Naseem u Rehman Feature سردارن جو شهر جيڪب آباد
Why this sent again?
u should mnetion in email and in file anme
سردارن جو شهر جيڪب آباد
نالو: نسيم رحمان
رول :ٽو ڪي- سيونٽين- ايم- سي 72
دنيا ۾ ڪيترائي تاريخي، قديمي ۽ اعليٰ حيثيت رکندڙ شهر آهن،
جن جو شمار تاريخ جي پسمنند ۽ قديمي اثاثن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ واقع
13 يونين ۽ 2 لک کان مٿي واري آبادي تي مشتمل هي شهر جيڪب آباد به انهن تاريخي
ماڳن مان هڪ آهي. هن تاريخي شهر جيڪب آباد کي پاڪستان لاءِ اعليٰ حيثيت رکندڙ صوبي
بلوچستان جو سرحد به لڳي ٿو. هن شهر جو پراڻو نالو خانڳهڙهه هو ۽ جڏهن 1843ع ۾
انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن جنرل جان جيڪب جيڪو جنرل جي عهدي تي قائم هو،
خانڳڙهه ۾ قبائلي سردارن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ 1847ع ۾ کيس خانڳڙهه جو
پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، ڪجهه وقت کانپوءِ هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي
پنهنجي نالي جي پٺيان جيڪب آباد رکي ڇڏيو. جيڪب آباد تي سندس نالو هئڻ سبب کيس هي
شهر گهڻو پيارو هو، جنهن جي ترقي لاءِ هي مسلسل جاکوڙيندو رهيو. جيڪب آباد شهر جي
ترقي لاءِ هن ڪيترائي ڪمڪيا جيئن جيڪب آباد جو گهنٽا گهر، جنهن کي وڪٽوريا ٽاول به
چيو وڃي ٿو، اها به جيڪب جي ڪوشش سان تعمير ٿيو، اهو گهنٽا گهر 60 فٽ اوچو، هڪ
مينار جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن، جيڪو اڄ به موجود آهي،
ان کانسواءِ هن شهر ۾ڪبوتر خانو ۽ ٽاور به ٺهرايو ويو، جنهن ۾ مختلف نسلن جا ڪبوتر
پاليا ويا، جيڪي خطن جي ترسيل جو ڪم ڏيندا هئا. ان سان گڏوگڏ 1857ع ۾ هن شهر ۾
هارس ۽ ڪيٽل شو جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو سبب هن علائقي جا اعليٰ نسل وارا گهوڙا
هئا. اهو هارس ۽ ڪيٽل شو مختلف وقتن تي اڄ تائين منقعد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گهوڙن
جي ڊوڙ، چوپائي مال جي نمائش ۽ عام ماڻهن جي وندر لاءِ مختلف اسٽال لڳايا ويندا
آهن. هن شهر کي سردارن جو شهر به ان لاءِ سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن شهر تاريخ جي
ڪيترن ئي قبيلن جي سردارن جو تعلق هن علائقي سان هو، جن ۾ مير عنايت شاهه شاهپوري،
دلمراد خان کوسو، ميربجار خان، دريا خان جکراڻي ۽ ٻيا شامل هئا. هنن سردارن
انگريزن خلاف آزادي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي گوريلا ويڙهه جاري رکي انگريز
سرڪار کي پريشان ڪيو. سنڌ جي هن قديم وسندي ۾ 1845ع سڀ کان پهرين ميونسپل ڪاميٽي
ٺاهي وئي جتي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ تجارتي قافلن جي رهائش لاءِ جوڳا بندوبست
ڪيا ويا. هن شهر جو هر هڪ انچ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن سان ڀرپور آهي، هن شهر ۾ هڪ
قديمي گهڙيال موجود آهي، جيڪو اڃا تائين وقت، تاريخ، ڏينهن ۽ چنڊ جا تاريخوار نشان
ٻڌائيندو آهي، اهو گهڙيال ڊي.سي جيڪب آباد جي ريزيڊنسي ۾ اڄ به موجود آهي. هي
گهڙيال زمين کان 5 فٽ مٿي هڪ شيشي جي ڪٻٺ ۾ نصب ٿيل آهي. هي گهڙيال ٻن پاسن وارو
آهي، هن جي هڪ پاسي جيڪو ڏيک آهي، انهي ۾ پاسڪتان اسٽينڊرڊ ٽائيم، هفتي جو ڏينهن،
عيسوي سن جو مهينو ۽ چنڊ جي تاريخ جو نظام رکيل آهي، ٻئي پاسي هن گهڙيال ۾ ساڳئي
وقت گرين وچ ٽائيم ڏسي سگهجي ٿو. هن گهڙيال جا پرزا گهڻي ڀاڱي پتل جا ٺهيل
آهن، انهي گهڙيال جا 80 کان مٿي پرزا آهن. هن گهڙيال جي مٿان تاريخي نوعيت جو هڪ
گهڻڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هر ڪلاڪ تي وڄندو آهي. هن گهڙيال ۾ هينڊل وانگر هڪ چاٻي
به آهي، جنهن کي ٻه ماڻهو ڦيرائيندا آهن ۽ اها چاٻي 15 ڏينهن تائين ڪارگر رهي ٿي.
هن شهر جو وچ ايشيائي ملڪن سان سڌو رستو بحال ٿيڻ کانپوءِ انگريز حڪمرانن هن شهرن
جي تجارت کي بهتر بنائڻ لاءِ 1900ع ۾ 100 دڪانن تي مشتمل هڪ شاهه ڪار تجارتي مرڪز
قائم ڪيو، جيڪو اڄ ڪلاٿ مارڪيٽ طور مشهور آهي. هن شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ هندن
جا ڪيترائي قديمي عبادگاهه موجود آهن، جن ۾ شامل ٺٽو مسجد، بخاري مسجد، ڪبوتري
مسجد، علي نواز مسجد ۽ ٻيا مسجد شامل آهن. جڏهن ته نانڪ وارا مندر، شمشان گهاٽ،
گوشالا، ناماڻي سندت مندر ۽ ٻيا مندر شامل آهن. شهر جي پسگردائي ۾ ٻيءَ جنگ عظيم
دوران قائم ڪيل شهباز ايئربس جنهن جو دنيا جي اهم ترين هوائي اڏن ۾ شمار ٿئي ٿو.
هتان F-16 جهڙا جديد جنگي جهاز آساني سان اُڏائي سگهجن ٿا. هي شهر سياحت جي
لحاظ سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پاڪستان توڙي دنيا جي مختلف ڪنڊ ڪڙڇن مان ماڻهو هي
تاريخي شهر گهمڻ ايندا آهن. هي شهر موسم جي لحاظ کان به مشهور آهي ڇو جو پاڪستان
جو گرم ترين شهر جيڪب آباد آهي.
photo on email
ur name, category of writing, roll in sindhi should have been here
سردارن جو شهر جيڪب آباد
دنيا ۾ ڪيترائي تاريخي، قديمي ۽ اعليٰ حيثيت رکندڙ شهر آهن،
جن جو شمار تاريخ جي پسمنند ۽ قديمي اثاثن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ واقع
13 يونين ۽ 2 لک کان مٿي واري آبادي تي مشتمل هي شهر جيڪب آباد به انهن تاريخي
ماڳن مان هڪ آهي. هن تاريخي شهر جيڪب آباد کي پاڪستان لاءِ اعليٰ حيثيت رکندڙ صوبي
بلوچستان جو سرحد به لڳي ٿو. هن شهر جو پراڻو نالو خانڳهڙهه هو ۽ جڏهن 1843ع ۾
انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن جنرل جان جيڪب جيڪو جنرل جي عهدي تي قائم هو،
خانڳڙهه ۾ قبائلي سردارن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ 1847ع ۾ کيس خانڳڙهه جو
پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، ڪجهه وقت کانپوءِ هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي
پنهنجي نالي جي پٺيان جيڪب آباد رکي ڇڏيو. جيڪب آباد تي سندس نالو هئڻ سبب کيس هي
شهر گهڻو پيارو هو، جنهن جي ترقي لاءِ هي مسلسل جاکوڙيندو رهيو. جيڪب آباد شهر جي
ترقي لاءِ هن ڪيترائي ڪمڪيا جيئن جيڪب آباد جو گهنٽا گهر، جنهن کي وڪٽوريا ٽاول به
چيو وڃي ٿو، اها به جيڪب جي ڪوشش سان تعمير ٿيو، اهو گهنٽا گهر 60 فٽ اوچو، هڪ
مينار جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن، جيڪو اڄ به موجود آهي،
ان کانسواءِ هن شهر ۾ڪبوتر خانو ۽ ٽاور به ٺهرايو ويو، جنهن ۾ مختلف نسلن جا ڪبوتر
پاليا ويا، جيڪي خطن جي ترسيل جو ڪم ڏيندا هئا. ان سان گڏوگڏ 1857ع ۾ هن شهر ۾
هارس ۽ ڪيٽل شو جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو سبب هن علائقي جا اعليٰ نسل وارا گهوڙا
هئا. اهو هارس ۽ ڪيٽل شو مختلف وقتن تي اڄ تائين منقعد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گهوڙن
جي ڊوڙ، چوپائي مال جي نمائش ۽ عام ماڻهن جي وندر لاءِ مختلف اسٽال لڳايا ويندا
آهن. هن شهر کي سردارن جو شهر به ان لاءِ سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن شهر تاريخ جي
ڪيترن ئي قبيلن جي سردارن جو تعلق هن علائقي سان هو، جن ۾ مير عنايت شاهه شاهپوري،
دلمراد خان کوسو، ميربجار خان، دريا خان جکراڻي ۽ ٻيا شامل هئا. هنن سردارن
انگريزن خلاف آزادي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي گوريلا ويڙهه جاري رکي انگريز
سرڪار کي پريشان ڪيو. سنڌ جي هن قديم وسندي ۾ 1845ع سڀ کان پهرين ميونسپل ڪاميٽي ٺاهي
وئي جتي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ تجارتي قافلن جي رهائش لاءِ جوڳا بندوبست ڪيا
ويا. هن شهر جو هر هڪ انچ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن سان ڀرپور آهي، هن شهر ۾ هڪ قديمي
گهڙيال موجود آهي، جيڪو اڃا تائين وقت، تاريخ، ڏينهن ۽ چنڊ جا تاريخوار نشان
ٻڌائيندو آهي، اهو گهڙيال ڊي.سي جيڪب آباد جي ريزيڊنسي ۾ اڄ به موجود آهي. هي
گهڙيال زمين کان 5 فٽ مٿي هڪ شيشي جي ڪٻٺ ۾ نصب ٿيل آهي. هي گهڙيال ٻن پاسن وارو
آهي، هن جي هڪ پاسي جيڪو ڏيک آهي، انهي ۾ پاسڪتان اسٽينڊرڊ ٽائيم، هفتي جو ڏينهن،
عيسوي سن جو مهينو ۽ چنڊ جي تاريخ جو نظام رکيل آهي، ٻئي پاسي هن گهڙيال ۾ ساڳئي
وقت گرين وچ ٽائيم ڏسي سگهجي ٿو. هن گهڙيال جا پرزا گهڻي ڀاڱي پتل جا ٺهيل آهن، انهي گهڙيال جا 80 کان
مٿي پرزا آهن. هن گهڙيال جي مٿان تاريخي نوعيت جو هڪ گهڻڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هر
ڪلاڪ تي وڄندو آهي. هن گهڙيال ۾ هينڊل وانگر هڪ چاٻي به آهي، جنهن کي ٻه ماڻهو
ڦيرائيندا آهن ۽ اها چاٻي 15 ڏينهن تائين ڪارگر رهي ٿي. هن شهر جو وچ ايشيائي ملڪن
سان سڌو رستو بحال ٿيڻ کانپوءِ انگريز حڪمرانن هن شهرن جي تجارت کي بهتر بنائڻ
لاءِ 1900ع ۾ 100 دڪانن تي مشتمل هڪ شاهه ڪار تجارتي مرڪز قائم ڪيو، جيڪو اڄ ڪلاٿ
مارڪيٽ طور مشهور آهي. هن شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ هندن جا ڪيترائي قديمي
عبادگاهه موجود آهن، جن ۾ شامل ٺٽو مسجد، بخاري مسجد، ڪبوتري مسجد، علي نواز مسجد
۽ ٻيا مسجد شامل آهن. جڏهن ته نانڪ وارا مندر، شمشان گهاٽ، گوشالا، ناماڻي سندت
مندر ۽ ٻيا مندر شامل آهن. شهر جي پسگردائي ۾ ٻيءَ جنگ عظيم دوران قائم ڪيل شهباز
ايئربس جنهن جو دنيا جي اهم ترين هوائي اڏن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتان F-16 جهڙا جديد جنگي جهاز آساني سان اُڏائي سگهجن ٿا. هي شهر
سياحت جي لحاظ سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پاڪستان توڙي دنيا جي مختلف ڪنڊ ڪڙڇن مان
ماڻهو هي تاريخي شهر گهمڻ ايندا آهن. هي شهر موسم جي لحاظ کان به مشهور آهي ڇو جو
پاڪستان جو گرم ترين شهر جيڪب آباد آهي.
Comments
Post a Comment