Zubair Ahmed Sindhi Late

سنڌ ۾ نواجون بيروزگاري جي ور چڙهيل
ڪنهن به قوم جو نوجوان طبقو انهيءَ قوم جي وڏي طاقت هوندو آهي. اهو نوجوان طبقو اگر چاهي ته پنهنجي جدوجهد ۽ علمي شعور ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿو، پر ان لاءِ اڄ جي نواجوان ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ، ۽  اها تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن نوجوانن ۾ تعليمي رجحان  وڌ کان وڌ هجي. پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن چند ملڪن مان ٿئي ٿو، جن جي آبادي جو گهڻو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آهي. هن وقت اسان جي ڪل آباديءَ جو تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو نواجوانن تي ٻڌل آهي. اهڙو زبردست شمار برطانيا جهڙا ترقي يافته ملڪ به نٿا رکن.
جيڪڏهن ڳالھ ڪجي  سنڌ صوبي جي ته سنڌ ۾ تقريبن 46 يونيورسٽيون آهن، جن ۾ 29 پرائيوٽ ۽ 17 گورنمينٽ آهن، جن ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ادارا آهن  جيئن انجنيئرنگ،  لا ڪاليجون، ميڊيڪل يونيورسٽيون، لٽريچر ادب سان لاڳاپيل ۽ جنرل يونيورسٽيون موجود آهن. جتان هر سال هزارين شاگرد ڊگريون مڪمل ڪن ٿا.پر انهن لاء روزگار جا بهتر موقعا نه هجڻ جي برابر آهن. ان ڪري نوجوان بيروزگاري جي ور چڙهيل آهن. ڇو ته اسان وٽ ادارا ته تمام گهڻا ٿي ويا آهن پر انهن ادارن مان نڪرندڙ هزارين شاگردن لاء اسان وٽ روزگار يا نوڪريون نه آهن.
سنڌ جي ٽوٽل آبادي مان پنج سيڪڙو نوجوان بيروزگار آهن .جن ۾ يونيورسٽين مان ڊگري يافته نوجوان شامل آهن .سنڌ ۾ تقريبن 97،222 ڊگري يافتا نوجوان بيروزگار آهن جن ۾ 53،673 مرد ۽ 43،549عورتون شامل آهن جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ 500،000ڊگري يافتا نوجوان بيروزگاري ۾ ورتل آهن . بيروزگاري جو اهڙو تناسب تمام وڏو آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي لاء  هڪ وڏو نقصان آهي .اگر حڪومت وٽ انهن نوجوانن لاء ڪوبه بهتر روزگار نه هوندو ته مستقبل ۾ اهو تناسب اڃا وڌندو ويندو . سنڌ ۾ نوجوانن لاء روزگار جا ايترا بهتر موقعا ڪونه آهن جنهن جي ڪري يونيورسٽين  مان ڊگري يافته نوجوان بيروزگار آهن جنهن  وٽ ڪوبه ڪم نه آهي.
سنڌ جي نوجوانن ۾ ڪافي ٽيلنٽ موجود آهي پر ڳالهه وري اها پئي اچي ته انهن کي پنهنجي ٽيلنٽ کي ظاهر ڪرڻ واري خاصيت  موجود نه آهي .نوجوانن ۾ صلاحيتون ته موجود آهن پر انهن صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ  لاء انهن وٽ اهڙا پليٽ فارم گهٽ آهن جتي هو پنهنجو پاڻ کي مڃرائي سگهن . نتيجي ۾ ڊگريون ڪرڻ کانپوء به انهن نوجوانن وٽ ايترو تجربو ڪو نه هوندو آهي جو هو ڪو ڪاروبار ئي ڪري سگهن ان ڪري اهي بيروزگار هوندا آهن .نوجوانن ۾ ئي ڪيريئر ڪائونسلنگ تمام ضروري آهي ڇو جو ان سان شاگردن کي هڪ رستو ملي ٿو ته انهن  کي اڳتي هلي مستقبل ۾ ڪهڙا موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا.
بيروزگاري جو  سڀ کان وڏو سبب ميرٽ جي لتاڙ آهي اسان وٽ پڙهيل لکيل ڊگري يافته نوجوان ته آهن پر انهن جو حق وري ڪو ٻيو کائي وڃي ٿو .اگر ڪنهن به اداري اندر  ڪا خالي جڳهه اچي ٿي ته ان ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز  ڪري وري پنهنجي پسند جي ڪنهن ماڻهون کي رکيو وڃي ٿو .نتيجو اهو نڪري ٿو ته اسان وٽ بيروزگاري جي شرح وڌندي وڃي ٿي ۽ اسان جا نوجوان مايوس ٿي ڪري ويهي رهن ٿا .بيروزگاري جو ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ تعليمي نصاب تمام گهڻو پراڻو آهي جنهن جي ڪري نوجوانن کي سائنس جي ڄاڻ گهٽ آهي ۽ اڳتي هلي انهن لاء تمام وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون ۽ اهي وڏن ادارن کان محروم رهجي وڃن ٿا .
وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي .اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سماجي برائين ۾ واڌ اچي ٿي ،اهو ڪجهه حد تائين بيروزگاري ۾ واڌ جي ڪري ئي ٿيو آهي ،ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ڪيترن ئي سماجي برائين کي جنم ڏئي ٿي .هڪ نوجوان جيڪو محنت  ڪري ٿو ته پنهنجو مستقبل بهتر کان بهتر بڻائي سگهي ،پر بيروزگاري جي وڌندڙ شرح  سبب  هو ائين نه ٿو ڪري سگهي .انهي ذهني دباء ۾ اچي ڪري هو سماج کان باغي ٿي وڃي ٿو ،۽ مختلف قسم جون سماجي برائيون ڪندو  رهي ٿو . ڪڏهن ڪڏهن  اهو ذهني دباء ان حد تائين وڌي وڃي ٿو جو هو مرڻ ۽ مارڻ لاء به تيار رهي ٿو ،خودڪشي ۽ قتل جهڙا ڏوهه ڪرڻ کان به باز نه ٿو اچي .اڄ اسان اهڙي پهاڙ تي بيٺا آهيون جتان هڪڙي راهه باهه طرف وڃي ٿي  ۽ ٻي سمنڊ طرف ، فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته اسين ڪهڙي راهه طرف وڃو ٿا . يقينن اسان کي ان راه طرف وڃڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي بقا جو گهڻي ڀاڱي چانس هجي .

Name :  Zubair Khuhro
Roll No : 2K17/MC/155
BS :      Part 3

Article, feature ? what it is?
Write ur name in medium in which u r writing in text file

Roll No : 2K17/MC/155

سنڌ ۾ نواجون بيروزگاري جي ور چڙهيل
ڪنهن به قوم جو نوجوان طبقو انهيءَ قوم جي وڏي طاقت هوندو آهي. اهو نوجوان طبقو اگر چاهي ته پنهنجي جدوجهد ۽ علمي شعور ذريعي قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿو، پر ان لاءِ اڄ جي نواجوان ۾ ليڊرشپ ڪوالٽي جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ، ۽  اها تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن نوجوانن ۾ تعليمي رجحان  وڌ کان وڌ هجي. پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن چند ملڪن مان ٿئي ٿو، جن جي آبادي جو گهڻو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آهي. هن وقت اسان جي ڪل آباديءَ جو تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو نواجوانن تي ٻڌل آهي. اهڙو زبردست شمار برطانيا جهڙا ترقي يافته ملڪ به نٿا رکن.
جيڪڏهن ڳالھ ڪجي  سنڌ صوبي جي ته سنڌ ۾ تقريبن 46 يونيورسٽيون آهن، جن ۾ 29 پرائيوٽ ۽ 17 گورنمينٽ آهن، جن ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ادارا آهن  جيئن انجنيئرنگ،  لا ڪاليجون، ميڊيڪل يونيورسٽيون، لٽريچر ادب سان لاڳاپيل  ۽ جنرل يونيورسٽيون موجود آهن. جتان هر سال هزارين شاگرد ڊگريون مڪمل ڪن ٿا.پر انهن لاء روزگار جا بهتر موقعا نه هجڻ جي برابر آهن. ان ڪري نوجوان بيروزگاري جي ور چڙهيل آهن. ڇو ته اسان وٽ ادارا ته تمام گهڻا ٿي ويا آهن پر انهن ادارن مان نڪرندڙ هزارين شاگردن لاء اسان وٽ روزگار يا نوڪريون نه آهن.
سنڌ جي ٽوٽل آبادي مان پنج سيڪڙو نوجوان بيروزگار آهن .جن ۾ يونيورسٽين مان ڊگري يافته نوجوان شامل آهن .سنڌ ۾ تقريبن 97،222 ڊگري يافتا نوجوان بيروزگار آهن جن ۾ 53،673 مرد ۽ 43،549عورتون شامل آهن جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ 500،000ڊگري يافتا نوجوان بيروزگاري ۾ ورتل آهن . بيروزگاري جو اهڙو تناسب تمام وڏو آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي لاء  هڪ وڏو نقصان آهي .اگر حڪومت وٽ انهن نوجوانن لاء ڪوبه بهتر روزگار نه هوندو ته مستقبل ۾ اهو تناسب اڃا وڌندو ويندو . سنڌ ۾ نوجوانن لاء روزگار جا ايترا بهتر موقعا ڪونه آهن جنهن جي ڪري يونيورسٽين  مان ڊگري يافته نوجوان بيروزگار آهن جنهن  وٽ ڪوبه ڪم نه آهي.
سنڌ جي نوجوانن ۾ ڪافي ٽيلنٽ موجود آهي پر ڳالهه وري اها پئي اچي ته انهن کي پنهنجي ٽيلنٽ کي ظاهر ڪرڻ واري خاصيت  موجود نه آهي .نوجوانن ۾ صلاحيتون ته موجود آهن پر انهن صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ  لاء انهن وٽ اهڙا پليٽ فارم گهٽ آهن جتي هو پنهنجو پاڻ کي مڃرائي سگهن . نتيجي ۾ ڊگريون ڪرڻ کانپوء به انهن نوجوانن وٽ ايترو تجربو ڪو نه هوندو آهي جو هو ڪو ڪاروبار ئي ڪري سگهن ان ڪري اهي بيروزگار هوندا آهن .نوجوانن ۾ ئي ڪيريئر ڪائونسلنگ تمام ضروري آهي ڇو جو ان سان شاگردن کي هڪ رستو ملي ٿو ته انهن  کي اڳتي هلي مستقبل ۾ ڪهڙا موقعا فراهم ٿي سگهن ٿا.
بيروزگاري جو  سڀ کان وڏو سبب ميرٽ جي لتاڙ آهي اسان وٽ پڙهيل لکيل ڊگري يافته نوجوان ته آهن پر انهن جو حق وري ڪو ٻيو کائي وڃي ٿو .اگر ڪنهن به اداري اندر  ڪا خالي جڳهه اچي ٿي ته ان ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز  ڪري وري پنهنجي پسند جي ڪنهن ماڻهون کي رکيو وڃي ٿو .نتيجو اهو نڪري ٿو ته اسان وٽ بيروزگاري جي شرح وڌندي وڃي ٿي ۽ اسان جا نوجوان مايوس ٿي ڪري ويهي رهن ٿا .بيروزگاري جو ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ تعليمي نصاب تمام گهڻو پراڻو آهي جنهن جي ڪري نوجوانن کي سائنس جي ڄاڻ گهٽ آهي ۽ اڳتي هلي انهن لاء تمام وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون ۽ اهي وڏن ادارن کان محروم رهجي وڃن ٿا .
وسيلن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي . اسان وٽ ڏينهون ڏينهن سماجي برائين ۾ واڌ اچي ٿي ،اهو ڪجهه حد تائين بيروزگاري ۾ واڌ جي ڪري ئي ٿيو آهي ،ڇاڪاڻ ته بيروزگاري ڪيترن ئي سماجي برائين کي جنم ڏئي ٿي .هڪ نوجوان جيڪو محنت  ڪري ٿو ته پنهنجو مستقبل بهتر کان بهتر بڻائي سگهي ،پر بيروزگاري جي وڌندڙ شرح  سبب  هو ائين نه ٿو ڪري سگهي .انهي ذهني دباء ۾ اچي ڪري هو سماج کان باغي ٿي وڃي ٿو ،۽ مختلف قسم جون سماجي برائيون ڪندو  رهي ٿو . ڪڏهن ڪڏهن  اهو ذهني دباء ان حد تائين وڌي وڃي ٿو جو هو مرڻ ۽ مارڻ لاء به تيار رهي ٿو ،خودڪشي ۽ قتل جهڙا ڏوهه ڪرڻ کان به باز نه ٿو اچي .اڄ اسان اهڙي پهاڙ تي بيٺا آهيون جتان هڪڙي راهه باهه طرف وڃي ٿي  ۽ ٻي سمنڊ طرف ، فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته اسين ڪهڙي راهه طرف وڃو ٿا . يقينن اسان کي ان راه طرف وڃڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي بقا جو گهڻي ڀاڱي چانس هجي .

 Name :  Zubair Khuhro
Roll No : 2K17/MC/155
     BS :      Part 3

Comments

Popular posts from this blog

Aleena Jokhio article

قاسم آباد ۾ گندگي جا ڍير

Basit Ali Rind Article