Mudasir Chandio Article Sindhi published
No authentic report is quoted
Water commission has many findings
Make intro current, interesting
سنڌ ۾ پئيڻ جي صاف پاڻي
جو بحران
محمد مدثر
انساني جياپي لاءِ پاڻي جو هجڻ ضروري آهي
جيڪڏهن پاڻي ناهي پوءِ ڪجھ به نه آهي ڇو ته انسان جو سڄو وهنوار پاڻي تيآهي ان کان
علاوه جانور توڙي سرسبز زمين به پاڻي تي هوندي آهي جيڪي الله تعاليٰ هن زمين تي ساھ واري شيءِ خلقي آهي. انهن جو
سڄو دارومدار پاڻي تي هوندو آهي جيڪڏهن ڪٿي به پاڻي ناهي اتڙي انسان توڙي جانورن
جو رهڻ ناممڪن آهي. پاڻي جو هڪ اهو اهم مسئلو آهي جيڪو پوري دنيا ۾ سمائل آهي جنهن
جي پوري دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب احتجاجي مظاهرا ۽ ان کان علاوه مختلف ڪالم اخبارن
۾ ايندا رهن ٿا. پر هر مسئلو پاڻي جو ئي هوندو آهي جيڪو نه صرف پاڪستان اندر بلڪه
پوري دنيا جو سنگين مسئلو آهي، پر دينا ۾ مختلف ملڪن ۾ پاڻي کي بچاءُ جي لاءِ
ڪيتريون ئي ٽيڪنالاجي شيون اوزار استعمال ڪيا اٿن جئين پاڻي وڌيڪ زايعه نٿي سگهي.
۽ ان کان علاوه ٻيا به اهڙا ڪيترائي ملڪ آهن
جتي پوري ڏينهن رات ۾ صرف 5منٽن تائين پاڻي ايندو آهي، جنهن ۾ ان ملڪ جا
ماڻهون کاڌ خوراڪ جي لاءِ ۽ پنهنجي استعمال لاءِ ڊرم ڀري ڇڏيندا آهن وري انهن کي
ٻئي ڏينهن تي پاڻي فراهم ٿيندو آهي. پر اسان پاڪستان جي ڳالھ ڪنداسين ته بلڪل به
هتي سسٽم مختلف آهي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾گهٽ ۾ گھٽ هڪ ڪروڙ جي آبادي
رهائش پذير آهي، اتي پاڻي جي کوٽ ته هميشه کان رهي آهي جتي پوري ڪراچي ۾ ڪٿي صاف
پاڻي ڪٿي وري گندو پاڻي ماڻهون واپرائي رهيا آهن تازو ڪجھ ڏينهن پهريان جيو نيوز
جي هڪ پروگرام ۾ رپورٽ شايع ٿي ته روشنن جي شهر ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پوري
ڪراچي جيڪي واٽر ٽينڪرز پاڻي سپلاءِ ڪري رهيا آهن رپورٽ موجب واٽر ٽينڪرز ٽوٽل ڇھ
هزار آهن، جيڪي پوري ڪراچي شهر کي صاف پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن ۽ ان کان علاوه ٻه
هزار اهي ٽينڪرز آهن جيڪي گيالن طور استعمال ٿين ٿا. ۽ جيڪي سرڪاري سطع تي پاڻي
فراهم ڪري رهيا آهن، اهي ٽوٽل ڇھ آهن جيڪي ڪراچي شهر کي پاڻي فراهم ڪندا اچن ٿا حد
ته ان ڳالھ جي آهي پوري ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪرز جيڪي پرائيوٽ طور ڪم ڪن ٿا اهي ڇھ
هزار آهن ۽ جيڪي سرڪاري سطح تي ڪم ڪري رهيا آهن اهي قل ڇھ آهن، حالانڪه روپورٽ
موجب گورنمينٽ ڪراچي جي ماڻهن کي هڪ رليف ڏنو آهي ته 14 سئو روپيا في ٽينڪر جي
قيمت آهي ۽ پرائيوٽ واٽر ٽينڪرن جي قيمت 3 کان ڇھ هزار آهي. پر پوءِ سرڪاري سطح تي
ڪو به اهڙو ڪم ناهي ٿي سگهيو. جيڪو عوام جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. البته ڪراچي
شهر جي مختلف علائقن ۾ گندي پاڻي واپارائڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿيون آهن،
ان ۾ جگر جي بيماري خون جي بيماري ۽ مادي جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا آهن.
اهيا ته رهي ڳالھ ڪراچي شهر جي پر اسان هتي
حيدرآباد ۽ ڄامشوري شهر جي ڳالھ ڪيون ته هتي به ڪراچي جهڙي ساڳي ڪنڊيشن آهي.
حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جتي پئيڻ جي صاف پاڻي جا ڪيترائي مسئلا
سامهون اچن ٿا. ۽ ان کان علاوه ڄامشورو شهر ۾ ساڳي حالت برقرار آهي. هوئنن ته
ڄامشورو شهر بحثيت تعليم جي ڪري پوري سنڌ نه بلڪه پوري پاڪستان ۽ دينا جي ڪافي
ملڪن ۾ ڄامشورو شهر جي هڪ جدا سڃاڻپ آهي. جتي هزارين شاگرد مختلف ملڪن کان وٺي
پنهنجي پاڪستان جي چئني صوبن جا شاگرد پڻ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي رهيا
آهن.پاڪستان جون نالي واريون يونيورسٽون به ڄامشورو شهر ۾ آهن، جهڙوڪ سنڌ
يونيورسٽي،مهراڻ يونيورسٽي ۽ ان کان علاوه لمس ميڊيڪل يونيورسٽي جو نالو فهرست ۾
شامل آهي. اسان نه صرف پاڻي جي کوٽ جي ڳالھ ڪنداسين پر اتي پئيڻ جو صاف پاڻي به
وڏو اهم مسئلو هوندو آهي پوءِ ڪيترائي شاگرد مادي جهڙي موزي مرض ۾ مبتلا آهن. پر
افسوس اهيو آهي جو پئيڻ جو صاف پاڻي نه آهي جتي سوين شاگرد بيمارين جي ور چڙهيل
آهن.
نه صرف اهو هڪ ٻن شهرن جو مسئلو آهي پر اسان
هتي سنڌ جي ڪنهن به هڪ ڳوٺ تي نظر وجهنداسين اتي به اها ساڳي حالت آهي جتي ڳوٺاڻن
ماڻهن جون زمينون بنجر بڻيل آهن اتي پاڻي زمين جي لاءِ ته پري جي ڳالھ پر پئيڻ جي
لاءِ ڪيترائي ميل پنڌ ڪري گهگيون ڀري اچن ٿا. پر اهو به ميرو پاڻي ۽ گندو پاڻي
استعمال ڪن ٿا. جنهن سبب اهي ڳوٺاڻا ماڻهون بيماريءَ جي حالت ۾ گذارن ٿا.
پاڻيءَ جو مسئلو صرف ڪراچي شهر ۾ نه آهي پر
پوري سنڌ ۾ پاڻي شديد بحران آهي اسان تعليمي ادارن تي نظر وجهنداسين ڪافي اهڙا
اسڪول سنڌ جا آهن جتي پاڻي جو ڪو به سسٽم نه آهي گذريل هفتي اردو چئنل تي رپورٽ
شايع ٿي جنهن موجب سنڌ جا 33 اسڪول اهڙا آهن جتي پاڻيءَ جو ڍڪ به موجود ناهي اتي
ٻار شديد تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر پوءِ به اتي شاگرد همٿ ۽ جدوجهد سان
تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
پاڻيءَ جو بحران پوري سنڌ ۾ آهي ان ۾ ڳوٺن کان
وٺي توڙي وڏن شهرن ۾ صاف پاڻي جو وڏو مسئلو آهي اسان ته هتي رڳي سنڌ جو ذڪر ڪيو
آهي پر پاڻي جو مسئلو پوري پاڪستان اندر سمايل آهي گندي پاڻي جي واپرائڻ سان
هزارين بيماريون ٿين ٿيون. تازو ئي هڪ ميڊيڪل رپورٽ موجب ڪراچي توڙي حيدرآباد ۽ ان
جي مختلف شهرن ۾ گندو پاڻي واپرائڻ سبب هزارين بيماريون پيدا ٿيون آهن. تحقيق موجب
جيڪي روزمره جي بنياد تي بيماريون ٿين ٿيون. اهي هي آهن. هڪ خون جو مسئلو ٻيو جگر
جو مسئلو گڙدن جو مسئلو ۽ ان کان علاوه مادي جي مرض ۾ ماڻهون مبتلا آهن.
سنڌ ۾ پاڻي جو بحران گذريل ڪيترن ئي سالن کان
هلندو پيو اچي پاڻيءَ جي بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا وڃن جو بحران
کي ختم ڪيو وڃي. حالانڪه ڪيترن سالن کان وٺي وڏن سياستدانن پنهنجي جلسن ۾ ڪيل
ڳالهين تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. اگر سنڌ ۾ اهڙي حالت برقرار رهي ته پوءِ ايندڙ ڪجھ
سالن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پاڻي جو شديد بحران ٿي ويندو. ان ڳالھ کي سنڌ گورنيمنٽ
کي جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي. ته جئين پاڻي جو بحران پوري سنڌ مان ختم ٿي وڃي.
محمد مدثر
رول نمبر؛ 130
بي ايس پارٽ ٿري
Comments
Post a Comment