Feature shehnaz chandio

Pls write ur name in Sindhi also, roll number, and category of writing in the file name and also in the file with text.
Otherwise it will be lost in final assessment.
This time its ok. keep in mind next time

A feature is always reporting based and basic purpose of feature is to entertain, therefore it is writing in entertaining and interesting manner. Ur piece does not fall in that category.

ميمز
جيئن ته اڄ ڪلهه جي دور ۾ سوشل ميڊيا تي ميمز فوٽو تي ڪاميٽي جام پئي ٿئي ۽ ان کي اڄ ڪلهه جا ٻار توڙي ننڍا وڏا ان ميمز کي پسند ڪري رهيا آهن ۽ ان مشڪري مان لفظ انداز ٿي رهيا آهن. اهي ميمز سوشل ميڊيا فيس بڪ، انسٽاگرام، ٽوئيٽر ۽ واٽس اپ تي عام جام پيون هلن. اهي ميمز سوشل ميڊيا تي اسان جي زندگيءَ ۾ انٽرٽينمينٽ جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
اهي ميمز نه فقط انٽرٽينمينٽ جي لاءِ آهن پر انهن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي مشڪري، مذاق ۾ اهم پيغام به ماڻهن تائين پهچايو وڃي پيو. ڪشف ۽ نيبيءَ واريون ميمز اڄ ڪلهه نوجوانن تي پيار جو مذاق اڏايو پيو وڃي. مذاق مذاق ۾ اڄ جي نوجوانن جو بچپنو پيو ڏيکاريو وڃي جيڪو پڙهائي کان هٽي ڪري انهن چڪرن ۾ پيا پون.
زرياب پٽس به هڪ ميمز ٺاهيندڙ نوجوان آهي اهو پنهنجي ميمز ۾ مشڪري مذاق سان گڏو گڏ اهم پيغام به ماڻهن تائين پهچائي ٿو. ڏٺو وڃي ته اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا تي انٽرٽينمينٽ کي وڌيڪ پسند ڪيو پيو وڃي ۽ منهنجي خيال ۾ ميمز هڪڙو مين سورس آهي انٽرٽينمينٽ جو. سوشل ميڊيا تي ميمز کي فالو ڪندڙ لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو آهن. ڀلي ميمز جي ذريعي جيڪو پيغام ماڻهن تائين مذاق مذاق ۾ پهچي ٿو اُن تي ڪو خاص ايڪشن نه پيو ورتو وڃي پر انهن ميمز جي ذريعي اهو پيغام لکن ڪروڙن ماڻهن جي نظرن تائين پهچايو پيو وڃي. انهن ميمز جي ذريعي موجوده دور جي حالات کي ۽ حڪومت کي به بيان ڪيو پيو وڃي پر ماڻهو ان سڀني شين کي مذاق مذاق ۾ پنهنجي نظرن تان هٽائي پيا ڇڏين، ڏسي به اڻ ڏٺو پيا ڪن. اڄ ڪلهه جي نوجوانن جو سوشل ميڊيا تي ڪلاڪن منهن گذارڻ جي وجه اهي ميمز آهن. هڪ فوٽو يا ويڊيو جي مدد سان اسان هڪ ئي ڏينهن ۾ پوري دنيا ۾ مشهور به ٿي ٿا سگهون. ميمز جو اصل مقصد ڪنهن جي نقل ڪرڻ آهي ۽ ان کي پنهنجي پنهنجي نظريي سان ڏيکارڻ آهي. ميمز جو آغاز مشهور رائيٽر رچرڊ ڊائوڪنس پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو هو. اُن پنهنجي ڪتاب ۾ ميمز الفاظ ستعمال ڪيو هو جنهن جي معنيٰ ڪنهن جي نقل ڪرڻ آهي ميمز اسان جي خيالات کي مضبوط ڪندو آهي ڪنهن به نظريي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا پئي ڪري. ميمز ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ تمام معمولي شئي نظر پئي اچي پر ان جو اثر نوجوانن جي ذهنن تي تمام برو به ثابت ٿي ٿو سگهي، ڪو عام انسان اگر ڪنهن اهم مقصد تي ڳالهائي رهيو آهي ۽ ان جي ڪنهن حرڪت تي ميمز ٺاهي وڃي ته ان جو دنيا ۾ مذاق ٺهي ويندو ۽ پوءِ عام عوام ان انسان جي ڪنهن به ڳالهه کي سيريس نه وٺندي ۽ ان جي هر اهم ڳالهه کي مذاق ۾ اُڏايو ويندو. ميمز اڄ ڪلهه مذهب تي به ٺاهيون پيو وڃن جنهن جو مشهور مثال نيپالي ذاڪر (ضمير حيدر) صاحب آهن هي اهل شيعت جو تمام وڏو ذاڪر آهي ان جي ڪجهه ڳالهين ۽ بيانن ان کيسوشل ميڊيا تي اهڙو ته مشهور ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي ان جي سڃاڻپ هاڻي فقط هڪ مذاق جي صورت ۾ رهجي وئي آهي. اسان جو ڪو خيال فوٽو يا ڪو ڪمينٽ به ميمز جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ توهان کي راتو رات سيليبريٽي يا هڪ مذاق بڻائي سگهي ٿو.
سياست تي به ميمز جو وڏو اثر پوي ٿو. ان جو وڏو مثال انڊين نيشنل ڪانگريس جو ليڊر راهول گاندهي کي چئي سگهجي ٿو. 2015 جي اليڪشن کان پهريان راهول گاندهي جي چيل ڪجهه ڳالهين جون مذاق ميمز جي صورت ۾ وائرل ٿيون، ان جي ڪري راهول گاندهي پوري انڊيا نه پر پوري دنيا جي نظر ۾ هڪ مذاق بنجي ويو. پاڪستان ۾ بلاول ڀٽو جون ڪجهه ڳالهيون اڪثر ڪري ميمز جي صورت ۾ نظر اينديون آهن. شايد ان ڪري عام عوام ان جي ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان نه پئي وٺي.
ڪجهه ميمز ماڻهن جي احساسن ٺيس پهچائينديون آهن.. اڪثر ڪري سوشل ميڊيا کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي يا رپورٽ ڪيو ويندو آهي. ان ڪري سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ وارن کي گهرجي ته اهڙا ويڊيو يا فوٽو ميمز جي صورت ۾ وائرل نه ڪيا وڃن جن سان ڪنهن انسان جي دل آزاري ٿئي.

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article