Mudasir Chandio Feature
First para is to traditional and no relation with the topic. Stick to reality and relevance
Feature should be reporting based.
Its basic purpose is to entertain, providing info is secondary purpose.
يونيورسٽي سنڌ جي
خوبصورتي سينٽرل لائبرري.
دنيا ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت حسين جڳهون آهن. جن
کي ڏسي انسان تعجب ۾
پئجي ويندو آهي. ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون خوبصورت حسين جايون
آهن، جن جو اندازو ۽ نه ئي انهن شين تي ڪو قلم سان لفظ ماپي سگهجن ٿا ۽ نه ئي اسان
اندازو لڳائي سگهون ٿا ته دنيا ۾ ڪل هيتريون جايون موجود آهن. اسان پنهنجي وطنِ
پاڪستان جي ڳالھ ڪيون ته اهڙيون ڪيتريون ئي جايون آهن جن جي خوبصورتي ۽ انهن جو بي
حد اسرار سان اکين کي ڏيندڙ فرحت بيان نٿي ڪري سگهجي. جيئن ڪوھ مري،
سنڌ جو گورک هل اسٽيشن، آبشار جبل، توڙي هٿرادو مٽيرل شيءِ ڇو نه هجي پر اسان هٿ
جون ٺاهيل شين جو ذڪر ڪيون ته جيئن عمر ڪوٽ جو قلعو، ڪوٽ ڏجي جو قلعو، ان کان
علاوه سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جايونجيڪي تعجب ۾ وجهندڙ آهن. جن کي ماڻهون ڏسي لطف اندوز ٿين ٿا.
اسان سنڌ صوبي جي ڳالھ ڪيون ته ڪاليج، اسڪولن،
يونيورسٽن، يا تفريحي ماڳن جي ڳالھ ڪيون ته انهن ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون جايون جن
کي الڳ مقام حاصل آهي. جيئن لاڙڪاڻي شهر جي سر شهنواز لائبرري، قديماسٽيٽ لائيف
بلڊنگ، ۽ مادري علمي قديم يونيورسٽي سنڌ جي سينٽرل لائبرري، پر اسان سنڌ يونيورسٽي
جو ذڪر ڪيون ته ڪهڙي سال ۾ ان جو بنياد وڌو ويو. يونيورسٽي سنڌ جو بنياد 1951ع ۾علامه
آءِ آءِ قاضي صاحب جي محنت سان حيدرآباد شهر ۾ ايلسا قاضي ڪئپمس قائم ڪئي وئي. ان
۾ مختلف شعبا قائم ڪيا ويا، پر ڪجھ وقت گذرڻ بعد ڄامشورو جي ڌرتيءَ تي باقائده
يونيورسٽي جو آغاز ڪيو ويو. جنهن ۾فزڪس، ڪيمسٽري،
ٻن شعبن سان شروعات ڪئي وئي.انهن شعبن کي قائم ڪرڻ ۾ قاضي صاحب جو خيال هيو ته سنڌ جا نوجوان
ڪيمسٽري، فزڪس مان پڙهي باقائده سائنس ۾ وڌيڪ تجربو حاصل ڪن.
سنڌ يونيورسٽي جي بنياد پوڻ سان سينٽرل
لائبرري جو باقائده ڪم شروع ٿي ويو. هوئئن ته پهريان لائبرري 1954ع ۾ حيدآباد ۾
هئي. جن شروعات ۾ چار هزار بڪ ڪٺي ڪيا ويا. ڪجھ انگش شعبي لاءِ ۽ ڪجھ لائبرري
سائنس جي لاءِ. اها هڪ پهرين لائبرري هئي. پر ڪجھ وقت کان پوءِ حيدرآباد مان تبديل
ڪري انڊس درياھ جي اولانهين پاسي تي جيڪا اڄ به سينٽرل لائبرري جي بلڊنگ نظر اچي
ٿي.
قديم سينٽرل لائبرري ٽوٽل سورنهن سيڪشن تي
مشتمل آهي، جنهن ۾ 1_ آڪيوشن سيڪشن، 2_ علامه آءِ آءِ قاضي ريفرنس روم، 3_ بڪ بئڪ
سيڪشن 4_ سينٽرل پروسينگ سيڪشن، 5_ سرڪيلوشن سيڪشن، 6_ ڪلڪشن سيڪشن، 7_ ڊاڪيمنشن
سڪيشن، 8_ انٽرنيٽ سيڪشن، 9_ مين اسڪرپٽ سيڪشن، 10_ ڊجيٽل لائبرري، 11_نيوزسيڪشن،
12_اورينٽل سيڪشن، 13_ ريئر سيڪشن، 14_ ٽيڪنيڪل سيڪشن، 15_ ٿيسزز سيڪشن،16_ يو اين
سيڪشن، سورنهن سيڪشن تي ٺهيل لائبرري جنهن مختلف شاگرد پنهنجي ڪم سان لاڀ حاصل
ڪندا آهن.
سنڌ يونيورسٽي پروفيشنل سينٽرل لائبرري 1970ع
۾ ان جي شروعات ڪئي وئي جنهن کي باقائده 1975ع ۾ ان جي شروعات ٿي. سينٽرل لائبرري
جو بنياد آغا ايڇ آر اڇ خان شاھ ڪريم جي ٿورن سان ٿيو.. سنڌ يونيورسٽي جي اها عظيم
سينٽرل لائبرري جيڪا پنج فلورز تي مشتمل
آهي جنهن ۾ 3 فلور ۽ ٻه مينزين، ۽ ان ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ لائبرري آف سائنس آهي.جڏهن ته
پروفيشنل لائبرري ۾ ان وقت جي لفٽ به موجود آهي جنهن تي شاگرد مٿي سيڪشن تي چڙهي
ويندا هئا جيڪا هن وقت به سينٽرل لائبرري ۾ موجود آهي. ان ۾ جيڪي در دريون اڄ به
بلڪل ساڳي ئي روپ ۾ موجود آهن.ٻيون سهولتون هونديون هيون، پر ان وقت لائبرري شروع
ٿيڻ ۾ ايئر ڪنڊيشن سسٽم ڪو نه هيو پر هن
وقت سنٽرل لائبرري مختلف شعبن ۾26 ونڊو، 3 اسپلٽ ۽ ان کان علاوه ٻه واٽر ڪولر جون
مشينون هڪ ڇوڪرن جي لاءِ ۽ هڪ ڇوڪرين جي لاءِ الڳ الڳ طور تي لڳل آهن.
سينٽرل لائبرري ۾ هن وقت هزارين بڪ موجود آهن. جڏهن سينٽرل لائبرري
جي شروعات ۾ ان وقت چار هزار بڪن جو تعداد پڻ هيو ، پر هن
وقت بڪن جو تعداد 305095 آهي ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سيمنار
لائبررن ۾ 80000 ۽ اورينٽيشن هال ۾ 8000
بڪن جو تعداد آهي. اورينٽل سيڪشن بڪن جي مجموعي جي لاءِ اعليٰ شخصتن نالو
فهرست ۾ اچي ٿو. هن وقت سينٽرل لائبرري جي اورينٽل سيڪشن جي ڪلارڪ سرتاج احمد
ٻڌايو ته اورينٽل سيڪشن بڪن جي مجموعي لاءِ مختلف شخصيتن جو ڪردار آهي جن ۾
پروفيسر اي علي شيخ، مسٽر عبدالعزيز ميمڻ، مسٽر حاڪم شمس الدين، ڊاڪٽر نبي قاضي،
جهڙن مهان شخصيتن جو وڏو نالو بڪن جمع ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته دي عثمانيه يونيورسٽي دهلي پاران ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ کي ڪيترائي ڪتاب تحفي طور ڏنا ويا. جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪجھ ڪتاب سينٽرل
لائبرري جي حوالي ڪيا، ۽ ڪجھ ڪتاب يونيورسٽي جي ٻين شعبن جي سيمنار لائبررن کي ڏنا
ويا.
سينٽرل لائبرري جيڪڏهن ڪو به شاگرد جڏهن بڪ
پڙهڻ جي لاءِ کڻي ويندو آهي ته ان کي سڀ کي پهريا ن لائبرري جي ميمبرشپ ڪرائڻ لازم
هوندي آهي. اها ميمبرشپ پهريان ئي ڪرائي وٺبي آهي ته جيئن شاگرد چئن سالن جي اندر
ڪتاب کڻي سگهن.
يونيورسٽي سنڌ جي اها عظيم لائبرري جي خوبصورتي
برقرار ۽ ڏيک اڄ به ساڳيو آهي سنڌ توڙي پوري پاڪستان جا ماڻهون خاص ڏينهنن تي
سينٽرل لائبرري کي ڏسڻ جي لاءِ ايندا آهن. ۽ ڪيئي ان کي ڏسڻ جي لاءِ ديوانا هوندا
آهن. هڪ عام چواڻي مشهور آهي ته ٻار دنيا جي ڪهڙي به يونيورسٽي ۾ ڇو نه پڙهي پر
سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪو شاگرد نه پڙهيو ان ڄڻ ڪجھ به دنيا ۾ نه ڏٺو. اها ئي دل ۾ آس
سڀني شاگردن کي هوندي آهي ته سينٽرل لائبرري ۾ هڪ ڏينهن پڙهڻ ٿئي.
هر ماڻهون
پري کان ڏسي جيڪڏهن ڪو شاگرد يونيورسٽي سنڌ ۾ نه پڙهيو هوندو ته انهن جي دل سٽ
کائيندي آهي تهاسان يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪيون ها.دلڪش نظارو وري شام جي پهر ۾
سانوڻي واري برسات وسي ته پوءِ ويتر لائبرري جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويندا
آهن.سيلفن جو ته اندازو ئي ناهي سنيٽرل لائبرري جي ٻاهران لڳل اسٽيچوجنهن جو ٻاهريون
ڏيک ماڻهن کي موهي ٿو ڇڏي. ڄام شورو جي پٿريلي ڌرتي کي سنواريندڙ علامه آءِ آءِ
قاضي سينٽرل لائبرري.
Comments
Post a Comment