Arslan Qureshi Article
To be checked
ارسلان قريشي
گيمن سان ٻارن تي ٿيندڙ اثرات
هڪ زمانو هوندو هو ته ٻار صبح سوير اٿي ڪري سڀ جا سڀ پاڻ ۾ ملي ڪري رانديون کيڏندا هئا،
جنهن ۾ اک ٻوٽ، چور پوليس، ڀڄ ڊڪ ۽ ٻيون ڪيتريون ساريون رانديون ملي ڪري کيڏندا
هئا پر جيئن وقت گذرندو رهيو زمانو بدلجندو رهيو تيئن ئي رانديون کيڏڻ جا به نوان
نوان طريقا ايندا رهيا، جيئن 21 صدي جي شروعات يعني 2000ع کانپوءِ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ
لڳو تيئن ئي ڪجهه ڪمپنيون به آهستي آهستي ڪمپيوٽر لاءِ وڊيو گيمون ٺاهڻ شروع ڪيون
۽ ان وڊيو گيمن جي اچڻ سان ٻارن جي دلچسپي انهن
گيمن ۾ وڌڻ شروع ٿي ان کانپوءِ ٻارن جو ڌيان عام گيمن کان هٽي ڪري انهن
وڊيو گيمن ۾ وڌڻ لڳو ۽ ٻار پنهنجي وقت انهن گيمن ۾ گذارڻ لڳا ۽ اهڙيون وڊيو گيمون
ٺاهڻ ڪمپنين لاءِ هڪ وڏو بزنس بڻجي ويو، شروعات ۾ ته بلڪل عام گيمون اينديون رهيون
پر وقت گذرڻ سان گڏ مارڻ، قتل ڪرڻ، خوف ۽ دهشت واريون گيمون آنديون ويون، جنهن سان
ٻارن جي ذهنن تي به اثر ٿيڻ لڳو ۽ ٻار انهن غير حقيقي شين کي سچ سمجهڻ لڳا ۽ نه صرف
هو انهن گيمن کي حقيقت سمجهڻ لڳا پر لڳاتار اهي وڊيو گيمون کيڏڻ سان دماغ تي به ناڪاري
اثر ٿيڻ لڳا جيئن دماغي معذوري پيدا ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏوگڏ جسماني ڪمزوري به وڌڻ
لڳي ۽ گيمن کي ان طرح ٺاهيو ٿو وڃي جيئن انسان انهن گيمن جو عادي ٿي وڃي، موجوده
دور ۾ وڊيو گيم نه صرف ڪمپيوٽر يا اڄ ڪلهه انهن کي سمارٽ فون تي به متعارف ڪرايو
ويو آهي ته جيئن گيم کيڏندڙن کي وڌيڪ آساني پيش اچي سگهي، 2004ع کان وٺي 2019ع
تائين تقريبن 30 کان وڌيڪ ماڻهن جي وڊيو گيم جي کيڏڻ سان موت ٿي چڪي آهي ان ۾ 80
سيڪڙو کان وڌيڪ تعداد ٻارن جي موجود آهي، ائين ته ڪيترائي واقعا آهن پر اسان هتي
ٻن ٽن کي بيان ڪريون ٿا، جنهن ۾ موجوده
سال 2019ع ۾ هڪ ڇوڪري جي ”PUBG “ نالي
هڪ مشهور گيم لڳاتار ڇهن ڪلاڪن جي کيڏڻ سبب دل جو دورو پيو، جنهن سبب ان جي موت ٿي
۽ ان ٻار جي عمر صرف 16 سال هئي ۽ ان جو نالو فرقان هو، جيڪو انڊيا جي رياست ”مديا
پرديش“ جو رهواسي هو ۽ سال 2015ع جي هڪ رپورٽ مطابق رستم نالي هڪ ڇوڪرو جنهن جي
عمر 17 سال هئي اهو ڏڪڻ ايشيا جي بيشڪورٽسٽن ملڪ جي عچالي نالي شهر کان تعلق رکي
پيو ۽ ان نوجوان جي موت لڳاتار 22 ڏينهن تائين وڊيو گيم جي کيڏڻ سان ان جي موت پيش
آئي، ان دوران هو صرف ماني کائڻ يا صرف سمهڻ جو وقفو وٺندو هو ۽ جڏهن رستم جي پيءُ
کان رستم جي موت جو سبب پڇيو ويو ته ان چيو ته رستم جي ٽنگ ڀڄي پئي هئي جنهن سبب هو
گهر ويهي ڪري بور ٿيندو هو ان جي ڪري هن پنهنجو گهڻو وقت ڪمپيوٽر تي ويهي وڊيو
گيمون کيڏڻ شروع ڪيو ۽ سال ڏيڍ سال کان رستم ڪمپيوٽر تي وڊيو گيم کيڏي وقت گذاريو،
رپورٽ مطابق 2000 ڪلاڪن تائين هن وڊيو گيم کيڏي هن وقت گذاريو، ۽ ان کانسواءِ سال
2014ع ۾ هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو ته هڪڙي 12 سالن جي ڇوڪري تي ان جي ٻن دوستن 19 چڪر
وار ڪري زخمي ڪيو ۽ ان کي جنگل ۾ مرڻ لاءِ
ڇڏي آيون ۽ جڏهن ته وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي وئي ته خبر پئي ته ان ٻن ڇوڪرين پنهنجي
دوست کي ان ڪري زخمي ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو جو هو هڪ وڊيو گيم کيڏنديون هو، جنهن
جو نالو سلينڊر مين هو ان گيم ۾ گهوسٽ يعني جنات اچي ان کي ماري ڇڏيندي هئي ان ڪري
انهنان جنات کان بچڻ لاءِ پنهنجي دوست کي قربان ڪيون ته جيئن هو گيم ۾ مرڻ کان بچي سگهن، مطلب ته ماءُ پيءُ کي گهرجي
ته هو پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏين انهن سان وقت گذارين ۽ پنهنجي ٻارن کي عام طرح
گيمون کيڏائين ته جيئن هو دماغي ۽ جسماني طور صحتمند رهن.
ارسلان قريشي 2K17/MC/19
Comments
Post a Comment