Ali Ahmed Chhachhar article
ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس کان علاوه ميڊيڪل شاگردن لاءِ ڪهڙا موقعا ٿي سگهن ٿا؟ علي احمد ڇڇر پاڪستان ۾ اڪثر شاگردن جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ شعبي ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو آهي، خاص ڪري ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڇوڪرين جي گهڻي دلچسپي رهي آهي ڇاڪاڻ جو انجنيئرنگ ۾ ڇوڪرا پنهنجي پاڻ کي تمام بهتر سمجهن ٿا ۽ ڇوڪريون سمجهن ٿيو انجنيئرنگ جا شعبا انهن لاءِ نه پر ڇوڪرن لاءِ بهتر آهن. اڪثر ميڊيڪل جي شاگردن جو ذهن ٺهيل هوندو آهي ته اسين ڊاڪٽر ٿيون ۽ انهن جي دماغ تي اهيو جنون ۽ جذبو هوندو آهي ۽ اهي ميڊيڪل جو امتحان ڏيندا آهن جڏهن انهن مان ڪيترائي شاگرد پاس نه ٿي سگهندا آهن ته اهي ڊپريشن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪجھ اهڙا قدم کڻندا آهن جن جو نتيجو ڀيانڪ هوندو آهي. اهڙا ڪيترائي ڪيس اکين جي سامهون ٿي گذريان آهن. شاگردن جو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ محنت جدوجهد هوندي آهي انهيءِ ڳالھ کان انڪار نه آهي ان جو مطلب اهيو نه آهي ته ميڊيڪل ئي دنيا جو پهريون ۽ آخري شعبو آهي. ڊاڪٽر جي سماج ۾ اهم حيثيت هوندي آهي. ڊاڪٽري کان علاوه دنيا ۾ ٻيا به کوڙ سارا شعبا آهن. اهيا ڳالھ انهن شآگردن کي سمجھڻ گهرجي ته هڪ دفعو پاس نه ٿي سگهيو ته ٻيه...