Shahzeb Solangi, Feature sindhi published

Needs some improvement

سنڌ جو ڪوھ مري گورک هل اسٽيشن
 شاهزيب ڪمال سولنگي . رول نمبر 89
جٿي پهچڻ جي لاءِ همٿ ۽  جبلن جيڏا حوصلا هجن اتي پهچڻ ۾ توهان کي ڪير به نٿو روڪي سگهي، ڀلي صحرا هجي يا ڪو رڻ پٽ ريگستان ڇو نه هجي. بس حوصلا بلند هجن ۽ همٿ هجي.
گورک هل اسٽيشن دادو شهر کان 93ڪلو ميٽر اتر اولھ کان  واهي پانڌي ۾ واقع آهي گورک هل اسٽيشن کي سنڌ جو ڪوه مري پڻ چيو ويندو آهي. گورک پنهنجي بلند چوٽن ۽ خوبصورت نظارن جي ڪري ڪوھ مري کان پوءِ سڄي پاڪستان  ۾ مقبوليت رکي ٿو. چئجي ته هر گل جي خوشبوءِ پنهنجي هوندي  آهي ائين ئي گورک به  پنهنجي منظرن ۽ خوبصورت نظارن ۽ مٺي پاڻي جي چشمن ۽ آبشارن جي ڪري  هڪ الگ سڃاڻپ رکي ٿو. گورک کي سنڌ جو مري ان ڪري سڏيو وينندو آهي جو جون جولاءِ جهڙي گرمن ۾ به گورک جي 23کان 26 گرمي پد رهي ٿي. ۽ انهيءَ ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيترائي ماڻهون گورک طرف رخ ڪندا آهن. ان ڪري سنڌ جي ٻين علائقن کان گورک جي سطح تي موسم سرد خشگوار رهي ٿي.
گورک بلوچي لفظ گرک مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڀيڙيو آهي. گورک جي آسپاس رهڻ وارن جو چوڻ آهي ته ڪنهن دور ۾ هتي گرک يعني ڀيڙيا وڏي تعداد ۾ رهندا هئا.پر آدم جي مداخلت جي ڪري اهي هتان هليا ويا. گورک تي وڃڻ جي لاءِ روڊ رستا پڻ موجود آهن پر تيز چڙاهين جي ڪري عام گاڏين جو استعمال تمام خطرناڪ هوندو آهي. انهيءَ ڪري گورک تي وڃڻ جي لاءِ پرائيوٽ گاڏيون بڪ ڪرائڻيون پونديون آهن اهي گاڏيون خاص ڪري فور ويلر يا ڊبل ڪيبن گاڏيون هونديون آهن جيڪي گورک جون تيز ۽ وروڪڙن واريون چاڙهيون با آساني سان چڙهي وينديون آهن، ۽ اهي سواريون گورک وڃڻ جي لاءِ محفوظ سوارين طور استعال ٿينديون آهن.روڊ رستن سان گڏ هيلي ڪاپٽر جي لهڻ جو گرائونڊ گورک تي پڻ موجود آهي جنهن جي مدد سان وي آءِ پي ماڻهون پڻ گورک تي ايندا آهن. 
گورک وڃڻ وقت آسپاس واريون مٽياليون پهاڙيون اهڙي تاريخ جو منظر بيان ڪنديون آهن ڄڻ ڪنهن دور ۾ هن خطي تي ڪو شهر آباد هيو.  جيڪو وقت مٽائي ڇڏي هجي اهي پهاڙيون ڪنهن قلي يا ڪنهن گهر جو منظر ڏينديون آهن ڄڻ ان قلعي يا گهر ۾ رهڻ وارا وقت فنا ڪري ڇڏيا هجن. ۽ انهن پهاڙن کي ڪافي ڪنڊن ۾ صفاٽ فرش ٺهيل آهن ڄڻ ڪا مزورن جي ٽولي تازو اهو فرش ٺاهي وئي هجي.
گورک هل اسٽيشن سمنڊ سطح کان پنج هزار ڇھ سئو 88 فٽ مٿي هجڻ ڪري پنهنجي موسم ۾ ٻين علائقن کان تبديل آهي گرمين جي موسم ۾ به گورک تي گرمي پد گهٽ رهي ٿو ۽ سياري جي موسم ۾ گورک تي برف باري پڻ ٿيندي آهي ۽ پنهنجي تبديل موسم جي ڪري گورک ڪيترن ئي ماڻهن کي پاڻ طرف مائل ڪري ٿو ۽ ڪيترائي ماڻهون سنڌ مان هجن يا پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهون سير جي حساب سياح تفريح ڪرڻ جي هن ماڳ تي اچن ٿا، ۽ خشگوار موسم ۽ منظر ۽ نظارن مان لطف اندوز ٿين ٿا. هر سال سياري جي موسم ۾ گورک فيسٽول پڻ ٿيندو آهي جنهن ۾ پوري پاڪستان جي چئني صوبن جا موسيقار ۽ گلوڪار گورک فيسٽول ۾ فن جو مظاهري سان ماڻهن کي موهي وجهن ٿا. ۽ ان فيسٽول ۾ پڻ بون فائر ۽  آتشبازي جون تقريبون پڻ ٿينديون آهن. جيڪي ايندڙ سياحن کي موهي ڇڏينديون آهن.
گورک جي سطح تي سياحن جي لاءِ هوٽلن جو پڻ انتظام جتي کائڻ پئيڻ ۽ رهڻ جو ربردست بندوبست ٿيل آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ گورک تي سياحن کي جهوپڙيون پڻ ڪرائي تي ملنديون آهن جئين سياح ههڙي پر اسرار چوٽيءَ  ۽ ان جي سرد موسم جو مزو وٺي سگهن.
پاڪستان جي مختلف تفريح ماڳن جئيان گورک به ڪيترن ئي سياحن کي مائل ڪري ٿو گورک سنڌ جو واحد تفريح ماڳ آهي جيڪو هيڏي بلندي تي واقع آهي جتي بجلي ۽ واٽر سپلاءِ جي سهولت موجود آهي جيڪا ايندڙن لاءِ ڪارائتي ۽ بنيادي سهولتن ۾ شامل ٿين ٿيون. ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گورک جي روڊ رستن کي نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي جئين وڌ کان وڌ سياح گورک جي طرف رک ڪري سگهن.

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article