Abid Mazari Feature

Ur feature is taken for magazine, here 1000 words are required.
Pls expand this piece to 1000 words, and send till Sep 14.
U are in magazine's editorial board

Returned
Pls write in proper feature style. it should be reporting based.
This all is secondary data, taken from some already published  material .
foto??


عابد حسين مزاري _رول _ 6 بي اس _پارٽ ٿري

صادق آباد م واقع ڀًنڱ مسجد 
ڀۡنڱ مسجد پاڪستان جي قديم ماڳن مان ھڪ قديم ۽ قيمتي اثاثو  آھي.  ھي مسجد پاڪستان جي  صوبي پنجاب جي  تعلقي صادق آباد کان تقريبن 20 ڪلوميٽر پري ھڪ ننڍڙي شھر ڀًنڱ م واقع آھي. 1932ع م سردار رئيس غازي محمد ھن مسجد جي تعميراتي ڪم جي شروعات ڪرائي, جيڪا 1982 م مڪمل ٿي. رئيس محمد غازي مجسٽريٽ ۽ ڀاولپر اسيمبلي جو رڪن بہ رھي چڪو آھي .شھرت ۽ امير ھجڻ جي باوجود بہ رئيس غازي محمد سادگي پسند ڪندا ھئا ۽ عام ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ  کي ترجيع ڏيندا ھئا ٖ ديني تعليم جو حصول , عبادت ۽ سماجي ڪمن ۽ مختلف علائقن م مسجدون تعمير ڪرائڻ ان جي زندگي جو مقصد رھيو آھي. رئيس غازي محمد پنھنجي خانداني محل جي ڀر م ڀنگ مسجد جي تعمير جي ھدايت ڏني.تعمير جي ھر مرحلي م ھن ذاتي دلچسپي ڏيکاري .جيتوڻيڪ مسجد جي تعمير جي نگراني لا۽ ماسٽر عبدالحميد کي مقرر ڪيو ويو .جنھن نھايت محنت ۽ جدوجھد سان مسجد جي تعمير جي نگراني ڪئي.مسجد جي تعمير لا۽ آسٽريا، ھنگري، اٽلي ۽ ٻين ملڪن مان سنگ مرمر، سنگ خارا، ۽ ٻيا پٿر آندا ويا.ڀنگ مسجد جي تعميرات 50 سالن جي وڏي عرصي م مڪمل ٿي. ھن 50 سالن جي دوران ھزارين ڪاريگرن مسجد جي تعمير م حصو ورتو .جن جو تعلق پاڪستان ۽ انڊيا سان آھي. مسجد جي ڪاريگرن جي ھر طرح سان خيال رکيو ويندو ھو انھن جي رھائش جي بندوبست بہ ڀنگ شھر م ڪئي وئي ،ايتري قدر جو ڪاريگرن جي اولاد جي شادي جو خرچ ۽ بندوبست بہ رئيس غازي محمد ڪندو ھو. ان وقت مسجد جي تعمير لا۽ وزني مشينري ۽ ٻيو سامان صادق آباد جي ريلوي اسٽيشن کان 20 ڪلوميٽر پري ڀًنڱ شھر م ڍڳي گاڏين ۽ اٺ گاڏين ذريعي آندو ويندو ھو. مسجد جي تعمير لا۽ ڪا بہ باقائده نقشو نہ بڻايو ويو. ھڪ خاڪو رئيس غازي محمد جي ذھن م ھو جنھن جي مطابق تعميرات جي شروعات ڪئي وئي.رئيس غازي محمد جڏھن بہ ٻاھرين ملڪن م ويندا ھئا تہ اتان جا مسجد ڏسي ڪري جيڪا شئي پسند ايندي ھئي انھي مطابق ڀنگ مسجد جي تعمير م تبديلي ڪرائيندا ھئا. ائين مسجد جي ڊيزائن م گھڻا ڀيرا تبديلي ڪئي وئي.مسجد جي تعمير جي دوران ئي 1975ع م رئيس غازي محمد جي وفات ٿي وئي. ان جي وفات کانپو۽ ان جي پٽ رئيس وزير احمد مسجد جو تعميراتي ڪم جاري رکيو.۽ جڏھن ھن مسجد جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو تہ مسجد کي وڏي شھرت حاصل ٿي ،نہ بلڪہ پاڪستان پر دنيا جي مختلف ڪنڊ ڪڙڇن مان ھن مسجد کي ڏسڻ ايندا آھن.ڀنگ مسجد م ھڪ وسيع مدرسو ۽ ھجرا بہ موجود آھي، جتي رئيس غازي محمد عبادت ڪندو ھو. مسجد جو مرڪزي دروازو حضرت امام رضہ جي صدر دروازي جھڙو آھي. ڀًنڱ مسجد جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ ھي مسجد سنگ مرمر ۽ سنگ سياح سان آرائستا آھي .مرڪزي محراب جي آرائش م خالص سون ، چاندي ۽ قيمتي پٿر استعمال ڪيو ويو آھي. سندل جي ڪاٺي جو نھايت نفيس دلڪش ڪم ڪيو ويو آھي.ھڪ وڏي غمبز جي ھيٺ عورتن جي نماز پڙھڻ لا۽ نماز جي خاص جڳھ موجود آھي ،جيڪو عورتن جي جمع مسجد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.ڀًنڱ مسجد م ھڪ ئي وقت 2 ھزار نمازي نماز ادا ڪري سگھن ٿا. ڀنگ مسجد جي من موھيندڙ نظارن  ۽ خوبصورتي جي ڪري 1986ع م ھن مسجد کي آغا خان اعزاز سان بہ نوازيو ويو. ڀنگ مسجد لا۽ اھا چوڻي بہ مشھور آھي تہ مسجد جو تعميراتي ڪم ٻارنھن ئي مھينا ھلندو رھندو آھي،ڇو جو ھن مسجد م اڄ بہ ٿورو ٿڪو ڪم ھلندو رھي ٿو ۽ تازو ئي ھڪ مينار اڏاوت جي مرحلي م آھي . خوبصورتي ، من موھيندڙ نقشي، ڱلڪاري ۽ منفرد ڊيزائن تي مشتمل ڀنگ مسجد ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي حيراني م مبتلا ڪري ڇڏي ٿو .

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article