Ahsan jakhro Article Sindhi
too short
Check how this topic was approved
Referred back
What is punch line?
Check how this topic was approved
Referred back
What is punch line?
نالو؛ احسن ياسين جکرو
سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جو مرض
ايڊز جي مرض جي نه صرف سنڌ ۾ پر سڄي دنيا ۾ واويلا هلي رهي آهي اينئن ٿو لڳي ڄڻ ته ڪو راڪاس پيدا ٿي پيو هجي.پر سنڌ اندر ايڊز جهڙي خطرناڪ بيماري جو ايتري تيزي سان وڌڻ ڪنهن عذاب کان گھٽ نه آهي، ايڊز جنهن جو شمار به موت مار بيمارن ۾ ٿئي ٿو، جيڪا هڪ دفعو انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ تيستائين موجود رهي ٿي جيستائين ان انسان جو وجود هن دنيا مان ختم نه ڪري ڇڏي آهي.
ايڊز جهڙو موضي مرض جيڪو هن وقت سنڌ اندر تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي خاص طور سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو ۾ ايڊز جو مرض تمام گھڻي تعداد ۾ نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ٻار، مرد توڙي عورتون شامل آهن..
رتوديرو شهر جي تعلقه اسپتال سان گڏ چئن مختلف ڳوٺن ۾ به ايڊز جي نشاندگھي ۽ علاج لاءِ ڪئمپيون پڻ لگايون ويون آهن. انهن جي مطابق 20880 ماڻهن جي چڪاس ڪئي وئي آهي جنهن مان 617 ماڻهن ۾ ايڊز جي بيماري ظاهر ٿي چڪي آهي جنهن ۾ 503 ٻار ۽ 114 وڏا ماڻهون شامل آهن. هن بيماري جي پيدا ٿيڻ جو سبب هڪ وائرس ٿئي ٿو جيڪو انساني بچاءُ واري سرشتي جي سگھ ۾ کوٺ پيدا ڪندڙ وائرس (هيومن اميونو ڊيفيشنسي سنڊروم) يا ٿورن اکرن ۾ ايڇ آءِ وي چئجي ٿو. اهڙو وائرس هن بيماري ۾ ورتل مريض جي رت، جنسي رطويت (پاڻي) ۾ وڏي تعداد ۾ موجود رهي هوندو آهي ۽ گھڻي ڪري انهن ئي ذريعي رت، جنسي پاڻي وغيره جي وسيلي ئي ٻين ماڻهن ۾ پهلجي ٿي. رت وسيلي يا ايڊز وائرس هڻين سئن وسيلي ايڊز جو مرض هڪ ماڻهون کان ٻئي ماڻهون تائين منتقل ٿئي ٿو، ايڊز وائرس کان متاثر ٿيل شخص سان بچاءَ وارا اپاءُ اختيار نه ڪرڻ ڪري ان سان جنسي ميلاپ (همبستري) ڪرڻ پوءِ اهڙو ميلاپ توڙي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هجي يا وري مرد جو مرد سان هجي..
رتوديرو شهر اندر هن بيماري جي پهلجڻ جا جيڪي سبب ٻڌايا پيا وڃن انهن مان هڪ اهم سبب اطعي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ به ٻڌايو پيو وڃي جيڪي صرف چند پئسا بچائڻ لاءِ هڪ مريض تي استعمال ٿيل سئي ٻئي مريض تي استعمال ڪري بيماري کي فهلجڻ ۾ هٿي وٺرائي آهي. ڇو جو ته انهن وٺ ايترو علم ڪونه هو ته ايڊز جا وائرس هڪ چڪر ڊٽول سان ڌوئڻ سان ته ڇا پر سڄي امر به ڊٽول ۾ رکڻ سان به ختم نه ٿيندا آهن. ڊاڪٽر جنهن کي انساني زندگي بچائڻ وارو مسيحا سمجھو ويندو آهي انهن ئي ڊاڪٽرن رتوديرو اندر هڪ موت مار ايڊز جهڙي بيماري کي فهلائڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي ڪونه ڇڏي آهي. هن وقت رتوديرو جو عوام هلڪي ڦلڪي بيماري جيئن زڪام، بخار، پيٽ ۽ مٿي جي سور جهڙن بيمارن جو به علاج ڪرائڻ کان گھبرائي رهيا آهن، رتوديرو جي عوام جو چوڻ آهي ته ايئين نه ٿئي جو هڪ ننڍي بيماري جي علاج ڪرائڻ سبب ايڊز جھڙي خطرناڪ بيماري ۾ وڪوڙجي وڃئون.
ايڊز جي مرض کان بچڻ لاءِ ڪجھ خاص احتيات اختيار ڪرڻا پوندا جيئن لاگاپن ۾ سدائين پاڻ کي پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي يا ساٿياڻي تائين محدود رکيو وڃي ۽ ان لاڳاپي کان ذرو به نه هٽجي. ڪنهن قسم جي تڪليف، بيماري يا نشاني جا آثار نظر ٿيڻ تي ان جو بر وقت ۽ مڪمل علاج ڪرائجي ۽ انجيڪشن ڪرائڻ وقت هميشه نئي سئي جو استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن کان به ڏکي وقت ۾ رت وٺڻ وقت ان جي مڪمل چڪاس ڪرائڻ کان بعد .ئي استعمال ۾ آندي وڃي ۽ سنڌ حڪومت کي به ايڊز جهڙي خطرناڪ ۽ موت مار بيماري کي روڪڻ لاءِ ڪي وڌيڪ خاص اقتدامات ڪرڻ گھرجن. ڇو جو ته جي اهڙي خطرناڪ ۽ بي رحم بيماري کي روڪيو نه ويو ته اها بيماري سنڌ جا ايندڙ ڪيترائي نسل تباه ڪري ڇڏيندي..
نالو؛ احسن ياسين جکرو
رول نمبر؛ 9
Comments
Post a Comment