Ali Ahmed Chhachhar article



ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس کان علاوه ميڊيڪل شاگردن لاءِ ڪهڙا موقعا ٿي سگهن ٿا؟
علي احمد ڇڇر
پاڪستان ۾ اڪثر شاگردن جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ شعبي ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو آهي، خاص ڪري ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڇوڪرين جي گهڻي دلچسپي رهي آهي ڇاڪاڻ جو انجنيئرنگ ۾ ڇوڪرا پنهنجي پاڻ کي تمام بهتر سمجهن ٿا ۽ ڇوڪريون سمجهن ٿيو انجنيئرنگ جا شعبا انهن لاءِ نه پر ڇوڪرن لاءِ بهتر آهن. اڪثر ميڊيڪل جي شاگردن جو ذهن ٺهيل هوندو آهي ته اسين ڊاڪٽر ٿيون ۽ انهن جي دماغ تي اهيو جنون ۽ جذبو هوندو آهي ۽ اهي ميڊيڪل جو امتحان ڏيندا آهن جڏهن انهن مان ڪيترائي شاگرد پاس نه ٿي سگهندا آهن ته اهي ڊپريشن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪجھ اهڙا قدم کڻندا آهن جن جو نتيجو ڀيانڪ هوندو آهي. اهڙا ڪيترائي ڪيس اکين جي سامهون ٿي گذريان آهن. شاگردن جو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ محنت جدوجهد هوندي آهي انهيءِ ڳالھ کان انڪار نه آهي ان جو مطلب اهيو نه آهي ته ميڊيڪل ئي دنيا جو پهريون ۽ آخري شعبو آهي. ڊاڪٽر جي سماج ۾ اهم حيثيت هوندي آهي. ڊاڪٽري کان علاوه دنيا ۾ ٻيا به کوڙ سارا شعبا آهن. اهيا ڳالھ انهن شآگردن کي سمجھڻ گهرجي ته هڪ دفعو پاس نه ٿي سگهيو ته ٻيهر امتحان ڏي مگر ٻيهر امتحان ڏيڻ سان هڪ ته سال برباد ٿيندو ٻيو گذريل ۽ ايندڙ سال جي شاگردن جو انگ وڌيل هوندو مطلب ته مقابلو سخت هوندو اگر تڏهن به پاس نه ڪري سگهيو ته اهو ڪو وڏو مسئلو نه آهي ٻيا به کوڙ سارا شعبا آهن. جنهن ۾ شاگرد پنهنجي پاڻ کي مڃائي سگهن ٿا.
ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس کان علاوه به ميڊيڪل شاگردن لاءِ ڪيترائي شعبا آهن. جنهن ۾ اهي ميڊيڪل جا شاگرد اپيشلسٽ ٿي سگهن ٿا. مثال طور ڊاڪٽر آف فارمسي فارمسسٽ پنهنجو ميڊيڪل اسٽور کولي سگهي ته ڪيتريون ئي ڪمپنيون ميڊيڪل جي دوائن کي سيل ڪرڻ لاءِ فارمسسٽ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿيو ان سان فارمسست کوڙ سارا پيسئا ڪمائي سگهي ٿو. بي ايس ڊائيٽ ۽ نيوٽيشن، بي ايس ميڊيڪل ليباٽري ٽيڪنالاجي، بي ايس وجيل سائينس، بي ايس انٽيسو ڪيئر، ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي (ڊي پي ٽي) پهرين فزيوٿراپسٽ جي ايتري سماج ۾ اهميت نه هوندي هئي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فڙيوٿراپسٽ جي ضرورت وڌڻ لڳي هاڻي هر ڊاڪٽر يا هر اسپتال کي فزيوٿراپسسٽ جي هر وقت ضرورت پيش آهي. بي ايس بايو_انفارميٽڪ، بي ايس بايو_ميڊيڪل انجنيئرنگ، بي ايس بايو ٽيڪنالاجي، بي ايس مائڪرو بائيلاجي، بي ايس جينيٽڪس، ڊاڪٽر آف وٽنري ميڊيڪين، نيوڪلئر ميڊيڪين، ريسپائسري ٿراپي، اسپيچ اينڊ ليگويچ پيٿولاجي ان کان علاوه 150 کان به وڌيڪ ميڊيڪل جي شاگردن لاءِ شعبا آهن ۽ انهن شعبن جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي مگر افسوس جي ڳالھ اهيا آهي ته تقريبن شاگردن کي ٻين شعبن جي خبر نه هوندي آهي انهن جي ذهن ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ داخلا وٺي ڊاڪٽر ٿيڻ هوندو آهي، مون سوشل ميڊيا تي اڪثر اهڙا ڪيس ڏٺا آهن. اگر ڪو ميڊيڪل جو شاگر ميڊيڪل جي پري انٽري ٽيسٽ پاس نه ٿو ڪري سگهي اگر پاس ڪري به ٿو ۽ ان کي سيٽ نه ٿي ملي ته اهي خودخوشي وارو عمل ڪن ٿا يا وري مايوسي جو شڪار ٿي ڊپريشن جي مرض ۾ مبتلا ٿيو وڃن. انهن شاگردن کي سوچڻ گهرجي ته اهڙا عمل ڪرڻ سان انهن جي ماءُ پيءُ جي اميدن جو قتل ڪن ٿا. ٻيا به کوڙ سارا شعبا  آهن اڳيان وڌڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي دنيا ۾ مڃائي نالو ڪمائڻ جا ان جي ڪري انهن شاگردن کي ڪڏهن به هار مڃڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ جو جيسيتائين ناڪامي جو ذائقو نه چکنداسين تيسين تائين ڪاميابي جي مٺاس جي اهميت جي خبر نه پوندي.
پاڪستان ۾ مختلف ميڊيڪل ڪاليج آهن. مثال طور 2019 جي رپوٽ جي مطابق پاڪستان ۾ ٽوٽل 114 ميڊيڪل ڪاليج آهن. انهن ۾ 59 پبلڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ 55 پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليج آهن. اگر جي مختلف صوبن جي ميڊيڪل ڪاليج جي سيٽن تي نظر وجهجي ته خبر پوندي ته جيتري تعداد ۾ شاگرد ميڊيڪل جي پري انٽري ٽيسٽ جو امتحان ڏيندا آهن ان لحاظ کان سيٽون تمام گهٽ آهن.
هڪ رپورٽ جي مطابق
پنجاب اسلام آباد ۾ پبلڪ 3500 سيٽون ۽ پرائيويٽ ۾ 3600 سيٽون آهن مطلب ڪل 7100 سيٽون صرف پنجاب ۾ آهن. سنڌ ۾ ٽوٽل 3550 سيٽون آهن تنهن ۾ 2050 سيٽون پبلڪ ۽ 1500 سيٽون پرائيويٽ جون آهن. بلوچستان جون ڪل سيٽون 200 آهن تنهن مان 100 سيٽون پبلڪ ۽ 100 سيٽون پرائيويٽ جون آهن. ڪي پي ڪي ۾ ٽوٽل ميڊيڪل جون سيٽون 1750 آهن تنهن مان 900 سيٽون پبلڪ ۽ 850 سيٽون پرائيويٽ جون آهن. آزاد ڪشمير جون ٽوٽل ميڊيڪل جون سيٽون 400 آهن ان مان 300 سيٽون پبلڪ ۽ 100 سيٽون پرائيويٽ جون آهن. پاڪستان ۾ ٽوٽل ميڊيڪل جون 13 هزار سيٽون آهن، ان مان ٽوٽل 6850 سيٽون پبلڪ ۽ 6150 سيٽون پرائيويٽ جون آهن. هنن سيٽن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته  اگر سيٽون ايتريون آهن ته شاگرد ميڊيڪل جي پري انٽري ٽيسٽ ۾ ڪيترا هوندا. هڪ اندازي جي مطابق 70 کان 80 هزارن جي لڳ ڀڳ ميڊيڪل شعبي جا شاگر ٽيسٽ ڏيندا آهن ٿي سگهي ٿو ان کان به گهڻا هجن پر ان ٽيسٽ ڏيڻ جو اهيو مطلب نه آهي ته سڀ جا سڀ پاس ٿيندا ۽ انهن کي سيٽ ملندي ٽيسٽ اسڪور سان گڏوگڏ انٽر ۽ ميٽرڪ جي گريڊ جي به تمام اهميت هوندي آهي. پر افسوس جي ڳالھ اهيا آهي ته اسان جو تعليم نظام ايتري حد تائين ڪامياب نه آهي جو شاگرد ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ سٺا نمبر کڻي سگهن ان جي لاءِ ٻارن کي ننڍي هوندي کان ئي محنت ڪرائجي جيئن اڳيان هلي انهن کي ڪنهن مشڪلات کي مونهن نه ڏيڻو پوي پاڪستان جو خاص ڪري سنڌ جو تعليمي نظام ڳڻتي جوڳو آهي. مگر والدين پنهنجي ٻار کي اهڙي تعليمي نظام کان به وڌيڪ محنت ڪرڻ تي همٿائين ته جيئن اهي اڳتي هلي پنهنجن مقصدن ۽ خوابن جي بهتر تعمير ڪري انهن کي پورو ڪري سگهن.




Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article