانوني قبضي خورن بابت ڏوڪري جي ٻيلي کاتي جي آفيسرن کي اطلاح ڪيو، جنهن تي انهن چيو اسان وٽ
انهن قبضي
خورن کي هٽائڻ لاءِ ڪو اختيار نه آهي. هن ٻيلي ۾ وڏا وڏا وڻ موجود هئا جيڪي پکين ۽
جهنگلي جانورن کي پناهه فراهم ڪندا هئا، ان کان علاوه هتي برطانوي حڪومت جي دوران
هن ٻيلي ۾ واٽر ڪورس پڻ موجود هوندا هئا جيڪي هاڻي تباهه ٿي ويا، ٻيو ته اتان جي
ويجهي علائقي وارن رهواسين کي هن ٻيلي مان ڪاٺيون ۽ ماکي ملندي هئي، پر افسوس ٻيلي
جي ڪٽائي سبب اهي ماڻهو انهن سمورن وسائل کان محروم ٿي ويا، سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هن علائقي جي درجه
حرارت ۾ پڻ اضافو ٿيو.
سنڌ ۾ ضلعي
خيرپور ميرس جي ڪچي وارن علائقن ۾ پڻ وڏي تيزيءَ سان وڻن جي ڪٽائي جاري آهي، جنهن ۾
ڏٺو وڃي ته اڄ کان ڏهه سال پهرين ننڍا وڏا ڪئنال، واهه جن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جو
گهاٽو مقدار موجود
هوندو هيو، اڄ انهن جاين تي هڪ به وڻ موجود نظر نه اچي رهيو آهي، جن کي اتان جي رهواسين
۽ ڪجهه بيلدار، داروغن، سرڪاري ملازمن پاڻ ۾ملي ڀڳت ڪري انهن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي اڄ تائين حڪومت جي
طرفان انهن وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي بابت ڪا به جاچ وغيره يا ڪو به ردعمل ظاهر ڪونه
ٿيو آهي. ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سنڌ ۾ ريگستاني ايراضي کي ڪافي حد تائين وڌائي ڇڏيو
آهي.
حڪومت جي ڳڻپ واري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ وڏي
پيماني تي وڻن جي ڪٽائي (1979) کان (2010) جي دوران ٿي آهي، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي دريائن
وارا ٻيلا، سکر ۽ شڪارپور (0.72) فيصد جڏهن ته لاڙڪاڻو دادو ۽ خيرپور ۾ (2.93) فيصد
ٻيلا متاثر ٿيا هئا. پوئين ٽن ڏهاڪن ۾ ٻيلن جي ڪٽائي سنڌ صوبي کي وڏي پيماني تي ٻيلن
جي وڏي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه (30) سالن جي عرصي جي دوران
(10) لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ
ڪرڻ تي مجبور ٿيا، ماحولياتي سرگرمين ۾ وڏي حد تائين تبديلي، موسمياتي ۽ آبهوا جي تبديلين
صوبي جي حساسيت کي خطرناڪ حد
تائين وڌائي ڇڏيو آهي. اقوام متحده ۽ عالمي ادارا صحت جي معيار مطابق هڪ پائيدار ملڪ
۽ بهتر معيشت جي لاءِ ڪنهن به ملڪ يا صوبي کي ان جي ڪل ايراضيءَ مان (25) فيصد
ٻيلن جي ايراضي هجڻ ضروري آهي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي(23.10) فيصد
کان به گهٽ آهي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻيلا تمام مختصر آهن.
اهڙي طرح (31) آڪٽوبر (2018) جي بزنس رڪارڊر
نيوز اخبار جي هڪ رپورٽ مطابق 145،000 ايڪڙ ايراضي غيرقانوني قبضن هيٺان آهي، جڏهن ته (70000) ايڪڙ ايراضي غيرقانوني
طور الاٽ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته غيرقانوني الاٽمينٽ روينيو کاتي طرفان ڪئي وئي آهي، جنهن تي چيو ويو ته عدالت
غيرقانوني الاٽمينٽ منسوخ ڪرڻ، روينيو کاتي ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪري.
ان کان علاوه هن ۾ انتهائي با اثر شخصيتون ملوث آهن جنهن ڪري حڪومت ٻيلن مان قبضا
خالي ڪرائڻ ۾اڃا تائين ناڪام آهي. ٻيلي کاتي جي ايراضي تي قبضي بابت درخواست گذار
وڌيڪ دستاويزات بطور ثبوت پيش ڪيا هئا، جنهن جي بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پاڻ
مٽياري ٻيلي ۾ (561) ايراضي تي قبضي ڪرڻ ۾ ملوث آهي، سيڪريٽري ٽيڪنيڪي جنگلات به
روهڙي ٻيلي جي (150) ايڪڙ جي ايراضي تي قبضا ڪيا آهن.
ان کانپوءِ (2) جنوري (2019) دي سيشن نيوز
اخبار جي رپورٽ مطابق چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ٻيلي کاتي جي زمين تي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ريمارڪس
ڏنا هيا، اگر صوبائي حڪومت (70000) ايڪڙ زمين غيرقانوني قرار ڏئي رهيو آهي، ته الاٽمينٽ
منسوخ ڇو نه ڪري سگهيو آهي. دي ايڪسپريس نيوز اخبار جي رپورٽ مطابق سنڌ حڪومت ڪجهه
سياسي ۽ با اثر ماڻهن کان ٻيلي کاتي واري غيرقانوني زمين جي وصولي کان بيوس لڳي رهي آهي.
ٻيلن جي حفاظت ۽ وڻن جي ڪٽائي نه رڪجڻ تي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت سنڌ سان
ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. ((IUCN جي رپورٽ مطابق ماحولياتي ۽ آبهوا ۾ تبديلي ۽ انساني سرگرمين جي وجه ريگستاني،
صحرائي ايراضي کي
جنم ڏيڻ آهي.
جيڪڏهن
حڪومت اڃا به غفلت جي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندي ته سنڌ ۾ وڻن جي ڪٽائي جي تيز رفتار
سنڌ کي ڪجهه سالن ۾ ٻيلن ۽ جهنگلات جي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيندي. جنهن ڪري سنڌ
حڪومت کي ٻيلي کاتي جي ايراضيءَ مان وڻن جي ڪٽائي کي روڪڻ جي لاءِ مناسب اقدامات
کڻڻ گهرجن، جن ۾ ٻيلن مان غيرقانوني ڪٽائي ڪرڻ وارن ، قبضا خورن خلاف سخت ڪاروائي
ڪرڻ گهرجي. اڄ به دنيا ڪيترا ئي اهڙا ملڪ
موجود آهن جتي وڻن جي ڪٽائي جي لاءِ به قانون ٺهيل آهن جنهن ۾ اهي هڪ وڻ ڪٽڻ جي
بدلي ۾ ان جي جاءِ تي پنج وڻ ٻيا لڳائيندا آهن ته جيئن ٻيلن ۾ ڪمي اچڻ جي بجاءِ
انهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي. اهڙي طرح ٻيلي
کاتي ۾ اضافي جي لاءِ اهڙا مناسب عمل جوڳا قانون، پاليسيون ۽ نرسريز قائم ڪيون وڃن
جنهن سان ٻيلن جي ڪٽائي تي ضابطو آڻي
سگهجي ته جيئن ٻيلي جي ايراضي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي. ان کان علاوه ٻيلي کاتي واري عملي تي پڻ نظر ثاني ڪئي وڃي ته جيئن ٻيلن،
وڻن، ۽ جهنگلات جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي.
Ur this piece is taken for magazine, here 1000 words are required.
Pls expand this piece to 1000 words, and send till Sep 14.
U are in Editorial board
...................................................Did he carry instructions? High court and supreme court has also taken up case of forest, Go thru those news and updated figures from newspaper
روائيزڊ آرٽيڪل
عبدالحفيظ ڀٽو
(بي_ايس_پارٽ ٿري سيمسٽر ٻيو رول نمبر (2k17_mc_2)
سنڌ ۾ وڻن ۽ ٻيلن جو
تيزيءَ سان خاتمو
ٻيلا وڻ ۽ جهنگلات قدرت
جي طرف کان مليل فطري حسين نظارا آهن، جن جو انساني معاشري ۽ عالمي معيشت سان تمام گهرو تعلق آهي، ٻيلا ماحولياتي نظام ۽ آبهوا کي مستحڪم
رکڻ ۽ ان کان علاوه جانورن ۽ ٻين جاندارن جي حفاظت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن
ڪري اسان جو فرض آهي ته اسين هن انمول
موجوده وسائل جو صحيح استعمال ڪري اچڻ وارن نسلن جي لاءِ ٻيلن ۽ وڻن جي حفاظت ڪريون. اها ڳالهه واضع آهي ته پاڪستان
جو ٻيو وڏي آبادئ وارو صوبو سنڌ آهي، جيڪو ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. بدقسمتي سان سنڌ جي ساحلي پٽي ۾
ٻيلن جي ڪٽائي وارو عمل هڪ وائرس جيان پکڙجي
ويو آهي،
جيڪو سنڌ صوبي جي
خوبصورتي ۽ ان سان گڏوگڏ ماحول کي وڏي پيماني تي نقصان پهچائي رهيو آهي. سنڌ جي ساحلي
پٽي ۾ وڏي پيماني تي وڻن جي ڪٽائي وارو هي عمل اچڻ وارين نسلن جي لاءِ پڻ هڪ
مستقبل جي تاريخ جوڙي رهيو آهي. سنڌ اندر ٻيلي کاتي ۾ تباهيءَ جو ڪارڻ ڪجهه با اثر
شخصيتون ۽ سياسي مداخلتون آهن، جيڪي پنهنجي زور ۽ ڏاڍ سان انهن ٻيلن وارين زمينن تي
قبضا ڪري پنهنجي مرضي مطابق گهر ۽ پنهنجي ذاتي ڪمن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اهڙي
طرح سال (2018) جي ڊان اخبار ۾آيل هڪ رپورٽ مطابق موهن جو دڙو ايئرپورٽ ويجهو گاجي
ٻيلو جيڪو هڪ سرسبز ۽ شاداب سوين ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هڪ جهنگل
آهي، جنهن جو وڏو حصو غيرقانوني طور زميندارن جي قبضي هيٺ آهي، جتي انهن پنهنجا
آستانا اڏيا آهن ۽ ٻيلي جي زمينن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه رستن سان ڳنڍيل ڪجهه حصن کي ڳري
قيمتن تي فروخت ڪري رهيا آهن. جڏهن اتان جي رهواسين ٻيلي کاتي واري زمينن تي غيرقانوني
قبضي خورن بابت ڏوڪري جي ٻيلي کاتي جي آفيسرن
کي اطلاح ڪيو، جنهن تي انهن چيو اسان وٽ انهن قبضي خورن کي هٽائڻ لاءِ ڪو اختيار نه آهي.
هن ٻيلي ۾ وڏا وڏا وڻ موجود هئا جيڪي پکين ۽ جهنگلي جانورن کي پناهه فراهم ڪندا
هئا، ان کان علاوه هتي برطانوي حڪومت جي دوران هن ٻيلي ۾ واٽر ڪورس پڻ موجود هوندا
هئا جيڪي هاڻي تباهه ٿي ويا، ٻيو ته اتان جي ويجهي علائقي وارن رهواسين کي هن ٻيلي
مان ڪاٺيون ۽ ماکي ملندي هئي، پر افسوس ٻيلي جي ڪٽائي سبب اهي ماڻهو انهن سمورن
وسائل کان محروم ٿي ويا، سنڌ جي ٻين
علائقن جي ڀيٽ ۾ هن علائقي جي درجه حرارت ۾ پڻ اضافو ٿيو.
سنڌ ۾ ضلعي خيرپور ميرس جي ڪچي وارن علائقن ۾ پڻ
وڏي تيزيءَ سان وڻن جي ڪٽائي جاري آهي، جنهن ۾ ڏٺو وڃي ته اڄ کان ڏهه سال پهرين ننڍا
وڏا ڪئنال، واهه جن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جو گهاٽو مقدار موجود هوندو هيو، اڄ انهن جاين تي هڪ به
وڻ موجود نظر نه اچي رهيو آهي، جن کي اتان جي رهواسين ۽ ڪجهه بيلدار، داروغن، سرڪاري
ملازمن پاڻ ۾ملي ڀڳت ڪري انهن جو خاتمو ڪري
ڇڏيو آهي، جنهن تي اڄ تائين حڪومت جي طرفان انهن وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي بابت ڪا
به جاچ وغيره يا ڪو به ردعمل ظاهر ڪونه ٿيو آهي. ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سنڌ ۾
ريگستاني ايراضي کي ڪافي حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي.حڪومت جي ڳڻپ واري رپورٽ مطابق سنڌ
۾ وڏي پيماني تي وڻن جي ڪٽائي (1979) کان (2010) جي دوران ٿي آهي،
جنهن ۾ حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي دريائن وارا ٻيلا،
سکر ۽ شڪارپور (0.72) فيصد جڏهن ته لاڙڪاڻو دادو ۽ خيرپور ۾ (2.93) فيصد ٻيلا
متاثر ٿيا هئا. پوئين ٽن ڏهاڪن ۾ ٻيلن جي ڪٽائي سنڌ صوبي کي وڏي پيماني تي ٻيلن جي
وڏي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه (30) سالن جي عرصي جي دوران (10)
لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا،
ماحولياتي سرگرمين ۾ وڏي حد تائين تبديلي، موسمياتي ۽ آبهوا جي تبديلين صوبي جي
حساسيت کي خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏيو هو.
اقوام متحده ۽ عالمي ادارا صحت جي معيار مطابق هڪ پائيدار ملڪ ۽ بهتر معيشت جي
لاءِ ڪنهن به ملڪ يا صوبي کي ان جي ڪل ايراضيءَ مان (25) فيصد ٻيلن جي ايراضي هجڻ
ضروري آهي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي(23.10) فيصد کان به گهٽ آهي،
جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻيلا تمام مختصر آهن.
اهڙي طرح (31) آڪٽوبر
(2018) بزنس رڪارڊر نيوز اخبار جي هڪ رپورٽ مطابق سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل طالب حسين
عدالت کي آگاه ڪيو سنڌ ۾(145,000) ايڪڙ ايراضي غيرقانوني قبضي ۾ آهي، جڏهن ته (70000) ايڪڙ ايراضي
غيرقانوني طور الاٽ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته غيرقانوني الاٽمينٽ روينيو کاتي طرفان ڪئي
وئي آهي، جنهن تي چيو ويو ته عدالت غيرقانوني الاٽمينت منسوخ ڪرڻ، روينيو کاتي ۽
ٻيلي کاتي جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪري، ان کان علاوه هن ۾ انتهائي با اثر شخصيتون
ملوث آهن جنهن ڪري حڪومت ٻيلن مان قبضا خالي ڪرائڻ ۾اڃا تائين ناڪام آهي. ٻيلي
کاتي جي ايراضي تي قبضي بابت درخواست گذار وڌيڪ دستاويزات بطور ثبوت پيش ڪيا هئا،
جنهن جي بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پاڻ مٽياري ٻيلي ۾ (561) ايراضي تي قبضي ڪرڻ ۾
ملوث آهي،
سيڪريٽري ٽيڪنيڪي
جنگلات به روهڙي ٻيلي جي (150) ايڪڙ جي ايراضي تي قبضا ڪيا آهن. ان کانپوءِ (2)
جنوري (2019) دي سيشن نيوز اخبار جي رپورٽ مطابق چيق جسٽس ميان ثاقب نثار ٻيلي کاتي جي زمين تي
غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ريمارڪس ڏنا هيا، اگر صوبائي حڪومت (70000) ايڪڙ زمين
غيرقانوني قرار ڏئي رهيو آهي، ته الاٽمينٽ منسوخ ڇو نه ڪري سگهيو آهي. دي ايڪسپريس
نيوز اخبار جي رپورٽ مطابق سنڌ حڪومت بهاري سياسي با اثر ماڻهن کان ٻيلي کاتي
واري غيرقانوني زمين جي وصولي کان بيوس لڳي
رهي آهي. ٻيلن جي حفاظت ۽ وڻن جي ڪٽائي نه رڪجڻ تي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ
حڪومت سنڌ سان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.
((IUCN جي رپورٽ مطابق ماحولياتي ۽ آبهوا ۾ تبديلي ۽ انساني سرگرمين جي
وجه ريگستاني، صحرائي ايراضي کي جنم ڏيڻ
آهي.
جيڪڏهن حڪومت اڃا به
غفلت جي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندي ته سنڌ ۾ وڻن جي ڪٽائي جي تيز رفتار سنڌ کي ڪجهه
سالن ۾ ٻيلن ۽ جهنگلات جي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيندي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي ٻيلي
کاتي جي ايراضيءَ مان وڻن جي ڪٽائي کي روڪڻ جي لاءِ مناسب اقدامات کڻڻ گهرجن، جن ۾
ٻيلن مان غيرقانوني ڪٽائي ڪرڻ وارن ، قبضا خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. ٻيلي
کاتي ۾ اضافي جي لاءِ اهڙيون مناسب پاليسيون ۽ نرسريز قائم ڪيون وڃن جنهن سان ٻيلن
۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي. ان کان علاوه ٻيلي
کاتي واري عملي تي پڻ نظر ثاني ڪئي وڃي ته جيئن ٻيلن، وڻن، ۽ جهنگلات جو تحفظ ممڪن
ٿي سگهي.
High court and supreme court has also taken up case of forest, Go thru those news and updated figures from newspaper
سنڌ ۾ وڻن ۽ ٻيلن جو
تيزيءَ سان خاتمو
ٻيلا وڻ ۽ جهنگلات قدرت
جي طرف کان مليل فطري حسين نظارا آهن، جن جو انساني معاشري ۽ عالمي معيشت سان تمام گهرو تعلق آهي، ٻيلا ماحولياتي نظام ۽ آبهوا کي مستحڪم
رکڻ ۽ ان کان علاوه جانورن ۽ ٻين جاندارن جي حفاظت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جنهن
ڪري اسان جو فرض آهي ته اسين هن انمول
موجوده وسائل جو صحيح استعمال ڪري اچڻ وارن نسلن جي لاءِ ٻيلن ۽ وڻن جي حفاظت ڪريون. اها ڳالهه واضع آهي ته پاڪستان
جو ٻيو وڏي آبادئ وارو صوبو سنڌ آهي، جيڪو ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. بدقسمتي سان سنڌ جي ساحلي پٽي ۾
ٻيلن جي ڪٽائي وارو عمل هڪ وائرس جيان پکڙجي
ويو آهي،
جيڪو سنڌ صوبي جي
خوبصورتي ۽ ان سان گڏوگڏ ماحول کي وڏي پيماني تي نقصان پهچائي رهيو آهي. سنڌ جي ساحلي
پٽي ۾ وڏي پيماني تي وڻن جي ڪٽائي وارو هي عمل اچڻ وارين نسلن جي لاءِ پڻ هڪ
مستقبل جي تاريخ جوڙي رهيو آهي. سنڌ اندر ٻيلي کاتي ۾ تباهيءَ جو ڪارڻ ڪجهه با اثر
شخصيتون ۽ سياسي مداخلتون آهن، جيڪي پنهنجي زور ۽ ڏاڍ سان انهن ٻيلن وارين زمينن
تي قبضا ڪري پنهنجي مرضي مطابق گهر ۽ پنهنجي ذاتي ڪمن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا
آهن. اهڙي طرح سال (2018) جي ڊان اخبار ۾آيل هڪ رپورٽ مطابق موهن جو دڙو ايئرپورٽ
ويجهو گاجي ٻيلو جيڪو هڪ سرسبز ۽ شاداب سوين ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل هڪ جهنگل
آهي، جنهن جو وڏو حصو غيرقانوني طور زميندارن جي قبضي هيٺ آهي، جتي انهن پنهنجا
آستانا اڏيا آهن ۽ ٻيلي جي زمينن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه رستن سان ڳنڍيل ڪجهه حصن کي ڳري
قيمتن تي فروخت ڪري رهيا آهن. جڏهن اتان جي رهواسين ٻيلي کاتي واري زمينن تي غيرقانوني
قبضي خورن بابت ڏوڪري جي ٻيلي کاتي جي آفيسرن
کي اطلاح ڪيو، جنهن تي انهن چيو اسان وٽ انهن قبضي خورن کي هٽائڻ لاءِ ڪو اختيار نه آهي.
هن ٻيلي ۾ وڏا وڏا وڻ موجود هئا جيڪي پکين ۽ جهنگلي جانورن کي پناهه فراهم ڪندا
هئا، ان کان علاوه هتي برطانوي حڪومت جي دوران هن ٻيلي ۾ واٽر ڪورس پڻ موجود هوندا
هئا جيڪي هاڻي تباهه ٿي ويا، ٻيو ته اتان جي ويجهي علائقي وارن رهواسين کي هن ٻيلي
مان ڪاٺيون ۽ ماکي ملندي هئي، پر افسوس ٻيلي جي ڪٽائي سبب اهي ماڻهو انهن سمورن
وسائل کان محروم ٿي ويا، سنڌ جي ٻين
علائقن جي ڀيٽ ۾ هن علائقي جي درجه حرارت ۾ پڻ اضافو ٿيو.
سنڌ ۾ ضلعي خيرپور ميرس جي ڪچي وارن علائقن ۾ پڻ
وڏي تيزيءَ سان وڻن جي ڪٽائي جاري آهي، جنهن ۾ ڏٺو وڃي ته اڄ کان ڏهه سال پهرين ننڍا
وڏا ڪئنال، واهه جن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جو گهاٽو مقدار موجود هوندو هيو، اڄ انهن جاين تي هڪ به
وڻ موجود نظر نه اچي رهيو آهي، جن کي اتان جي رهواسين ۽ ڪجهه بيلدار، داروغن، سرڪاري
ملازمن پاڻ ۾ملي ڀڳت ڪري انهن جو خاتمو ڪري
ڇڏيو آهي، جنهن تي اڄ تائين حڪومت جي طرفان انهن وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي بابت ڪا
به جاچ وغيره يا ڪو به ردعمل ظاهر ڪونه ٿيو آهي. ٻيلن ۽ وڻن جي ڪٽائي سنڌ ۾
ريگستاني ايراضي کي ڪافي حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي.حڪومت جي ڳڻپ واري رپورٽ مطابق سنڌ
۾ وڏي پيماني تي وڻن جي ڪٽائي (1979) کان (2010) جي دوران ٿي آهي،
جنهن ۾ حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي دريائن وارا ٻيلا،
سکر ۽ شڪارپور (0.72) فيصد جڏهن ته لاڙڪاڻو دادو ۽ خيرپور ۾ (2.93) فيصد ٻيلا
متاثر ٿيا هئا. پوئين ٽن ڏهاڪن ۾ ٻيلن جي ڪٽائي سنڌ صوبي کي وڏي پيماني تي ٻيلن جي
وڏي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه (30) سالن جي عرصي جي دوران (10)
لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا،
ماحولياتي سرگرمين ۾ وڏي حد تائين تبديلي، موسمياتي ۽ آبهوا جي تبديلين صوبي جي
حساسيت کي خطرناڪ حد تائين وڌائي ڇڏيو هو.
اقوام متحده ۽ عالمي ادارا صحت جي معيار مطابق هڪ پائيدار ملڪ ۽ بهتر معيشت جي
لاءِ ڪنهن به ملڪ يا صوبي کي ان جي ڪل ايراضيءَ مان (25) فيصد ٻيلن جي ايراضي هجڻ
ضروري آهي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي(23.10) فيصد کان به گهٽ آهي،
جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻيلا تمام مختصر آهن.
((IUCN جي رپورٽ مطابق ماحولياتي ۽ آبهوا ۾ تبديلي ۽ انساني سرگرمين جي
وجه ريگستاني، صحرائي ايراضي کي جنم ڏيڻ
آهي. جيڪڏهن حڪومت اڃا به غفلت جي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندي ته سنڌ ۾ وڻن جي ڪٽائي جي
تيز رفتار سنڌ کي ڪجهه سالن ۾ ٻيلن ۽ جهنگلات جي ايراضي کان محروم ڪري ڇڏيندي،
جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي ٻيلي کاتي جي ايراضيءَ مان وڻن جي ڪٽائي کي روڪڻ جي لاءِ مناسب
اقدامات کڻڻ گهرجن، جن ۾ ٻيلن مان غيرقانوني ڪٽائي ڪرڻ وارن ، قبضا خورن خلاف سخت
ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. ٻيلي کاتي ۾ اضافي جي لاءِ اهڙيون مناسب پاليسيون ۽ نرسريز
قائم ڪيون وڃن جنهن سان ٻيلن ۾ وڌيڪ اضافو
ٿي سگهي. ان کان علاوه ٻيلي کاتي واري عملي تي پڻ نظر ثاني ڪئي وڃي ته جيئن
ٻيلن، وڻن، ۽ جهنگلات جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي.
Comments
Post a Comment