Mudasir Chnadio Profile آر جي امير بخش


Filed Late
Foto on mail
ريڊيو جي دنيا ۾ پرڪشش آواز جو مالڪ،
آر جي امير بخش
                              نالو محمد مدثر چانڊيو.
                               رول نمبر 130.
                                ٽوڪي سيونٽين ايم سي
آواز جي دنيا ۾ هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندو آهي، ڇو ته ڳائڻ به هڪ فن آهي. اسان هتي ڳائڻ جي ڳالھ ڪيون ته بلڪل هر ماڻهون پنهنجي فن جي ذريعي مختلف انداز سان ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مقناطيس وانگر ڇڪيندو آهي. آواز هڪ قدرتي ڏات آهي اها قدرتي ڏات هر هڪ ماڻهون کي سمائجي ته نٿي سگهي، پر اهي ماڻهون تمام گهٽ هوندا آهن جيڪي آواز ذريعي پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪندا آهن. پوءِ کڻي ان جو تعلق ڳائڻ سان هجي، خبرن جي دنيا ۾ هجي، يا وري ميزباني سان هجي، توڙي ريڊيو جي دنيا سان  وابسطه ڇو نه هجي، پر اهي ماڻهون پنهنجي فن جي ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي هميشه جي لاءِ دفن ٿي وڃن ٿا.                                                               
ته ائين ئي ريڊيو جي دنيا ۾ به پرڪشش آواز رکندڙ پنهنجي آواز وسيلي پوري سنڌ ۾ ريڊيو جي مائيڪ تي پنهنجي مٺي گفتار ماڻهن تائين پهچائي ٿو، سون ماڻهن مان هڪ اعليٰ ڪردار رکندڙ، آر جي امير بخش، آر جي امير بخش جو جنم 1_1_1981ع  تي پنهنجي والد پير بخش جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي ضلعي ميرپور خاص ڳوٺ شيرواھ سان آهي.پاڻ ابتدائي تعليم جي شروعات گورنمينٽ پرائمري فيض محمد مري شيرواھ ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ به ساڳي ئي ڳوٺ مان ڪئي.انٽر  گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جهڙپي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ، ايم ايڊ ڪئي. ان کانپوءِ ريڊيو جي دنيا ۾ 2003ع کان پنهنجي ڪيرئير جي شروعات ڪئي سڀ کان کان پهريان ايف ايم 91 کي جوائن ڪيو، بحثيت آر جي، سندس پهريون مشهور پروگرام سهانا سفر هيو، جيڪو سنڌ جي شهر جي ٽنڊو آدم جي سرزمين تان هر هفتي جمعي ڇنڇر تي لائيو نشر ٿيندو هيو.                
ان کان بعد 2005ع ۾ ايف ايم 88.8 ميرپور خاص بطور آرجي ۽ مارڪيٽنگ مينيجر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. مارڪيٽنگ جي ڪم سان گڏوگڏ پروگرام به ڪين، جيڪو اندروني سنڌ جي اسٽيشن تي رات جو 10 کان 12 تائين نشر ٿيندو رهيو. پروگرام ؛رات جا راهي، ان پروگرام ايتري ته مقبوليت ماڻي جو پنهنجي زندگيءَ ۾ اها هڪ وڏي ڪاميابي ماڻي. ايف ايم 88.8 تي پاڻ 13 سال خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن ۾ آرجي ۽ مارڪيٽنگ سيلز ۽ ان کان علاوه پاڻ اسٽيشن مينيجر به رهيا، سندس استاد  سنڌ جا مشهور آر جي قادر ڪلهوڙو، ۽ سيد شبير شاھ، آهن، پاڻ ادب ۾ به بي پناھ چاھ رکندڙ آهن. جنهن ۾ سنڌي جا ڪيترائي ادبي ڪتاب توڙي اردو ادب سان پڻ شوق رکندڙ آهن.
سندس جو چوڻ آهي ته هن دنيا ۾ ريڊيو کي ٻڌندڙ ماڻهون تمام گهٽ آهن، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترائي سال اڳ جيڪا ريڊيو کي پذيرائي هئي، اها هينئر بلڪل گهٽ آهي، پر ريڊيو کي اڄ به ماڻهون وڏي چاھ سان ٻڌن ٿا اچن. هن دور ۾ ڪيترائي اهڙا نوجوان جن کي صحيح معنيٰ ۾ پليٽ فارم ناهي مليل هوندو. سندس نواجوانن جي باري ۾ چوڻ آهي ريڊيو جي دنيا ۾ به هر هڪ ماڻهون پروگرام ڪرڻ جي لاءِ منتظر هوندو آهي، پر جڏهن اهي ماڻهون مائيڪ تي ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن  ته انهن کي حقيقي دنيا کان ڪجھ ٻيو لڳندو آهي.ڇو ته ٽيلويزن ۽ آيوڊيو ۾ وڏو فرق آهي.جڏهن ڪيمرا جي اک ۾ ڳالهائڻ ته آسان هوندو آهي پر ريڊيو جي مائيڪ تي پهريان ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. جيڪي اڄ به ماڻهون  ريڊيو سان چاھ رکندڙ آهن، يا ريڊيو جي دنيا سان وابسطه ٿيڻ چاھن ٿا. انهن کي سڀ کان پهريان تعليم تي توجھ ڏيڻو پوندو، ۽ جيڪي نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ريڊيو جي مائيڪ تي پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائڻ چاهن ٿا ته انهن کي سڀ پهريان سنڌي لٽريچر، اردو لٽريچر، ادبي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ته جيئن اهي دنيا تائين ريڊيو جي مائيڪ تي صحيح معلومات ڏئي سگهن، ۽ عوام کي به پاڻ طرف مائل ڪري سگهن.   
آر جي امير بخش ريڊيو جي دنيا ۾ ڪيترائي سال پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس محنت اڄ به جاري ساري آهي، پاڻ هاڻي ڄامشورو شهر جي پٿريلي ڌرتي تي پنهنجا نرم پير کڻي ڪري ايف بز 99.4 سان وابسطه آهن. بطور اسٽيشن مينيجر ۽ آر جي، هن وقت مشهور پروگرام محفلِ شب  ڪري رهيا آهن. پنهنجو آواز ڄامشورو ايف ايم بز تان اڄ به نشر ٿيندو رهي ٿو. سندس ماڻهون اڄ به آواز جا منتظر هوندا آهن. شال دعا آهي ته پنهنجي فن ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابي ماڻي.
                              نالو محمد مدثر چانڊيو.
                               رول نمبر 130.
                                ٽوڪي سيونٽين ايم سي

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article