Abid Mazari سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ ان جا ڪارڻ
Revised
Who is author? what is his/ her roll no?
سنڌ ۾ وڌندڙ
بيروزگاري ۽ ان جا ڪارڻ
عابد حسين مزاري
ھن جديد دور ۾ جتي
دنيا تيزي سان ترقي ڪري رھي آھي ,اتي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ پاڪستان اڃا تائين غربت
۽ بيروزگاري جھڙن مسئلن جي ور چڙھيل آھي.دنيا ۾ اھڙا ملڪ
آھن جن جي گھڻي ڀاڱي آبادي نوجوانن تي مشتمل ھوندي آھي ,پاڪستان به نوجوانن جي
آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آھي .هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو تعداد
نوجوانن جو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جنهن ملڪ ۾ نوجوانن جو وڏو انگ هوندو آهي اهو
ملڪ دنيا اندر ترقيءَ جي راهن تي گامزن هوندو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي سياسي، اقتصادي،
ذرعي، سائنسي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪرادر ادا ڪندو آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ حقيقت ان
جي ابتڙ آهي.ملڪ پاڪستان جيڪو بيروزگاري جو شڪار آھي ء ان جي صوبي سنڌ جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ جيڪا تاريخ جي انتھائي
مشڪل دور مان گذري پئي .سنڌ جا نوجوان به ڪنهن بهتر صورتحال ۾ نظر نه ايندا.سنڌ
جيڪو پھريانئيبيشمار مسئلن کي
منھن ڏيئي رھي آھي,سنڌ جي انھن انتھائي پيچيده مسئلن ۾ بيروزگاري به اھم مسئلو بڻجي ويو آھي.سنڌ ۾
وڌندڙ بيروزگاري جنھن جي ڪري سنڌ جو ھر طبقو پريشاني ۾ مبتلا آھي, ان جا ڪيترائي ڪارڻ آھن پر سڀ کان اھم ء وڏو مسئلو
ميرٽ جي لتاڙ آھي .سنڌ ۾ موجود بيروزگارن مان وڏي اڪثريت تعليم يافته نوجوانن جي
آهي،سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ اهڙا نوجوان آهن جيڪي پنهنجي محنت سان رات ڏينهن هڪ
ڪري تعليم مڪمل ڪري مختلف تعليمي ادارن مان
ڊگريون وٺي نڪتا آهن ۽ هاڻ نوڪري جي لاءِ دربدر ٿيڻ انهن جو مقدر بڻجي ويو
آهي.سنڌ ۾ هن وقت بيروزگاري واري صورتحال
آهي، جيڪا نهايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي آهي،
جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪا جاءِ خالي ٿئي ٿي ته اتي هزارين درخواستون پهچي وڃن ٿيون،
جيڪو انگ 10 کان 15 هزارن تائين به ڏسڻ ۾ آيو آهي. درخواست ڏيندڙن ۾ انجنيئرنگ ,يڊيڪل
ايم ايس سي، ايم اي، ۽ايلايلبيءٻينشعبن۾پاساميدواربهشاملهونداآهن. جڏهنته
جاين جو انگ 50 کن مس هوندو آهي، جنهن کانپوءِ لکت جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وارو ڊرامو
ٿيندو آهي ۽ من پسند ماڻهن کي ڪامياب قرار ڏيئي انهن جي ڀرتي ڪئي ويندي آهي. ميرٽ
جي لتاڙ سبب سنڌ جا ڪيترائي نوجوان آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهن. جنهن سبب ڪيترائي
اهڙا واقعا رپورٽ ٿين ٿا. هڪ رپورٽ موجب گذريل 6 مهينن اندر سنڌ ۾ 350 کان وڌيڪ نوجوانن خودڪشي ڪئي آهي ۽ ان مان 90
فيصد آپگھات بيروزگاري سبب ٿيا آهن. اهي واقعا گھٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا
آهن ۽ بيروزگاري سبب نوجوان پنهنجا فرض وساري ويهندا آهن. بيروزگارن جي انهي فوج ۾
هر سال ڊگريون وٺي نڪرندڙ نوجوان بيروزگاري ۾
واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. انهيءَ جي ڪري ماڻهن جو تعليم طرف ڌيان گهٽجي وڃي
ٿو. اسان وٽ تعليم کي روزگار جو هڪ مکيه مقصد سمجھيو وڃي ٿو. جنهن گهر ۾ هڪ تعليم
يافته فرد اڳئي بيروزگار هوندو ته ٻئي کي اهو چئي خاموش ڪرايو ويندو ته وڏي ڪهڙا
ڦاڙا ماريا جو تون اڳتي پڙهڻ ٿو چاهين! انهيءَ جي ڪري تعليم خاص ڪري اعلى تعليم جو
رجحان معاشري مان گهٽجندو وڃي ٿو. ء سنڌ جي اندروني علائقن ۾ جيڪي ڳوٺاڻا علائقا
ھوندا آھن, اتي اڪٽر ھوٽلن ۾ رش ھوندي آھي ,اتان جاماڻھوپرائوٽيانجيادارن۾روزگارڪرڻ
بدران سڄو ڏينھنبناڪنھنمقصدجيھوٽلنتيفلمونءسنڌيڊراماڏسڻ۾مصروفھونداآھن.
جنھن سبب بيروزگاري جو انگ به وڌندو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ وڌندڙ
بدامني، لاقانونيت، ڌاڙا ء ڦرون, به بيروزگاريءَ جو ئي نتيجو آهن.سنڌ ۾ بروزگاري
جو ھڪ اھم ڪارڻ وفاقي حڪومتءسنڌحڪومت
جي عدم توجه به آھي . سنڌ حڪومت پاران سرڪاري نوڪريون گھٽ ڏيڻ ء سنڌ اندر
ترقياتي ڪمون به سست رفتاري سان شروع ڪرڻ ء ٻيا سوين مثال ملندا جن جي ڪري حڪومت
به سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۾ برابرجو ذميوار آھي.سنڌ اندر حڪومت پاران ترقياتي ڪمن
کي نظر انداز ڪرڻ سبب پڻ بيروزگاري وڌي رهي آهي، بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت
پاران صنعتي زون قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو جيڪو پڻ پورو ناهي ڪيو ويو.ء ٻئي
پاسي وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي پُٽ جھڙو سلوڪ ڪري رھي آھي ,سنڌ وفاق کي ساليانو
70 سيڪڙوڪمائي ڏئي ٿي پر سمورا وڏا ترقياتي منصوبا پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ هلي رهيا
آهن ۽ سنڌ ۾ تيل، گئس، بندرگاهون، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا هجڻ باوجود روڊ کنڊر آهن،
ڊرينيج تباهه آهي، پيئڻ جو پاڻي گٽر مليل بدبودارآهي، هزارين ڳوٺ ۽ علائقا گئس
سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهن. سياسي مفادن لاءِ ملڪي پئسو خرچ ڪرڻ بدران
ترقياتي ڪمن جي منصوبا بندي تي خرچ ڪيو وڃي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها.
صورتحال ايتري بدتر ٿي وئي آهي جو هاڻي
سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي، چند نوڪرين لاءِ هزارين اميدوار نڪري اچن ٿا. ان سبب
صنعتي ترقي به نه ٿي رهي آهي، حڪمرانن ۽
اعلي ادارن پاران سنڌ سميت ملڪ جي لکين ماهر شاگردن جو استعمال نه ڪرڻ سبب ملڪ
وڌيڪ پٺتي وڃي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي جھيڙا، فساد ۽ سياسي گهما گهمي پڻ وڌي رهي
آهي.حڪومت کي گھرجي ته بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن.
سنڌ جي هر ڊويزن ۾ صنعتي زون قائم ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. جيڪي
ادارا موجود آهن، انهن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي. ٻئي پاسي
سنڌ ۾ نوڪريون ڏيڻ وقت ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي ته نوڪريون وٺڻ وارا
حقيقي طور سنڌ جا رهاڪو آهن يا وري هٿرادو سنڌ جو ڊوميسائل ٺهرائي نوڪري پيا حاصل
ڪن، ڇو ته اڪثر طور سنڌ جي ڪوٽا تي ٻين صوبن جا نوجوان اهڙي ريت نوڪريون حاصل ڪرڻ
۾ ڪامياب پڻ وڃن ٿا.
حڪومت کي گھرجي ته
تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولتن لاءِ هر ڊويزن ۾ ميڊيڪل,انجنيئرنگ ء ٻيون يونيورسٽيون قائم ڪري. جنهن سبب روزگار جا موقعا به وڌندا ۽
نوجوان بهتر تعليم پڻ حاصل ڪري سگهندا. ان کان علاوه حڪومت نوجوانن جي سکيا جا
پروگرام پڻ شروع ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ نوجوان سکيا ڏئي به سگهندا ۽ وٺي به سگھندا.
ان لحاظ سان وفاقي حڪومت پاران خاموش تماشائي ٿيڻ بدارن پنهنجون ذميواريون ادا
ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ مان بيروزگاري جو جن غائب ٿي سگھي ۽ نوجوان هن ملڪ جي ترقي ۾
پنهنجو فرض سرانجام ڏئي سگهن.
سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ء ان جا ڪارڻ
ھن جديد دور ۾ جتي دنيا تيزي سان ترقي ڪري رھي
آھي ,اتي ائٽمي طاقت رکندڙ ملڪ پاڪستان اڃا تائين غربت ء بيروزگاري جھڙن مسئلن جي
ور چڙھيل آھي.دنيا ۾ اھڙا ملڪ آھن جن جي گھڻي ڀاڱي آبادي نوجوانن تي مشتمل ھوندي
آھي ,پاڪستان به نوجوانن جي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ملڪ آھي .هن
وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو تعداد نوجوانن جو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جنهن ملڪ ۾
نوجوانن جو وڏو انگ هوندو آهي اهو ملڪ دنيا اندر ترقيءَ جي راهن تي گامزن هوندو
آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي سياسي، اقتصادي، ذرعي، سائنسي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪرادر ادا
ڪندو آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ حقيقت ان جي ابتڙ آهي.ملڪ پاڪستان جيڪو بيروزگاري جو
شڪار آھي ء ان جي صوبي سنڌ جي ڳالهه ڪجي
ته سنڌ جيڪا تاريخ جي انتھائي مشڪل دور مان گذري پئي .سنڌ جا نوجوان به ڪنهن بهتر
صورتحال ۾ نظر نه ايندا.سنڌ جيڪو پھريان ئي بيشمار مسئلن کي منھن ڏيئي رھي آھي,سنڌ جي انھن انتھائي
پيچيده مسئلن ۾ بيروزگاري به اھم مسئلو بڻجي ويو آھي.سنڌ ۾
وڌندڙ بيروزگاري جنھن جي ڪري سنڌ جو ھر طبقو پريشاني ۾ مبتلا آھي, ان جا ڪيترائي ڪارڻ آھن پر سڀ کان اھم ء وڏو مسئلو
ميرٽ جي لتاڙ آھي .سنڌ ۾ موجود بيروزگارن مان وڏي اڪثريت تعليم يافته نوجوانن جي
آهي،سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ اهڙا نوجوان آهن جيڪي پنهنجي محنت سان رات ڏينهن هڪ
ڪري تعليم مڪمل ڪري مختلف تعليمي ادارن مان
ڊگريون وٺي نڪتا آهن ۽ هاڻ نوڪري جي لاءِ دربدر ٿيڻ انهن جو مقدر بڻجي ويو
آهي.سنڌ ۾ هن وقت بيروزگاري واري صورتحال
آهي، جيڪا نهايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي ٿي وئي آهي،
جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪا جاءِ خالي ٿئي ٿي ته اتي هزارين درخواستون پهچي وڃن ٿيون،
جيڪو انگ 10 کان 15 هزارن تائين به ڏسڻ ۾ آيو آهي. درخواست ڏيندڙن ۾ انجنيئرنگ ,يڊيڪل
ايم ايس سي، ايم اي، ۽ ايل ايل بي ء ٻين شعبن ۾ پاس اميدوار به شامل هوندا
آهن. جڏهن ته جاين جو انگ 50 کن مس هوندو آهي، جنهن کانپوءِ لکت جي ٽيسٽ ۽ انٽرويو
وارو ڊرامو ٿيندو آهي ۽ من پسند ماڻهن کي ڪامياب قرار ڏيئي انهن جي ڀرتي ڪئي ويندي
آهي. ميرٽ جي لتاڙ سبب سنڌ جا ڪيترائي نوجوان آپگھات ڪرڻ تي مجبور آهن. جنهن سبب
ڪيترائي اهڙا واقعا رپورٽ ٿين ٿا. هڪ رپورٽ موجب گذريل 6 مهينن اندر سنڌ ۾
350 کان وڌيڪ نوجوانن خودڪشي ڪئي آهي ۽ ان
مان 90 فيصد آپگھات بيروزگاري سبب ٿيا آهن. اهي واقعا گھٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن
وڌي رهيا آهن ۽ بيروزگاري سبب نوجوان پنهنجا فرض وساري ويهندا آهن. بيروزگارن جي
انهي فوج ۾ هر سال ڊگريون وٺي نڪرندڙ نوجوان بيروزگاري ۾ واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. انهيءَ جي ڪري ماڻهن جو
تعليم طرف ڌيان گهٽجي وڃي ٿو. اسان وٽ تعليم کي روزگار جو هڪ مکيه مقصد سمجھيو وڃي
ٿو. جنهن گهر ۾ هڪ تعليم يافته فرد اڳئي بيروزگار هوندو ته ٻئي کي اهو چئي خاموش
ڪرايو ويندو ته وڏي ڪهڙا ڦاڙا ماريا جو تون اڳتي پڙهڻ ٿو چاهين! انهيءَ جي ڪري
تعليم خاص ڪري اعلى تعليم جو رجحان معاشري مان گهٽجندو وڃي ٿو. ء سنڌ جي اندروني
علائقن ۾ جيڪي ڳوٺاڻا علائقا ھوندا آھن, اتي اڪٽر ھوٽلن ۾ رش ھوندي آھي
,اتان جا ماڻھو پرائوٽ يا نجي ادارن ۾ روزگار ڪرڻ
بدران سڄو ڏينھن بنا ڪنھن مقصد جي ھوٽلن
تي فلمون ء سنڌي ڊراما ڏسڻ ۾ مصروف ھوندا آھن. جنھن سبب بيروزگاري جو انگ به وڌندو
وڃي ٿو.
سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙا ء ڦرون,
به بيروزگاريءَ جو ئي نتيجو آهن.سنڌ ۾ بروزگاري جو ھڪ اھم ڪارڻ وفاقي حڪومت
ء سنڌ حڪومت جي عدم توجه به آھي . سنڌ
حڪومت پاران سرڪاري نوڪريون گھٽ ڏيڻ ء سنڌ اندر ترقياتي ڪمون به سست رفتاري سان
شروع ڪرڻ ء ٻيا سوين مثال ملندا جن جي ڪري حڪومت به سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۾
برابرجو ذميوار آھي.سنڌ اندر حڪومت پاران ترقياتي ڪمن کي نظر انداز ڪرڻ سبب پڻ
بيروزگاري وڌي رهي آهي، بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران صنعتي زون قائم ڪرڻ جو
واعدو ڪيو ويو هو جيڪو پڻ پورو ناهي ڪيو ويو.ء ٻئي پاسي وفاقي حڪومت سنڌ سان
ماٽيلي پُٽ جھڙو سلوڪ ڪري رھي آھي ,سنڌ وفاق کي ساليانو 70 سيڪڙوڪمائي ڏئي ٿي پر
سمورا وڏا ترقياتي منصوبا پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ هلي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ تيل، گئس،
بندرگاهون، ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا هجڻ باوجود روڊ کنڊر آهن، ڊرينيج تباهه آهي، پيئڻ جو
پاڻي گٽر مليل بدبودارآهي، هزارين ڳوٺ ۽ علائقا گئس سميت بنيادي سهولتن کان محروم
آهن. سياسي مفادن لاءِ ملڪي پئسو خرچ ڪرڻ بدران ترقياتي ڪمن جي منصوبا بندي
تي خرچ ڪيو وڃي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها. صورتحال ايتري بدتر ٿي وئي آهي
جو هاڻي سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي، چند
نوڪرين لاءِ هزارين اميدوار نڪري اچن ٿا. ان سبب صنعتي ترقي به نه ٿي رهي آهي، حڪمرانن ۽ اعلي ادارن پاران سنڌ
سميت ملڪ جي لکين ماهر شاگردن جو استعمال نه ڪرڻ سبب ملڪ وڌيڪ پٺتي وڃي رهيو آهي ۽
ٻئي پاسي جھيڙا، فساد ۽ سياسي گهما گهمي پڻ وڌي رهي آهي.حڪومت کي گھرجي ته
بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن. سنڌ جي هر ڊويزن ۾ صنعتي
زون قائم ڪري مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. جيڪي ادارا موجود آهن، انهن ۾
مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ کي ترجيح ڏني وڃي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ نوڪريون ڏيڻ وقت ان
ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي ته نوڪريون وٺڻ وارا حقيقي طور سنڌ جا رهاڪو آهن يا
وري هٿرادو سنڌ جو ڊوميسائل ٺهرائي نوڪري پيا حاصل ڪن، ڇو ته اڪثر طور سنڌ جي ڪوٽا
تي ٻين صوبن جا نوجوان اهڙي ريت نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ وڃن ٿا.
حڪومت کي گھرجي ته تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولتن
لاءِ هر ڊويزن ۾ ميڊيڪل,انجنيئرنگ ء ٻيون يونيورسٽيون قائم ڪري. جنهن سبب روزگار جا موقعا به وڌندا ۽
نوجوان بهتر تعليم پڻ حاصل ڪري سگهندا. ان کان علاوه حڪومت نوجوانن جي سکيا جا
پروگرام پڻ شروع ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ نوجوان سکيا ڏئي به سگهندا ۽ وٺي به سگھندا.
ان لحاظ سان وفاقي حڪومت پاران خاموش تماشائي ٿيڻ بدارن پنهنجون ذميواريون ادا
ڪيون وڃن ته جيئن ملڪ مان بيروزگاري جو جن غائب ٿي سگھي ۽ نوجوان هن ملڪ جي ترقي ۾
پنهنجو فرض سرانجام ڏئي سگهن.
Comments
Post a Comment