Ali Khan Gaju Article special assignment الھڏنو گجو


سماجي ۽ صحافتي شخصيت الھڏنو گجو

آرٽيڪل علي خان گجو رول نمبر 14 بي ايس پارٽ ٿري

اڄ اسين ھڪ اھڙي ارڏي اصول پرثت جو ذڪر ڪنداسين جنھن پڻ ھن عظيم خطي ٿر ۾ جنم ورتو.صحافت،سياست ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. اھو مانجھي مڻيادار مڙس مولوي الھڏنو جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشھور ٿيو. سنڌ جي ھن سپوٽ پٽ سن 1920ع ۾ تعلقي کپرو جي ڳوٺ باکريچي ۾جنم ورتو ننڍي ھوندي کان ئي پاڻ ٻين ٻارن کان مختلف ۽ ماٺيڻو ھوندو ھو. کيس ننڍي ھوندي مدرسي ۾ ديني تعليم لاءِ ڇڏيو ويو. ھن قليل عرصي ۾ قرآن شريف پڙھي ورتو، ان کان پوءِ ھو ديني علوم لاءِ مولوي محمد قاسم سڪريي صاحب وٽ عمرڪوٽ لڳ ويو. ان بعد مولوي محمد اڪرم صاحب وٽ ھالا شريف ۾ پڙيو جيڪو مولانا عبدالله سنڌي جو شاگرد به رھيو، ان بعد ٺيڙھي جي مدرسي مان فارغ ٿيو. مخدوم آف ھالا قبيلا مخدوم محمد زمان طالب المولي سندس ھم جماعت ھو. 

تعليم کان فراغت بعد ڪجھ عرصو ڪنڍير ۾ پڙھايو، اتي جا ڪافي مري سندس شاگرد رھيا آھن.پوءِ کپرو ۾ اچي رھائش اختيار ڪيائون ۽ اتي ڪپڙي جو ڪاروبار ۽ پوءِ کنڊ جو ڊپو کوليائون ان سان گڏوگڏ ھڪ سماجي ڪارڪن پڻ رھيا، سندس ذھانت ڏسي ان وقت جي ھڪ وڏي آفيسر وٽن ڪافي شرعي ۽ راڄوڻي فيصلا نبيرڻ لاءِ موڪليا. پاڻ انھن فيصلن کي احسن طريقي سان نبيريائون 
ان بعد پاڻ ھڪ اخبار جي نمائدگي ورتائون ۽ بھادري سان معاشرتي ناانصافين۽ براين ۽ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف کلي عام جھاد ڪندا رھيا ان دوران سندن دوستي ”حيرت“ اخبار جي ايڊيٽر برک صحافي علاوءٌ الدين سمون سان ٿي. ۽ پوءِ پاڻ ضلعي ليول تي ھڪ اخبار ”رضوان“ نالي سان جاري ڪئي ۽ پاڻ ان جا باني ايڊيٽر ھئا. ان اخبار سماجي ناانصافين خلاف باقاعده جنگ جوٽي. مولوي صاحب پنھنجي بي باڪي ۽ حق پرستي ڪري ھر دل عزيز ھئا. جلدئي گجو قبيلي جا کين پنھجو سردار منتخب ڪيائون. ۽ ڪجھ وقت پاڻ شھيد گجوراڻي جي مزار (عمرڪوٽ)تي ھڪ عظيم الشان ڪنوينشن ۾ پنھنجي گجو قبيلي جي پڳ ٻڌائون، پاڻ ھن قوم جي لاءِ اھا جدوجھد ڪئي جو قوم کيس اڄ به ياد رکندي اچي. 
پاڻ سياسي طور وڏا اثر رسوخ رکندا ھئا. سندن سياسي واسطو خان بھادر غلام محمد وساڻ سان ھو. سندن دوستي سنڌ جي نامياري سياستدان سان ھئي اولين گورنر سر غلام حسين ھدايت الله صاحب سان ھئي، شير سنڌ مير رسول بخش ٽالپر صاحب سان دوستي رھي. ان کان سواءِ سندن واسطو سابق وزير اعظم پاڪستان مرحوم محمد خان جوڻيجو سان سياسي طور سٺي دوستي ھئي. ان کانسواءِ سندن واسطو سابق صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، وڏيرو عبدالصمد ڪاڇيلو، حاجي محمد ابراھيم مومن، حاجي محمد مريد خاصخيلي ”سامارو“وارو محمد ھاشم گزدر ۽ سانگھڙ ضلعي جي نامياري سخي مرد چاچي محمد عثمان مري صاحب سان ھو.
بدين ضلعي جو مشھور عالم مولوي حاجي احمد ملاح به سندس دوست ھو ۽ وٽن تشريف فرما ٿيندو ھو. ان کان علاوه وقت جو مشھور بيورو ڪرپٽ انور عادل ڪمشنر ڪراچي ۽ محمد اقبال لوڌي سندن دوست رھيا. 
مولوي الھڏنو گجو وائسرا، ھندلارڊ مائونٽ بيٽن جي سنڌ جي تشريف آوري وقت به تقرير ڪئي. ان تقريب ۾ انائونسمنٽ ان وقت جي ڪليڪٽر حاجي محمد ھاشم ميمڻ ڪئي. سندن تقرير اھڙي جوشيلي ھئي جو لارڊ ڏاڍو متاثر ٿيو. پاڻ ھڪ فنڪشن ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ جي تقرير جي جواب ۾ تقرير ڪئي . جيڪا پڻ ڏاڍي متاثر ڪن ھئي. مولوي الھڏنو گجو ھڪ شعله بيان مقرر ھئا. 
پاڻ سوين بيروزگارن کي روزگارسان لڳايو. ان جو اڄ ڪلھ مثال ملڻ مشڪل آھي.اڄ به سندن ورزگار لڳايل ماڻھو وڏن عھدن تي آھن ته ڪي وري رٽائرڊ ٿي خوشحالي واري زندگي گذاري رھيا آھن. پاڻ ڪوآپريٽر سوسائٽي جا چئرمين به رھيا، تعلقي ڪائونسل جا ميمبر به رھيا، 

پاڻ غوثيه جماعت سان وابسطه رھيا.سندن طريقو سھروردي ھو. پاڻ حضرت پير شاھ مردان شاھ سڪندر علي شاھ پير صاحب پاڳارا جن جا والھانه عقيدتمند پڻ ھئا. 
مولوي صاحب جي زندگي ھڪ کليل ڪتاب وانگر آھي سندن بيباڪي جو ثبوت اُھي اخبارو آھن جن ۾ پاڻ سماجي براين سماجي دشمنن، جوارين، اسمگلرن جي نھايت بھادري سان نشاندھي ڪندا ھئا. پر افسوس جو سانگھڙ سيمينار ۾ به صحافت جي ھن سرواڻ تي اھو نه لکيو ويو. جيڪو ھن جو حق ھو. مولوي غريبن جا ھڏ ڏوکي يتيمن جا ٻار، مسڪينن جي محبتن جا سريل سمورن جو ستايل ۽ ڏکن جا ڏنڀيل ھئا. اڄ تائين پراڻا ماڻھو ۽ غريب ماروئڙا سندن ڪارنامن ۽ ڀلاين کي ياد ڪندا آھن. 
آخر 1972ع ۾ پاڻ ڪراچي ھئا ته مٿن اڌرنگي حملو ڪيو. پاڻ ساڻس گڏ آيل راشدي خاندان جي گوھر سائين نادرشاھ کان موڪلائي (غالبن ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪنھن ڪم سان ويل ھئا). کپرو لاءِ روانا ٿيا پورا چار سال بيماري جي بستري تي موت سان جنگ ڪندا رھيا ۽ نيٺ 19 آڪٽومبر 1976ع تي ھي صحافت سياست ۽ شجاعت جو ڏيئو اجھامي ويو. سنڌ ڌرتي ۽ ضلع سانگھڙ کي ھميشه پنھنجي نامور پٽن تي فخر رھندو.

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article