Basit Ali Rind Article,

Is this approved topic? pls let me know, and bring approval slip on Tuesday, i.e Oct 11


سنڌ جي نوجوانن جو معاشري ۾ ڪرد ار
Basit Ali Rind Roll No : 2K17-MC-26 BS Part 3 
نوجوان جو ٻيو نالو جوش ۽ جذبو ئي آهي هوئن به دنيا ۾ مشهور آهي ت پڙهيل لکيل نوجوان ئي ڪنهن به معاشري ۾ ترقي جي ضامن هوندا آهن ، معاشرو نوجوانن سان ڀريو پيو آهي  ۽ اهي
باشعور نوجوان  ئي  پنهنجي مسئلن جي حل لاء آواز اٿاريندا رهندا آهن جيڪو ترقي آفتا معاشري لاء سٺو اقدام آهي اسان جا نوجوان ايندڙ مستقبل جا روشن خيال ستارا هوندا  آهن جنهن ۾ هر ماڻهون  جي نظر هوندي آهي نوجوان ئي سٺي ۽ بري شي جو تاعين ڪندا آهن.
اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ نوجوان جو تعداد %60  کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڏسجي  ته سنڌ جا نوجوان اسان جي معاشري ۾  روشن ڏيئي جيئان  آهن ،ان جو ڪردار تمام گهڻي اهميت رکي ٿو اهو نوجوان معاشري جو سڌار بگاڙ پڻ آهن ، هڪ نوجوان جي سڌاري ۽  بگاڙ جو تعلق ان جي تربيت ۽ عمل  سان لاڳاپيل  آهي ، ۽ نوجوان  پڻ معاشري مان سکي پيو، جيڪڏهن ٻار جي تربيت سٺي ۽ مضبوط هوندي ته اهو ئي ٻار اڳتي هلي هڪ  سٺو ڊاڪٽر ، استاد ، اينجنيئر، ۽ هڪ سٺو سياستدان  ٿي ملڪ تي حڪمراني ڪري سگهي ٿو ان تربيت ۾ والدين کان پوء استاد ۽ استاد کان بعد  وڌيڪ اثر  ٻار  تي معاشري جو ئي آهي ،جنهن ۾ دوستي جو اثر  يا ته سڌاري يا بگاڙي ٿو ، منهنجي نظريي مطابق ڪڏهن به والدين يا استاد پنهنجي ٻار جو بگاڙ نه چاهيندا اهي هميشه چاهيندا ته  ان جو ٻار ڪتابن ۽ قلمن ۽ سٺي دوستي هيٺ هجن ڇو ته پنهنجي اصل منزل حاصل ڪرڻ لاء هميشه ڪتابن ۽ قلمن سان ماڻبي آهي ، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  نوجوان جو رجهان ڪتاب  ۽ قلم ڏانهن گهٽ ۽ ٻين غير معياري ڪمن ڏانهن تمام گهڻو آخر ڇو آهي .؟
مڃون ٿا ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ آهي سنڌ جا هزارين نوجوان  آهن جيڪي پنهنجي محنت سان رات ڏينهن  هڪ ڪري پڙهائي مڪمل ڪري هن وقت نوڪرين جي تلاش ۾ آهن ، جيڪڏهن ڪنهن به اخبار ۾ نوڪرين جي ڪٽينگ ايندي آهي ته هميشه غريب ۽ بي پهچ نوجوان بجائي هڪ سرندي واري ماڻهو پٽ يا ان جي ڪنهن  ويجهي عزيز  کي نوڪري  ملندي آهي  جنهن کي پنهنجي صحيح به نه ڪرڻ ايندي آهي  افسوس ... ڇا  اڄ هميشه سنڌ ۾ ائين ئي ٿيندو رهندو،جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته  سنڌ جا پڙهيل لکيل محنتي نوجوان  پڙهائي تان هٿ ئي کڻي ويندا..ڇو ته  هڪ غريب  پورهيت پنهنجي اولاد کي پورهيو  ڪري پڙهائي ۽ ان جي نتيجي ۾ ان جي نوجوان پٽ کي ميرٽ تي نوڪري نه ملي ته ان پيء جي اڳيان ڇا هوندو..؟ اهو منظر ڪهڙو    هوندو اهو صرف هڪ  غريب ڄاڻي  سگهي ٿو .
اڄ سنڌ ۾ غريب نوجوان کي معاشري جو هر فرد نفرت سان ٿو ڏسي چاهي اهو پڙهيل ڇو نه هجي ڇو ته اڄ صرف هتي امير ماڻهو کي عزت ڏني ويندي آهي چاهي اهو پڙهيل ئي نه هجي ان جي معاشري ۾ هر فرد نوڙت سان پيو پيش ايندو    پوء نتيجي ۾ سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان غلط ڪمن تي لهي پوندو اهو به صدمو ان جي والدين کي جن پنهنجي پگهر مان رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي نوجوان پٽ کي پڙهايو ..؟ اڄ سنڌ جا ڪيترائي  پڙهيل نوجوان روڊن رستن تي ڀٽڪندي ڏسون ٿا ،ڪي هوٽلن تي ڪم ڪندي ،ڪي تغاري جو ڪم ڪندي ،تي ڪي وري پنڻ تي مجبور آهن .
انهن نوجوانن کي جڏهن آئون  ڏسندو آهيان ته اکين ۾ لڙڪن جو سمند تري ايندو آهي، آئون به محنتي  پيء جو پٽ آهيان .
سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري سنڌ جا ڪيترائي نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن سنڌ ۾ روزانه ڪيترائي خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا اهي واقعا گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ بيروزگاري جي ڪري نوجوان پنهنجا فرض ويساري ويهندا آهن ، نه ته نوجوان سنڌ ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا جن سان تاريخ ٺهي سگهجي ٿي .
Name : Basit Ali Rind
Roll No: 2K17/MC/26
CLASS:       BS Part 3

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article