Ameet Kolhi Feature

Roll No and name should also appear in text file
File late, without fotos

Feature-Ameet Kolhi-BS-part III-Roll no 15



سنڌ ۾ خوبصورت ڪارونجهر جبل
  اميت ڪولهي
      ڪارونجھر جبل جو ذڪر ٻڌندي سنڌ پاڪستان جي مختلف شھرن مان سياح گھمڻ لاء ايندا آھن، ايڏي خوبصورتي جي ٻندن ۾ جڙيل ڪارونجھر جبل جنھن جي پسمنظر ۾ ھمت، دليري ۽ مضبوطي وارا لفظ ڪنھن نوجوان ھيرو جي واکاڻ ۽ ساراھ لاء چيا ويندا آھن. يقينن سنڌ صوبي جي ريگستاني علائقي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر شھر جي ڏکڻ اولھندي ۽ رڻ ڪڇ جي اوتر اڀرندي ڪنڊ تي ڪارونجھر جبل قديمي ڄميل پھاڙ آھي. جنھن جي قطاري ڊيڳھ 19 ڪلوميٽر ۽ اونچائي 305 ميٽر آھي انھي قطار ۾ ننڍيون ننڍيون ٽڪريون چوڌاري ڦريو اچن ٿيون جيڪي وچ ۾ گول بضوي شڪل جو وڏو پھاڙ جوڙين ٿيون، جنھن کي ''ڪارونجھر جبل'' سڏيو ويندو آھي. انھي گول قطارن جي ٻاھرين گولائي سنڌ گزيٽيئر ۾ 12 ميل ڄاڻايل آھي ۽ چوٽي زميني سطح کان ھزار فوٽ مٿي آھي، ٿر يا ننگرپارڪر ۾ ٻيا اھڙا وڏا جبل ناھين ننڍا ننڍا ٽُڪر آھن.
     19 صدي عيسوي ۾ برطانيا ننڍي کنڊ تي حڪمراني ڪئي انھي وقت سن 1843 کان پوء انگريزن سنڌ جي مختلف علائقن ۾ راجداني جو پير رکندي رکندي ڪارونجھر جي دامن ۾ اچي پھتا، ڪولھين ۽ ٺاڪرن انگريزن سان جنگ به جوٽي انھي وقت ڪارونجھر جي چوٽي تي انگريز ڪرنل تروٽ جي بيٺڪ به ھئي ۽ درٻار به لڳائيندو ھو جنھن کي ''تروٽ جي چوٽي''يا ''صاحب چنگا'' سڏيو ويندو آھي. تعجب جي ڳالھ اها آھي ته انھي چوٽي تي چڙھڻ لاء ڪيڏو نه وقت يعني ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا آھن پر تروٽ مٿي چوٽي تي بيٺڪ لڳائيندو ھو. چوٽي تي سيمينٽ سان پڪي چن جو ٿلھو ٺھيل آھي جيڪا ٽريگنا ميٽريڪل سروي وارن ٺھرايو ھو. پوري ملڪ مان ھر سال 14 آگسٽ تي ھزارن جي تعداد ۾ سياح گھمڻ لاء ايندا آھن جيئن ھن سال به آگسٽ مھيني جي ٿيندڙ ڀرساتن ۾ 14 آگسٽ جي ڏينھن تي ويراواھ چيڪ پوسٽ تي 40 ھزار گاڏيون رجسٽرڊ ٿيون، ان کان علاوه ٻين ڏينھنن تي ايندڙن جو تعداد الڳ آھي. انھن مان ڪيترائي شوقين جبل تي چڙھي چوٽي ٿلھي تي وھندا آھن ۽ جبل جي پکڙيل جوبن جو نظارو ڪندا آھن، جبل جي چو طرف وڻڪاري ساوڪ ئي ساوڪ آھي وسڪاري جي موسم ۾ وليون جبل جي ڇپن کي ويڙھيو ٿيون ڇڏن ۽ جبل جو وسيع دامن سنگھارجي ويندو آھي.
     پارڪر جو چوپايو مال رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون گاھ چڙھڻ جي لاء مٿي چڙھي وينديون آھن ۽ پکي ساوڪي رونق ۾ جبل تي آواز جھونڳاڙيندا آھن، ننگر جو شھر وڻن جي گھاٽي ڇانو ۾َ خوبصورت ۽ وڻندڙ لڳي ٿو. چوٽي ٿلھي تي ويھي ڏسندو ته آسي پاسي 15 کان 20 ڪلوميٽر جا ڳوٺ قريب 3،4 ڪلوميٽر جي دوري تي نظر ايندا ۽ ايڏا ته خوبصورت مناظر ڏسڻ ۾ ايندا جو اکين فرحت ملي ويندي ۽ دل خوشي سان قدرت جي ناياب ڪرشمي لاء واھ واھ پئي ڪندي.
      ڪارونجھر جبل ۾ جڙيل گرينائيٽ جو پٿر آھي گرينائيٽ جو پٿر دنيا جي ڏھين نمبر پٿرن مان اٺين نمبر تي آھي، ڪارونجھر ۾ اڻ لڀ ذخيرا ۽ چائنيز مٽي موجود آھي، گرينائيٽ جو پٿر ايڏو سخت ناھي ھوندو پر عمارتون ٺاھڻ جي ڪم اچي ويندو آھي. ننگرپارڪر شھر ۾ ماڻھن جا گھر ۽ سرڪاري جايون جبل جي پٿرن مان ٺھيل آھن، جبل ۾ ڪٿي سخت پٿر به آھن جيڪي ننگرپار جي آسي پاسي ۾ حڪومتي ٺھيل ڊيمن ۾ لڳل آھن، جبل جي پٿر ۾ ريتي جھڙي مٽي به آھي جيڪا گھرن جي لاء ڪارآمد آھي. ٽڪري جو پٿر ڪٿي اڇو ته ڪٿي ھلڪو ڳارھو ته ڪٿي وري ڀوري رنگ جو ڏسڻ ۾ ايندو آھي.
     ارضيات جي ماھرن مطابق ڌرتي جي پيدا ٿيڻ کانپوء جيڪي پھريان جبل ڦٽي نڪتا انھن مان ھڪ آھي، کين ڌرتي جي ڄماڙ ساڍا چار ارب سال ٻڌائي وڃي ٿي ۽ ڪارونجھڙ جبل جي عمر اڍائي ارب سال آھي. ائين تاريخي حيثيت جي لحاظ کان به ڪارونجھر وڏي اهميت رکي ٿو جنھن جو مطالعو ڪرڻ سان تاريخي اھڃاڻ جي خبر پوي ٿي. ڪارونجھر جبل ۾ اھڙيون جڙيون ٻوٽيون ۽ ذخيرا موجود آھن جيڪي ڪارونجھر کي امير ترين ھجڻ جي اھميت ڏين ٿا. انھن ۾ ٻوٽا يعني کوکر، ڳڻ ول، ستا واڙي، جھنگلي بصر، شِوِ جا تي، اُٺ ڪنٺي وغيره آھن انھن مان گوگارو ٻوٽو وڌيڪ اھم ۽ مھانگو آھي، جنھن مان کونئر حاصل ٿيندي آھي. انھي ڪري چيو ويندو آھي ته ڪارونجھر روزانو سوين سير سون ڏيندو آھي. مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڪارونجھر جبل ۾ ڪڏھن ڪڏھن زوردار ڌماڪا ٻڌجڻ ۾ ايندا آھن ان جو ڪارڻ اھو ته ٻڙندر جبل آھي.
     ڪجھ مھينا اڳ جڏھن مان ننگرپار ويس تڏھن مونسون جون ڀرساتون ھلي رھيون ھيون ۽ منهنجي رات گذارڻ ننگرپارڪر شھر ۾ دوست جي جڳھ تي ٿي، صبح جو اٿندي مون جبل جو ديدار ڪيو ۽ ڏٺو ته دونھين جون لاٽون ٻاڦ وانگر نڪري رھيون ھيون. مونکي ائين لڳو آسماني ڪڪر ويندي جبل سان ٽڪرائجن پيا يا ته ڪا گئس جبل مان نڪري پئي، اتي جي آبھوا بيھد صاف سٿري ھئي ايڏو ته سڪون ماحول ھو ڪنھن به قسم جي ڪا بوء نه ھئي.
     مذھبي لحاظ کان ڪارونجھر جبل ديومالائي ۽ وڏن داستانن ۾ رھيو آھي، جين ڌرم جا پوئلڳ به جبل ۾ زندگي گذاري ويا آھن جين ڌرم جو رشي پارس ناٿ تپسيا ڪري ويو آھي. جين ڌرم جو عاليشان مندر ھينئر به جبل جي پاسي ۾ ڦٽل صورت ۾ موجود آھي چيو ويندو آھي ته جين ڌرم جا پوئلڳ اڳھاري پيرن گھمندا وتندا ھئا ۽ جانورن يا پکين کي ڏسندا ھئا ته اھي اتي پري ھليا ويندا ھئا تنھنڪري جبل ۾ ڪيترائي جانورن ۽ پکي وڌي ويا ھئا. ان کان علاوه ھنڌن جا به ٻيا ڪيترائي آسٿان موجود آھن جتي ھزارن جي تعداد ۾ ھنڌو آسٿانن تي ياترا لاء ايندا آھن ڪارو مندر مٿائين ڪارونجھر جي ھنج ۾ آھي. ڪارونجھر جبل تي ڪيئي قديم آستان ڏسڻ جھڙا آھن جنھن ۾ پانڊوئڻ جي نالي سان چيو ويندو آھي ته جڏهن پانڊوئن تيرهن سال بنواس پي ڀوڳيو تڏهن ڪجھه سالن لاء سنڌ ۾ هن جبل تي اچي رهيا هئا، هنڌن ۾ انھي کي ”ڀيم گوڏو“ ”ڀيم تلاءُ“ ۽ ”ارجن ٻاڻ“ وغيره ڪوٺيندا آهن. ان کان علاوه گئومک، سارد روم ۽ انچلسريا نالي تي تيرٿ به هن ئي جبل ۾ آهن.
     ڪارونجھر جبل ۾ ڪيترن ئي قسم جا جانور رھندا ھئا جنھن ۾ ھرڻ رڻ ڪڇ کان سرحد ٽپي هتي ايندا هئا پر اهي ھرڻ شڪارين جي ورھ چري ويا ۽ شڪار ٿي ويا هاڻي ته ورلي ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ هڙڻ نظر ايندو گدڙ ۽ بگھڙ به باقي وڃي بچيا آهن. البته مور به ڪجھ سال پھرين وسڪارو نه ھجڻ ڪري مرڻ لڳا ھئا پر ھاڻي ڳچ تعداد ۾ مور آھن.
وسڪاري جي مند ۾ هن جبل تان مٿان کان پاڻي تيزي سان هيٺ لهندو آھي، جنهن سان چئو طرف ڪيئي تلاءَ ۽ ڊيم ٽمٽار ٿي ويندا آهن ۽ ٻه نديون به وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن تلائن ۾ ڪجھ مهينن تائين پاڻي رهندو آهي.
    ڪارونجھر جبل جي خوبصورتي کي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ ساھرايو ويو آھي ۽ سياحن مختلف جڳھن تي سيلفيون ڊاڪوميٽريون ٺاھي وائرل ڪيون آھن. اها سچ آهي ته ڪارونجهر پنهنجي اهميت پاڻ رکي ٿو.


Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article