قاسم آباد ۾ ڪچرو Compiled


                               Compiled Report
Group No ????? This will create problem during final assessment, u will be responsible for this omission. Plz get it corrected when I am at department

Every members' report should also carry its sub topic
 not at top
Raheel Jarwar and Ali khan Gaju reports are too short. . 900 words are required
List of members

قاسم آباد ۾ ڪچري جا ڍير

شعيب احمد مڱريو رول نمبر 92

صفائي اسلام ۾ نصف ايمان آهي صفائي ايمان جو هڪ جز آهي پر ايڪهين صدي جي جديد ۽ تيز رفتار دور ۾ انسان جيتري ترقي ڏانهن گامزن آهي ايترو ئي پنهنجي ماحول کي گدلو ڪري رهيو آهي. جنهن سان ماحول جي خرابي جي ڪري دنيا اندر روز مره ڪيتريون بيماريون وڌي رهيون آهن .جيڪي ڪچري جي ڪري ٿي رهيون آهن. انسان جيتري تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ايتري تيزي سان هن دنيا کي خراب ڪري رهيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اسان حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي ۾ صفائي کي ڏسون ٿا. قاسم آباد هونءَ ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو حصو هئي. پر ويجهڙائي وارن سالن ۾ قاسم آباد ايڇ ايم سي مان الڳ ڪري قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جو الڳ درجو ڏنو ويو.قاسم آباد کي تعلقي ۽ سب ڊويزن جو درجو پڻ حاصل آهي.  قاسم آباد تاريخي طور تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ٻولي وارن فسادن کان پوءِ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي وسندي طور  آباد ٿي آهي. حيدرآباد شهر جي مقابلي ۾ قاسم آباد جي علائقي ۾ وڏي تيزي سان آبادي وڌندڙ علائقو آهي. هتي ڏينهون ڪچيون آباديون تيزي سان وڌنديون رهيو آهن. نسيم نگر، مين قاسم آباد ، قاسم آباد فيز ون ، فيز ٽو، پرنس ٽائون، المطتفيٰ ٽائون، حيدرآباد ٽائون، عبدالله ٽائون، سحرش نگر، لنڊن ٽائون،بند اسٽريٽ،راڻي باغ، سنڌ ميوزم، سٽيزن ڪالوني، گلشن لطيف هائوسنگ اسڪيم، انور ولاز، فراز ولاز، وقار ٽائون، ماروي ٽائون، عبدلالله سينٽر،عبدالله ويلي، گلستان سجاد،وحدت ڪالوني، مومن نگر، گلستان سحر، سنڌي مسلم سوسائٽي،علمدار چوڪ ، ڀٽائي نگر وارا علائقا شامل آهن. قاسم آباد ۾ سنڌي قوم پرست پارٽين جون آفيسون ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ پڻ  پڻ هتي رهندڙ آهن. 2017 جي آدمشماري موجب 3لک 48سئو آهي. پر ٻين آذاد زريعن جو چوڻ آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب قاسم آباد پنج لک آبادي وارو تعلقو آهي. قاسم آباد ۾ صفائي جي حوالي سان هڪ سروي ۾ ڏٺو ويو ته قاسم آباد ۾ صفائي جي صورتحال انتهائي خراب ڏٺي وئي. قاسم آباد جي ڪنهن به روڊ تي صبح يا شام جي وقت باقائده ٻهارو ڏيڻ جو رواج نه رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته سرڪاري انگن اکرن ۾ انهن روڊن جي صفائي ٿيندي هجي. پر مقامي رهندڙن موجب ته انهن روڊن تي ڪڏنهن صفائي ٿيندي نه ڏٺي آهي. ان ڪري هر روڊ جي گهٽي گهٽي  ڪچري جو ڍير ۾ تبديل ٿي ويل آهي. جتي  روڊن تان ڪچرو ٽن ٽن مهينن تائين نه کنيو ويندو آهي.  قاسم آباد جو علائقو عام طور تي پڙهيل لکيل طبقي  جي رهندڙن جو سمجهو وڃي ٿو. پر قاسم آباد ۾ چپي چپي ۾ پيل ڪچري تي رهندڙن جو به سخت رد عمل سامهون نه آيو آهي. اهڙي صورتحال سبب وڏن وڏن بنگلن ۽ رهائشي منصوبن وارن هنڌن تي به ڪچري جا ڍير پيل هجڻ سبب ڪو پٺتي تي پيل علائقن وانگر لڳندو  آهي. هتي ڪجهه هنڌن تي ڊسٽبن رکيل آهن ،گهٽا ڊسٽبن وري يوٽرن تي رکيا ويا آهن. جنهن جي ڪري هڪ طرف ڪچرو روڊ تي پيل هجڻ ۽ ٽريفڪ ۾ به وڏي تڪليف جو سبب بنبو رهيو آهي۽ گهڻن هنڌن تي ته ڊسٽ بن کان سواءِ روڊ ۽ چوراهن تي ڪچرو اڇليل ڏٺو ويو. قاسم آباد ۾ ڪچرو کڻڻ جي بدران هر هنڌ پيل ڪچري جي ڍيرن کي باهه ڏئي ساڙڻ جو  رواج آهي، جنهن سان علائقي جو ماحول خراب ٿيڻ سان گڏوگڏ  ماڻهن ۾ دم ۽ ساهه جون بيماريون وڌي ويل آهن. هتي روڊن تي صفائي نه هجڻ کان سواءِ گٽن جي اٿلڻ سبب هر هنڌ روڊ گٽرن جي پاڻيءَ هيٺ آيل هوندا آهن.قاسم آباد ۾ ڪچري واري لينڊ فل لاءِ به ڪو هنڌ طعه ڪيل ناهي. ان ڪري هر علائقي مان ڪچرو کڻڻ جي بي بدران ساڙڻ يا کالي پلاٽن ۾ اڇلايو وڃي ٿو. ان ڪري ان علائقي واري آبادي ۾ ڪچري هجڻ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي. جيئن ته ان ڪچري مان ڪيتريون بيماريون جنم وٺن ٿيون.طبي ماهرن موجب  گيسٽرو، مليريا،دم جي بيماري جا گهڻا مريض موجود آهن. آهن .جڏنهن ته ٽائيفائڊ جو خاص قسم جنهن کي طبي ماهر ٽائيفائڊ ايڪس ڊي آر چون ٿا. هڪ تحقيق موجب حيدرآباد ۽ قاسم آباد  ۾ 22هنڌن تي پيئڻ جي پاڻي مان ٽائفائيڊ جا بيڪٽرياز مليا آهن. جنهن کان پوءِ ٽائيفائيڊ جي خلاف هيلٿ کاتي پاران ويڪسين جي خصوصي مهم پڻ هلائي وئي آهي. جڏنهن ته ٻئي مهم لاءِ پڻ ضلعي انتظاميا 11 نومبر کان 23 نومبر تائين هلائڻ واري آگاهي ڏني وڃي پئي. حالانڪه قاسم آباد ۾ تمام گهڻا تعليمي ادارا هئڻ سبب هن علائقي کي ايجوڪيشن سٽي به سڏيو ويندو آهي.بيڪن هائوس، سينٽ بونا وينچر، سٽي اسڪول، لا ڪاليج ۽ ٻيا اهم تعليمي ادارا به موجود آهن. پر ميونسپل ڪميٽي پاران صفائي ۽ واسا پاران ڊرنيج جو معقول انتظام نه هئڻ ڪري قاسم آباد جي ترقي ۽ واڌ ويجهه تي خراب اثر پيو آهي.
جڏهن ته قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي چيف ميونسپل آفيسر (سي ايم او) حاتم ملاح  روشني جي ٽيم کي ٻڌايو ته جو  قاسم آباد ۾ ڪل 78 ڊسٽبن آهن، ان کان سواءِ  150 ڪليڪشن  پوائٽس وارا هنڌ نه آهن. جتان ڪچرو کنيو وڃي ٿو. هن جو چوڻ هو ته قاسم آباد ۾ روز جي بنياد تي 60 کان 80 ٽن ڪچرو ٿئي ٿو. جنهن جي لاءِ  167 ماڻهن جو سينيٽيشن جو عمل مققر ڪيل آهي. سينيٽري اسٽاف سان گڏ 21 کان وڌيڪ مشينري مثال طور اسڪپلر، ٽريڪٽر، ڊمپر وغيره پڻ آهن. جيڪي روز جي بنياد تي شهر جي صفائي ڪندا آهن ۽ ڊسٽبن خالي ڪندا آهن. ان کان علاوه سي ايم او ٻڌايو ته اسان وٽ لينڊفل (ڪچري اڇلائڻ وارو هنڌ) لاءِ  2001ع کان ڪا به جاءِ نه آهي.  حڪومت کان ٿرمل پاور وٽ لينڊ فل زمين گهري رهيا آهيون. انتظاميان کي درخواست موڪلي آهي پر اڃا تائين ڪو جواب نه آيو آهي.”
سي ايم او جي چوڻ جي مطابق روز مره جي بنياد تي شهر جي صفائي ٿيندي آهي ۽ ڪچري جا ڊسٽبن خالي ڪيا ويندا آهن جڏهن ته ان جي ابتڙ قاسم آباد جو ڪو به اهڙو ڪچري جو ڊسٽبن خالي نه آهي ڊسٽبن ايترا ته ڀريل آهن جو ڪچرو ٻاهر ڪري رهيو آهي ان کان علاوه خاص ڪري نسيم نگر کان شيدي ڳوٺ واري روڊ تي جيڪي به خالي پلاٽ آهن. اهي ڪچري سان ڀريا پيا آهن. ان کان علاوه نسيم نگر کان عبدالله اسپورٽ واري رستي تي هڪ کالي پيل وڏي پلاٽ کي لينڊ فل طور ڪيو ويو آهي.اتي ڪچري جا وڏا ڍڳ لڳل آهن ۽ قاسم آباد ميونيسپل ڪميٽي جي بلڪل ويجهو واري پلاٽ ۾ هڪ ڊسٽبن رکيل آهي. جيڪو ڪچري سان فل آهي ۽ اهو پلاٽ  به ڪچري سان ڀريو پيو آهي. ٽي ايم او کان پڇيو ويو ته روڊن ۽ گهٽين ۾ ڪچرو اڇلائڻ جا ذميوار ڪير آهن، ته ان ٻڌايو ته روڊن ۽ گهٽين ۾ گند ڪچرو شهري  اڇلائين ٿا. شهر کي گندو ڪرڻ ۾ شهرين جو هٿ آهي. قاسم آباد جا شهري قسم آباد جي صفائي ۾ تعاون نٿا ڪن ۽ هر هنڌ ڪچرو اڇلائين ٿا. پر جڏهن شهرين کان پڇيو ويو ته گهٽين ۽ روڊن تي ڪچرو ڇو اڇلايو ويندو آهي ته انهن جو چوڻ هو ته هڪ ته ڊسٽبن فل لڳا پيا آهن. انهن کي خالي نه ڪيو ويندو آهي، ٻيو ته ڪچرو روڊن تي ان جي ڪري اڇلائيندا آهيون ته ميونيسپل وارن کي خبر پوي ته هتي ڪو به سوئيپر ڪچرو کڻڻ نه ايندو آهي ۽ جڏهن  ته روڊن ۽ گهٽين ۾ ڪچرو ڏسندا ته روز کڻڻ ايندا ڇاڪاڻ جو ڪيترن ئي ڪالونين ۽ گهٽين ۾ سوئيپر ڪچرو نه کڻڻ ايندا آهن نه ئي صفائي ڪرڻ ايندا آهن.
قاسم آباد جي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته ڪچري جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون آهن. اگر ڪچرو شهر مان ختم ڪيو ويندو ته ڪا به بيماري جنم نه وٺندي. مگر افسوس جي ڳالهه آهي ڪو به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان وٽ روز او پي ڊي ۾ 100 کان 150 مريض ايندا آهن مطلب ته  سال 547500 هيپاٽائيٽس، ڊينگي،  ٽائيفائيڊ ۽ ڊائيريا وائرس ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿيل مريض ايندا آهن اهي سڀ بيماريون ڪچري مان پيدا ٿينديون آهن ڪچرو پاڻي ۾ ملي ويندو آهي ۽ پاڻي خراب ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن ماڻهون پاڻي پيئندا آهن، ته پوءِ هيپاٽائيٽس ۽ دستن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن خاص ڪري اسان وٽ گيسٽرو ۽ ڊائريا جا مريض تمام گهڻا ايندا آهن ۽ اسان وٽ دوائون بلڪل به نه آهن جو اسين انهن جو علاج ڪري سگهون پوءِ اڪثر دوائڻ جي نه هجڻ جي ڊاڪٽر گهر هليا ويندا آهن. جڏهن مريض ايندو آهي ته اهو دانهون ڪندو آهي. مگر ان مريض کي اها خبر نه هوندي آهي، ته حڪومت ئي اسپتالن ۾ دوائون مهيا نه ڪري رهي آهي اهيو موقف تعلقا اسپتال قاسم آباد جي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جو چوڻ هو جنهن پنهنجو نالو ٻڌاڻ کان انڪار ڪيو.
سماجي ورڪر ۽ قاسم آباد ۾ صفائي مهم هلائيندڙ مهراڻ ميمڻ جو چوڻ هو ته لينڊفل نه هجڻ جي ڪري ڪچرو ڦليلي واه ۾ اڇلايو  وڃي ٿو.  جنهن سان پيڻ جو پاڻي گدلو ٿئي ٿو ۽ بيمارين ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ پاڻي ۾ آلودگي پيدا ٿئي ٿي. خاص ڪري اسپتالن ۽ هوٽلن جي ڪچري مان بيماريون وڌن ٿيو جيئن ته اسپتالن جو ڪچرو جنهن ۾ سرنجون هوندي آهي خاص ڪري هيروئني استعمال ڪندا آهن ۽ سرنجن کي ري سائيڪل ڪري ٻيهر استعمال ۾ آڻيندا آهن جنهن سان هيپاٽاٽيٽس، ايڊز ۽ ايڇ آء وي بيماريون ڦهلجن ٿيون.  هن صلاح ڏني ته اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪچري مان هاسپيٽل يوز وارو ڪچرو الڳ ڪري جدا تلف ڪيو وڃي.  مگر ائين نه ڪيو ويندو آهي جنهن سان ماحوليات ۽ انساني صحت تي تمام خراب اثر ٿيندا آهن. ٻيو ته قاسم آباد تعلقو پلان ڪري ٺاهيل علائقو نه آهي ان جي ڪري قاسم آباد جي شهرين  کي ڪچري ۽ پاڻي جا مسئلا پيش اچن ٿا. هڪ مهينو اڳ برساتن ۾ خبر پئي ته جيڪي ڪاغذن ۾ مشينون ڳڻايون ويون آهن. انهن مان ڪيتريون ئي مشينون بااثر ماڻهن جون زمينون آباد ڪري رهيون آهن يا وري پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويو هيون. ٻئي طرف قاسم آباد هڪ مهيني تائين پاڻي ۾ ٻڏل هو.

علي خان گجو انويسٽيگشن پروپوزل بي ايس پارٽ ٿري رول نمبر 14

گندگي وڌڻ ۽ برساتي پاڻي بيھڻ سبب وڌندڙ بيماريون.
قاسم آباد ۾ گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪچرو ڪنڊي جو ڏيک ڏيڻ لڳا بيمارين منھن ڪڍيو گندگي سبب مختلف علائقن جا رھواسي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا گندگي ٿيڻ جي ڪري  ڊرنيج سسٽم خراب هجڻ ڪري روڊن ۽ ڀرپاسي جي گهرن ۽ بلنڊنگن ھر گھٽي ھر پاڙي ۾ به گندگي جا ڍير لڳل آھن ۽ ٻي طرف ڪجھ اھڙا علائقا آھن جتان برساتي پاڻي اڃان تائين نه نيڪال ٿي سگھيو آھي ۾گندگي وڌڻ ۽ پاڻي بيھڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون. جنھن جي ڪري پوڙھا، جوان، عورتون، ٻار ھر قسم جي بيمارين ۾ جڪڙجي ويا آھن، ڊاڪٽرن جو چوڻ آھي ته گندگي سبب ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون  بيمارين کي منھن ڏيڻ به ناممڪن آھي ڊاڪٽر  چيو ته گندگي وڌڻ سبب کنگ ساھ دم جي بيماري ۾ ماڻھون تمام گھڻي تڪليف مان گذرن ٿا نه ڪجھ کائي سگھن ٿا ۽ نه وري ڳالھائي سگھن ٿا انھن جي ساھ ۾ سھڪو وڌي وڃي ٿو. پيٽ مکيون گندگي جي وڌڻ سان ٿين ٿيون جيڪي کاڌي پيتي جي شين تي ويھڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿين ٿيون. چمڙي جون بيماريون گندگي ۾ مک ۽ ٻيا زھريلا جيت ٿين ٿا ، انسان جي جسم تي ويھڻ ڪري  جنهن ۾ ننڍا داڻا نڪرن ٿا، جيڪا آهستي آهستي وڌي ڦٽ ٿيڻ بعد پوري جسم کي وڪوڙي وڃي ٿي. متاثرن موجب بيماري جتي به لڳي ٿي، ان عضوي کي اوڏهي جيان کائي وڃي ٿي سندن وڌيڪ چوڻ ته  ڪچرو وڌي وڃڻ جي ڪري عوام ڪچري کي باھ  ڏئي ساڙھي ٿي جنھن ۾ ٿيندڙ دونھون  جي ڪري ساھ جي بيماري دم جي بيماري جا مريضن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ٻئي طرف بارش جي پاڻي ۽ گندگي جي ڪري مڇر به ٿين ٿا جنھن جي ڪري شھري بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا. مليريا ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جيڪا مادي مڇر جي ڏنگ مان ٿيندي آھي ۽ ڍينگو وائرس هي وائرس اڪثر ڪري مڇرن جي چڪ هڻڻ سان پيدا ٿئي هو جھڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا اھو سب پاڻي ۽ گندگي جي ڪري ٿين ٿيون، اھڙي صورتحال ۾ شھرين جي زندگي عزاب بڻجي وئي آھي. چند ڏينھن ۾ سوين ماڻھون روز جي حساب سان مختلف اسپتالن ۾ مريض زير علاج آھن. شھرين جو چوڻ آھي ته گورنمنٽ بيمارين جي خاتمي جي لا۽ شھرن مان گندگي ۽ برساتي بيٺل پاڻي جي نيڪالي جي لا۽ اھم قدم کڻي ته جيئن شھر مان پاڻي ڪڍي صفائي ڪرائي وڃي ۽ شھر ۾ اسپري ڪرائيا وڃن ته جيئن مڇرن جو خاتمو آندو وڃي.


راحيل جروار انويسٽيگشن پروپوزل بي ايس پارٽ ٿري رول نمبر 135

حيدرآباد جو قاسم آباد وارو علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو مختلف بيمارين ڪر کڻن لڳيون انتظاميا اگهور ننڊ پيل خبر موجب  قاسم آباد وارو علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو مختلف بيماريون ڪر کڻن لڳيون انتظاميا اگهور ننڊ پيل قاسم آباد جي ڀٽائي نگر، ڀٽائي ٽائون، وحدت ڪالوني، مارئي گارڊن، چانڊيا ڳوٺ، هيپي هومز، سٽيزن ڪالوني، ڏومرا ڳوٺ، سومرا ڳوٺ، مصطفيٰ ٽائون، پرنس ٽائون، جوڻيجا ڪالوني، اولڊ وحدت ڪالوني، شيدي ڳوٺ، سحرش نگر، پالاري ڳوٺ، حسين آباد، فيز 1،شيدي ڳوٺ،جوڳي ڳوٺ،ڀٽائي نگر سميت مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا بيماريون جنم وٺڻ لڳيون پر انتظاميا تحرڪ نه ورتو  جڏهن ته صفائي عملو مڪمل طور تي گم آهي قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي وٽ  صفائي لاءِ 167 سينيٽري ورڪرز موجود آهن، تنهن باوجود مجموعي طور قاسم آباد جي حالت ڏسجي ته ڪا گهٽي چوڪ توڙي روڊ گندگيءَ ۽ غلاظت کان بچيل نه آهي ڄاڻايل علائقن ۾ گندگي وڌڻ ڪري ۽ علائقن ۾ گندگي گڏ ٿيڻ کانپوءِ شهري گندگي کي پاڻ باهه ڏئي ساڙڻ ۽ پنهنجي گهٽين ۾ پاڻ صفائي ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ وڌندڙ گندگي ۽ گٽر اٿلي پوڻ ڪري گٽرن جو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ ڪري علائقي واسي پريشان آهن علائقي واسين آفتاب خان،علي رضا،آڪاش ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   اسان دانهن ڏيون ته ڪنهن کي ڏيون، هنن جو چوڻ هو ته صفائي عملو نه اچڻ ڪري گندگي جا ڍير وڌي وڃن ٿا، جنهنڪري مجبورن اسان پاڻ ان کي باهه ڏئي ساڙيون ٿا، جڏهن ته پاڻ ئي پنهنجي گهٽين جي صفائي ڪريون ٿا، وڌندڙ گندگي سبب مکين ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهنڪري موذي مرض پکڙجڻ جو پڻ خدشو آهي،  عيد گذري وئي پر قربانيءَ جي جانورن جو ڪچرو اڃا به کڄي نه سگهيو، عيدالاضحيٰ جي سلسلي ۾ شهرين پاران ڪيل قرباني کانپوءِ مختلف جانورن جو ڪچرو، چرٻي، اوجهري، منڊيون ۽ ڀاڻ اڃا به  ڪيترن ئي علائقن جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ پيل آهي، علائقي کي صاف ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ انتظاميا قربانيءَجي جانورن جو ڪچرو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان مڪمل طور کڻائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جانورن جو ڪچرو ڳري وڃڻ ۽ ڌپ ڪري وڃڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ وٺجي ويا آهن ٻئي پاسي قاسم آباد  ڀرپاسي وارن علائقن ۾  گٽرن جو پاڻي به گٽر اٿلڻ ڪري روڊن تي اچي ويو آهي واڌو واه ڀرسان انڊر پاس وٽ بيٺل گٽر جو پاڻي   نيڪال نه ٿيو ڪيتري ئي عرصي کان گٽرن جو پاڻي تلاء جيان بيٺل ايندڙ ويندڙ ماڻهن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا سپر هائي وي تي هڪ روڊ کان ٻئي روڊ ڏانهن وڃڻ جو واحد رستو انڊر پاس گٽرن جي پاڻي ۾ ٻڏل ايندڙ ويندڙ ماڻهن گندي پاڻي مان گذرڻ ته مجبور انتظاميا ان حوالي سان ڪو به تحرڪ نه ورتو ان سلسلي اتي جي مقامي ماڻهن رياض پيرزادو،علي آڪاش نقرچ ۽ ٻين جو چوڻ آهي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري هتي مڇرن جو آزار به وڌيو ويو آهي مڇرن جو آزار وڌڻ ڪري علائقي ۾ مليريا ۽ ٻيون بيماريون وبا اختيار ڪري ويون آهن جنهن سبب هتان جا ماڻهن بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل کاتي جي آفس ۾ وڃي شڪايتون ڪيو آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.



Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article